Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




آستر 2:5 - Muslim Sindhi Bible

5 سوسن جي شاهي قلعي ۾ بنيامين قبيلي جو هڪڙو يهودي هوندو هو، جنهن جو نالو مردڪئي ولد يائر هو ۽ جيڪو سمعي ۽ قيس جي اولاد مان هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 سوسن جي محلات ۾ هڪڙو يهودي هوندو هو، جنهن جو نالو مردڪئي بن يائر، بن سمعي، بن قيس هو؛ ۽ هو بنيمين جو هو؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




آستر 2:5
10 Iomraidhean Croise  

جڏهن دائود بادشاهہ بحوريم شهر ۾ پهتو، تڏهن سائول جي گھراڻي جي ماڻهن مان هڪڙو شخص نڪري آيو جنهن جو نالو شمعي ولد جيرا هو. هو لعنتون وجھندو ٿي آيو.


تڏهن يهوداہ جو بادشاهہ يهوياڪين، سندس ماءُ، سندس خدمتگار، سندس سپهہ‌سالار ۽ سندس عملدار سڀ نڪري اچي نبوڪدنضر جي آڏو پيش پيا. بابل جي بادشاهہ پنهنجي بادشاهيءَ جي اٺين سال يهوداہ جي بادشاهہ کي قيدي بڻائي وٺي ويو.


نبوڪدنضر يهوياڪين کي قيدي بڻائي بابل ڏانهن وٺي ويو. هو بادشاهہ يهوياڪين جي ماءُ، سندس زالن، سندس عملدارن ۽ ملڪ جي سڀني مکيہ ماڻهن کي پڻ قيدي بڻائي وٺي ويو.


تن ڏينهن ۾ هن جو شاهي تخت فارس ملڪ جي سوسن شهر جي شاهي قلعي ۾ هو.


مردڪئي جو درجو شهنشاهہ اخسويرس کان پوءِ ٻئي نمبر تي هو. هو سڀني يهودين جو وڏو هو ۽ سڀيئي يهودي سندس عزت ڪندا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي يهودي قوم جو خيرخواهہ هو ۽ پنهنجي سڄي يهودي نسل جي فلاح وَ بهبود لاءِ آواز اٿاريندڙ هو.


ان لاءِ شهنشاهہ پنهنجي شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ ڪي اعليٰ عملدار مقرر ڪري تہ جيئن اُهي سڀيئي سهڻيون جوان ڪنواريون ڇوڪريون سوسن جي شاهي قلعي واري حرم خاني ۾ آڻين. اهي شهنشاهہ جي هيجا نالي هڪڙي خواجہ‌سرا ناظر، جيڪو عورتن جو نگران آهي، تنهن جي سنڀال هيٺ رکيون وڃن ۽ کين هار سينگار جي هر ڪا سهوليت مهيا ڪئي وڃي.


پوءِ جيڪا جوان ڇوڪري شهنشاهہ کي وڻي سا وشتيءَ جي جاءِ تي سندس راڻي ٿئي. اها صلاح شهنشاهہ کي ڏاڍي وڻي سو هن ائين ئي ڪيو.


روزن رکڻ جي ٽئين ڏينهن تي راڻي آستر پنهنجي شاهي پوشاڪ پهري، شاهي محل جي اندرئين حصي ۾ تخت واري ايوان جي سامهون اچي بيٺي. شهنشاهہ پنهنجي محل جي ايوان واري دروازي ڏانهن منهن ڪيو پنهنجي شاهي تخت تي ويٺو هو.


بنيامين قبيلي ۾ هڪڙو وڏو اثررسوخ وارو ماڻهو هو، جنهن جو نالو قيس بن ابي‌ايل بن صرور بن بڪورت بن افيخ هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan