آستر 5:2 - Muslim Sindhi Bible2 جڏهن شهنشاهہ راڻي آستر کي ايوان جي آڏو بيٺل ڏٺو، تڏهن هو راڻيءَ تي مهربان ٿيو ۽ سندس هٿ ۾ جيڪا سوني شاهي لٺ هئي سا آستر ڏانهن وڌايائين. آستر اڳتي وڌي اچي لٺ جي چوٽيءَ کي ڇهيو. Faic an caibideilSindhi Bible2 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ راڻي آستر کي ايوان ۾ بيٺل ڏٺو، تڏهن هن سندس نظر ۾ ڏاڍو مانُ لڌو: ۽ بادشاهہ سوني لٺ، جا هٿ ۾ هيس سا کڻي آستر ڏانهن جهليائين. تڏهن آستر ويجهو اچي لٺ جي چوٽيءَ کي هٿ لاتو. Faic an caibideil |
”شهنشاهہ جا سڀيئي عملدار ۽ شاهي صوبن جا سڀيئي ماڻهو چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا تہ ڪوبہ مرد يا ڪابہ عورت، جيڪڏهن بنا گھرائڻ جي شهنشاهہ جي درٻارِخاص ۾ لنگھي ايندو تہ انهيءَ جي لاءِ رڳو هڪڙو ئي قانون آهي تہ کيس قتل ڪيو وڃي. سواءِ ان جي جنهن ڏانهن پاڻ شهنشاهہ پنهنجي سوني شاهي لٺ ڊگھيري تہ انهيءَ کي جيئدان ملي. پر مهينو ٿيندو جو شهنشاهہ مون کي پاڻ وٽ ڪين گھرايو آهي سو آءٌ وٽس ڪيئن وڃان؟“