Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




آستر 4:8 - Muslim Sindhi Bible

8 بلڪ مردڪئيءَ کيس ان لکيل حڪم جو نقل بہ ڏنو جيڪو يهودين جي ناس ڪرڻ جي لاءِ سوسن شهر مان پڌرو ڪيو ويو هو. هن کيس چيو تہ هو اهو راڻي آستر کي ڏيکاري ۽ حال احوال بيان ڪري ٻڌائيس ۽ کيس تاڪيد ڪري تہ هوءَ شهنشاهہ وٽ وڃي پنهنجيءَ قوم جي پاران کيس منٿون ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 بلڪ لکيل حڪم، جو هنن کي ناس ڪرڻ جي لاءِ سوسن ۾ پڌرو ڪيو ويو هو، تنهن جو نقل بہ ڏنائينس تہ آستر کي ڏيکاري ۽ احوال بيان ڪري ٻڌائي؛ ۽ تاڪيد ڪريس تہ بادشاهہ وٽ وڃي منٿ آزي ڪري، ۽ پنهنجي قوم جي پاران سندس حضور ۾ عرض احوال ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




آستر 4:8
14 Iomraidhean Croise  

آستر اڃا تائين پنهنجو خاندان ۽ پنهنجي يهودي قوم ظاهر نہ ڪئي هئي، ڇوجو مردڪئيءَ کيس ائين ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏي هئي. هوءَ اڃا تائين ائين ئي مردڪئيءَ جي چوڻ تي عمل ڪندي رهي جيئن هوءَ پنهنجي پالنا دوران ڪندي هئي.


تڏهن هتاڪ موٽي آستر وٽ آيو ۽ جيڪي مردڪئيءَ کيس چيو هو سو آستر کي ٻڌايائين.


انهيءَ سبب جو جيڪا مصيبت منهنجي قوم تي ايندي سا آءٌ ڪيئن پنهنجي اکين سان ڏسي سگھنديس! جيڪا تباهي وَ بربادي منهنجي مائٽن جي ٿيندي سا آءٌ ڪيئن برداشت ڪري سگھنديس!“


جيتوڻيڪ آءٌ بي‌قصور بہ آهيان، تہ بہ آءٌ کيس جواب ڏيئي نہ ٿو سگھان، آءٌ پنهنجي ان ڏوهاري قرار ڏيندڙ کي رحم لاءِ رڳو منٿ زاري ئي ڪري سگھان ٿو.


يروشلم جي سلامتي ۽ خوشحاليءَ لاءِ هيءَ دعا گھرو تہ ”اي يروشلم! جيڪي تو سان پيار ٿا ڪن سي شل خوشحال هجن.


خداوند حڪمرانن کي پنهنجي قابوءَ ۾ ٿو رکي، هو جيڏانهن چاهي ٿو، تيڏانهن پاڻيءَ جي واهين وانگر کين وهائي ٿو.


جيڪڏهن اوهان جو حڪمران ڪنهن ڳالهہ تان اوهان کان ناراض ٿئي، تہ اوهين جلديءَ ۾ ڪم ڪار ڇڏي هليا نہ وڃو، ڇاڪاڻ تہ بردبار نموني ڳالهائڻ سان وڏي ۾ وڏو ڏوهہ بہ معاف ٿي سگھي ٿو.


جيئن تہ هيروديس صور ۽ صيدا جي ماڻهن تي ڏاڍو ڪاوڙيل هو، تنهنڪري اتان جا ماڻهو هڪ ٽولو ٺاهي کيس پرچائڻ لاءِ وٽس آيا، ڇاڪاڻ تہ سندن شهرن جو دارومدار هيروديس جي ملڪ مان ملندڙ سيڌي سامان تي هو. انهن پهريائين محلات جي دربان بلاسطس کي پنهنجي پاسي ڪيو.


آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا، جيڪو هر جاندار کي زندگي ٿو بخشي ۽ عيسيٰ مسيح، جنهن گورنر پنطيس پلاطس جي اڳيان چڱو اقرار ڪندي شاهدي ڏني هئي، تن کي حاضر ناظر ڄاڻي


جيڪي هم‌ايمان هن آخري زماني ۾ دولتمند آهن، تن کي تاڪيد ڪر تہ اهي مغرور نہ ٿين. هو بي‌بقا دولت تي نہ، پر انهيءَ خدا تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan