Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




آستر 10:1 - Muslim Sindhi Bible

1 شهنشاهہ اخسويرس پنهنجي سڄي شهنشاهت ۾ ويندي سمنڊ جي ڏورانهن ٻيٽن تائين رعيت مٿان ڍل مقرر ڪئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 بادشاهہ اخسويرس انهيءَ زمين تي، ۽ سمنڊ جي ٻيٽن تي، ڍل مقرر ڪئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




آستر 10:1
8 Iomraidhean Croise  

جيڪي قومون سمنڊ جي ڪناري ۽ ٻيٽن تي رهنديون هيون سي يافت جو اهو اولاد آهن جيڪي مختلف قبيلن ۽ علائقن ۾ رهندڙ ۽ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ آهن.


هي واقعو فارس جي بادشاهہ اخسويرس جي دور جو آهي. هي اهو اخسويرس آهي جيڪو هندستان کان وٺي سوڊان تائين هڪ سؤ ستاويهہ صوبن جو شهنشاهہ هو.


تڏهن انهيءَ ئي مهل شاهي منشين کي گھرايو ويو. اها ٽئين مهيني يعني سَيوان مهيني جي ٽيويهين تاريخ هئي. هنن مردڪئيءَ جا سمورا حڪم هندستان کان وٺي سوڊان ملڪ جي يهودين، گورنرن، حاڪمن ۽ صوبن جي عملدارن ڏانهن موڪلي ڏنا. اهي حڪم شهنشاهت جي سڀني هڪ سؤ ستاويهہ صوبن ڏانهن هر هڪ قوم جي رسم‌الخط ۽ ٻوليءَ ۾ ۽ يهودين ڏانهن سندن رسم‌الخط ۽ ٻوليءَ ۾ پڻ لکيا ويا.


ترسيس ۽ ٻيٽن جا بادشاهہ هن لاءِ نذرانا آڻيندا. صبا ۽ شبا ملڪن جا بادشاهہ هن لاءِ سوغاتون آڻيندا.


انهيءَ ڏينهن پروردگار وري پنهنجو قدرت وارو هٿ وڌائيندو، تہ جيئن پنهنجي قوم جي باقي رهيل ماڻهن کي جلاوطنيءَ مان موٽائي وطن آڻي، جيڪي اشور، مصر ۽ ان جي ڏاکڻي علائقي فتروس، سوڊان، عيلام، شِنعار ۽ حمات جي ملڪن کان علاوہ ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري وارن علائقن ۾ باقي بچيا هوندا.


اوڀر وارا خداوند جي ساراهہ پيا ڳائين، ۽ سمنڊ جي ٻيٽن وارا سڀيئي ماڻهو پڻ خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي وڏائي بيان پيا ڪن.


تنهن کان پوءِ هو سامونڊي علائقي وارين قومن ڏانهن رخ ڪندو ۽ انهن مان گھڻين تي فتح حاصل ڪندو. پر ٻئي ملڪ جو هڪڙو فوجي سالار کيس شڪست ڏيئي هن جو غرور ٽوڙي ڇڏيندو. هائو، هو شام جي بادشاهہ کي سندس غرور جو مزو چکائيندو.


يحيٰ جي پيدائش وارن ڏينهن ۾ قيصر اوگوستس هڪڙو حڪم‌نامو جاري ڪيو تہ سڄي رومي شهنشاهت جي آدمشماري ڪئي وڃي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan