آستر 4:3 - Muslim Sindhi Bible3 هوڏانهن هر هڪ صوبي ۾، جتي جتي شهنشاهہ جو فرمان ۽ حڪم پهتو، اتي يهودين ۾ وڏو روڄ راڙو پئجي ويو. هنن کان کائڻ پيئڻ وسري ويو ۽ رڳو رنا ۽ رڙيا پئي. گھڻن تہ کٿا ڍڪي خاڪ کي پنهنجو بسترو بڻائي ڇڏيو. Faic an caibideilSindhi Bible3 ۽ سڀ ڪنهن پرڳڻي ۾، جتي جتي بادشاهہ جو حڪم ۽ پروانو آيو، اُتي بہ ڏاڍو ماتم پئجي ويو، ۽ انهن روزا رکيا، ۽ رُنو، ۽ دانهون ڪيون؛ ۽ گهڻا کٿن ۾ ۽ خاڪ تي ويهڻ لڳا. Faic an caibideil |
پوءِ پهرئين مهيني جي تيرهين تاريخ شاهي ڪاتبن کي سڏايو ويو. جيئن هامان کين حڪم ڏنو تيئن هُنن شهنشاهہ جي سڀني نائبن، سڀني صوبن جي گورنرن ۽ سڀني ماڻهن جي اڳواڻن ڏانهن لکيو. اهي خط هر صوبي جي رسمالخط ۽ هر قوم جي ٻوليءَ ۾ لکيا ويا. اهي خط شهنشاهہ اخسويرس جي نالي سان لکيا ويا ۽ انهن تي شاهي منڊيءَ جي مُهر لڳائي ويئي.
”وڃ، سوسن شهر ۾ هن وقت جيڪي بہ يهودي آهن تن سڀني کي گڏ ڪري کين تاڪيد ڪر تہ اهي ٽن ڏينهن تائين منهنجي لاءِ روزو رکن، رات جو توڙي ڏينهن جو هو نڪي کائين نڪي پيئن. آءٌ ۽ منهنجيون ٻانهيون بہ ائين ئي روزو رکنديونسين. پوءِ آءٌ شهنشاهہ وٽ وينديس، جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ قانون جي خلاف آهي، پوءِ جي منهنجي جان وڃي تہ ڀلي وڃي.“