آستر 2:8 - Muslim Sindhi Bible8 پوءِ جڏهن شهنشاهہ جي جاري ٿيل فرمان جو اعلان ڪيو ويو، تڏهن ڪيتريون ئي ڇوڪريون سوسن جي شاهي قلعي ۾ آڻي گڏ ڪيون ويون ۽ عورتن جي ناظر هيجا جي سنڀال هيٺ رکيون ويون. آستر کي بہ شهنشاهہ جي محل ۾ آندو ويو ۽ کيس هيجا جي سنڀال هيٺ رکيو ويو. Faic an caibideilSindhi Bible8 پوءِ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ جو حڪم ۽ جاري ٿيل فرمان ماڻهن ٻڌو، ۽ جڏهن گهڻيون ئي ڪنواريون ڇوڪريون سوسن جي محلات ۾ اچي گڏ ٿيون، ۽ هيجا جي حوالي ٿيون، تڏهن آستر بہ بادشاهہ جي گهر ۾، زالن جي سنڀاليندڙ هيجا جي حوالي ڪئي ويئي. Faic an caibideil |
ان لاءِ شهنشاهہ پنهنجي شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ ڪي اعليٰ عملدار مقرر ڪري تہ جيئن اُهي سڀيئي سهڻيون جوان ڪنواريون ڇوڪريون سوسن جي شاهي قلعي واري حرم خاني ۾ آڻين. اهي شهنشاهہ جي هيجا نالي هڪڙي خواجہسرا ناظر، جيڪو عورتن جو نگران آهي، تنهن جي سنڀال هيٺ رکيون وڃن ۽ کين هار سينگار جي هر ڪا سهوليت مهيا ڪئي وڃي.