Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




آستر 10:2 - Muslim Sindhi Bible

2 شهنشاهہ جي طاقت ۽ زور جا سمورا ڪم، مردڪئيءَ جي عظمت جو احوال، جنهن تان شهنشاهہ سندس درجو وڌايو، تن جو بيان مادئي ۽ فارس جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ سندس طاقت ۽ زور جا ڪم، ۽ مردڪئي جي بزرگيءَ جو احوال، جنهن تائين بادشاهہ هن جو درجو وڌايو، تنهن جو پورو بيان مادي ۽ فارس جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




آستر 10:2
10 Iomraidhean Croise  

سليمان جا ٻيا سمورا ڪم جيڪي هن ڪيا ۽ سندس سياڻپ جيڪا هن ڏيکاري، سي سڀ ”سليمان جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.


يربعام جا باقي ٻيا ڪم، تہ ڪيئن هن جنگ ڪئي ۽ ڪيئن بادشاهي ڪيائين سي سڀ ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.


اخي‌اب جو باقي احوال ۽ ٻيا ڪم جيڪي هن ڪيا، عاج سان سينگاريل گھر جيڪو هن ٺهرايو ۽ سڀ شهر جيڪي هن تعمير ڪرايا، سي سڀ ”اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.


جڏهن انهيءَ ڳالهہ جي جاچ پڙتال ڪئي ويئي ۽ معلوم ٿيو تہ اها ڳالهہ سچي آهي، تڏهن انهن ٻنهي کي ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو. اهو سڀ ڪجھہ شهنشاهہ جي روبرو شاهي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيو ويو.


انهيءَ رات شهنشاهہ کي ننڊ نہ آئي، سو هن حڪم ڏنو تہ سندس شهنشاهت جي تواريخ وارو ڪتاب وٽس آندو وڃي ۽ اهو ڪتاب آڻي سندس اڳيان پڙهيو ويو.


تڏهن مردڪئي نيري ۽ اڇي رنگ جي شاهي پوشاڪ ۾، هڪڙو سونو عمدو تاج پهري سنهي وٽيل سڻي جي واڱڻائيءَ رنگ واري هڪڙي جبي سان شهنشاهہ جي حضور مان اُٿي ٻاهر نڪري آيو. سوسن جي شهر ۾ خوشي ۽ جشن ملهايو ويو.


تڏهن شهنشاهہ پنهنجي مُهر واري منڊي، جيڪا هامان کان واپس ورتي هئائين سا لاهي مردڪئيءَ کي ڏني. هوڏانهن آستر مردڪئيءَ کي هامان واري ملڪيت جو سنڀاليندڙ مقرر ڪيو.


جيئن تہ مردڪئي شاهي محل ۾ وڏي مان ۽ مرتبي وارو سمجھيو ويندو هو ۽ هن جو ناموس سڀني صوبن ۾ پکڙجي ويو هو، سو هو وڌ کان وڌ طاقتور ٿيندو ويو.


اي خداوند! تو منهنجي حفاظت ڪري مون کي بچايو آهي، هائو، تنهنجي زورآور هٿ ئي مون کي ٽيڪو ڏنو آهي. تنهنجي مهربانيءَ مون کي بلنديءَ تي پهچايو آهي.


پوءِ بادشاهہ دانيال کي وڏي عزت ڏني ۽ کيس گھڻا ئي وڏا وڏا تحفا ڏنائين. کيس بابل جي سڄي صوبي تي حڪمران مقرر ڪيائين ۽ بابل جي سڀني عالمن جو اڳواڻ بڻايائينس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan