Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




آستر 1:12 - Muslim Sindhi Bible

12 جڏهن انهن خدمتگارن راڻي وشتيءَ کي شهنشاهہ جو حڪم ٻڌايو تہ هن اچڻ کان انڪار ڪيو. تنهن تي شهنشاهہ ڏاڍو مڇرجي پيو ۽ ڪاوڙ ۾ تپي باهہ ٿي ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 پر راڻيءَ وشتيءَ بادشاهہ جي حڪم تي ناظرن سان اچڻ کان انڪار ڪيو: تنهنڪري بادشاهہ ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ ڪاوڙ منجهس ڏاڍي جوش واري ٿيڻ لڳي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




آستر 1:12
19 Iomraidhean Croise  

خدا عورت کي چيو تہ ”آءٌ تنهنجي ويم جي سورن کي گھڻو وڌائيندس. سورن سان تون ٻار ڄڻيندينءَ. پنهنجي مڙس ڏانهن تنهنجو چاهہ ٿيندو ۽ هو تو تي حڪمراني ڪندو.“


”راڻي وشتيءَ کي شاهي تاج پارائي مون آڏو وٺي اچو تہ جيئن عام ماڻهو ۽ امير وزير سندس حسن ڏسن.“ انهيءَ جو سبب هي هو جو هوءَ ڏاڍي خوبصورت هئي.


شهنشاهہ جو اهو دستور هو تہ هو ملڪي معاملن تي پنهنجي درٻار ۾ حاضر رهندڙ ڏاهن ماڻهن کان ماهرانہ راءِ وٺندو هو، سو هن پنهنجي انهن صلاحڪارن آڏو اهو معاملو رکيو جيڪي گذريل وقتن جي قانونن ۽ فيصلن جي ڄاڻ رکن پيا.


شهنشاهہ ڪاوڙ مان اُٿي بيٺو ۽ پنهنجي مئي اڌ ۾ ڇڏي ٻاهر محل جي باغ ۾ هليو ويو. پر هامان اُٿي راڻي آستر کي پنهنجي جيئدان لاءِ منٿ ميڙ ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هن محسوس ڪيو هو تہ شهنشاهہ کيس جيئرو نہ ڇڏيندو.


اي خدا! تو هميشہ جي لاءِ اسان کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ اسين جيڪي تنهنجي چراگاهہ جون رڍون آهيون، تن تي تنهنجو ناراضپو ڇو آهي؟


ائين ڪيستائين رهندو، اي خداوند! ڇا تون هميشہ ڪاوڙيل رهندين؟ ڇا تنهنجي اها غيرت باهہ وانگر پيئي ڀڙڪندي رهندي؟


موسيٰ جڏهن خيمي‌گاهہ جي ويجھو آيو، تڏهن هن اهو گابو ۽ ماڻهن جو ناچ ڏٺو. تنهن تي کيس ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هن ٻئي تختيون پنهنجي هٿن مان اڇلائي جبل جي تري وٽ ڀڃي ڇڏيون.


هارون وراڻيو تہ ”اي آقا! مون تي ڪاوڙ نہ ڪريو. اوهين هنن ماڻهن کان واقف آهيو، هنن جو لاڙو هميشہ بڇڙائيءَ ڏانهن آهي.


بادشاهہ جو غصو شينهن جي گجگوڙ وانگر آهي، پر هن جي مهرباني بيابان ۾ مينهن وسڻ جهڙي آهي.


جيئن گجندڙ شينهن خطرناڪ آهي، تيئن بادشاهہ جي ڪاوڙ ۾ بہ جان جو خطرو آهي.


انهيءَ ڳالهہ تي بادشاهہ ايڏو تہ چڙي پيو جو سخت ڪاوڙ وچان حڪم ڪيائين تہ ”بابل جي سڀني عالمن کي قتل ڪيو وڃي.“


تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر سخت ڪاوڙ ۽ جوش مان حڪم ڏنو تہ ”سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي حاضر ڪيو وڃي.“ سو انهن ٽنهي کي بادشاهہ جي حضور ۾ آندو ويو.


تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خلاف غصي وچان سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويو. سو هن حڪم ڏنو تہ ”کوري کي جيترو اڳ ۾ تپايو ويندو هو، تنهن کان هن کي ستوڻو وڌيڪ تپايو وڃي.“


ڪير آهي جيڪو هن جي ڪاوڙ اڳيان بيهي سگھي؟ ڪير آهي جيڪو هن جي غضب کان بچي سگھي؟ هن جو غضب باهہ وانگر اچيو ڪڙڪي، ۽ ٽڪر بہ هن جي اڳيان ڀورا ڀورا ٿي پوندا آهن.


تنهنڪري اي زالون! اوهين پنهنجن مڙسن جون اهڙيءَ طرح تابعدار رهو جهڙيءَ طرح خداوند عيسيٰ جون،


سو جيئن ڪليسيا مسيح جي تابع آهي، تيئن زالن کي بہ هر ڳالهہ ۾ پنهنجن مڙسن جي تابع رهڻ گھرجي.


ڇاڪاڻ تہ خداوند انهيءَ کي ڪڏهن بہ معاف ڪرڻ نہ چاهيندو. اٽلندو خداوند جو قهر ۽ سندس غيرت انهيءَ ماڻهوءَ تي اچي ڀڙڪندي، سڀ لعنتون جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن سي انهيءَ ماڻهوءَ تي اچي پونديون ۽ خداوند انهيءَ جو نالو ڌرتيءَ تان مِٽائي ڇڏيندو.


اي زالون! انهيءَ طرح اوهين بہ پنهنجن مڙسن جون تابعدار رهو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪڏهن انهن مان ڪي مسيح بابت پيغام کي نہ مڃيندا هجن تہ اهي اوهان زالن جي چڱي هلت چلت جي ڪري، يعني جڏهن هو اوهان کي خدا جو خوف ڪندي ۽ پاڪيزہ هلت چلت ڪندي ڏسن، تہ چوڻ کان سواءِ ئي خدا ڏانهن ڇڪجي اچن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan