Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




آستر 1:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تن ڏينهن ۾ هن جو شاهي تخت فارس ملڪ جي سوسن شهر جي شاهي قلعي ۾ هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 تہ جڏهن انهن ڏينهن ۾ بادشاهہ اخسويرس پنهنجي بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو، جو سوسن جي محلات ۾ هو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




آستر 1:2
10 Iomraidhean Croise  

هاڻي جڏهن دائود بادشاهہ پنهنجي محل ۾ ئي ٿي رهيو ۽ خداوند سندس سڀني آس‌پاس وارن دشمنن کان کيس آرام ڏنو،


سليمان تہ بادشاهي تخت تي بہ وڃي ويٺو آهي.


هي نحمياہ ولد حڪلياہ جون ڳالهيون آهن. فارس جي بادشاهہ ارتخششتا جي شهنشاهيءَ جي ويهين سال جي ڪِسليوِ واري مهيني ۾، جڏهن آءٌ نحمياہ عيلام صوبي جي گاديءَ واري شهر سوسن جي قلعي ۾ هئس،


ان لاءِ شهنشاهہ پنهنجي شهنشاهت جي سڀني صوبن ۾ ڪي اعليٰ عملدار مقرر ڪري تہ جيئن اُهي سڀيئي سهڻيون جوان ڪنواريون ڇوڪريون سوسن جي شاهي قلعي واري حرم خاني ۾ آڻين. اهي شهنشاهہ جي هيجا نالي هڪڙي خواجہ‌سرا ناظر، جيڪو عورتن جو نگران آهي، تنهن جي سنڀال هيٺ رکيون وڃن ۽ کين هار سينگار جي هر ڪا سهوليت مهيا ڪئي وڃي.


سوسن جي شاهي قلعي ۾ بنيامين قبيلي جو هڪڙو يهودي هوندو هو، جنهن جو نالو مردڪئي ولد يائر هو ۽ جيڪو سمعي ۽ قيس جي اولاد مان هو.


شاهي حڪم موجب قاصد هڪدم روانا ٿي ويا ۽ اهو حڪم سوسن شهر جي شاهي قلعي ۾ بہ فوراً پڌرو ڪيو ويو. هوڏانهن شهنشاهہ ۽ هامان گڏ ويٺي مئي پئي پيتي، پر سوسن شهر جا رهواسي ڏاڍا پريشان ٿي ويا.


”وڃ، سوسن شهر ۾ هن وقت جيڪي بہ يهودي آهن تن سڀني کي گڏ ڪري کين تاڪيد ڪر تہ اهي ٽن ڏينهن تائين منهنجي لاءِ روزو رکن، رات جو توڙي ڏينهن جو هو نڪي کائين نڪي پيئن. آءٌ ۽ منهنجيون ٻانهيون بہ ائين ئي روزو رکنديونسين. پوءِ آءٌ شهنشاهہ وٽ وينديس، جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ قانون جي خلاف آهي، پوءِ جي منهنجي جان وڃي تہ ڀلي وڃي.“


آءٌ نبوڪدنضر پنهنجي محلات ۾ آرام ۽ سک سان گذاري رهيو هئس.


هن رويا ۾ مون پاڻ کي بابل جي عيلام صوبي جي گاديءَ ۽ ڪوٽ واري شهر سوسن جي ڀرسان اُولائي واهہ وٽ بيٺل ڏٺو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan