Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




آستر 1:11 - Muslim Sindhi Bible

11 ”راڻي وشتيءَ کي شاهي تاج پارائي مون آڏو وٺي اچو تہ جيئن عام ماڻهو ۽ امير وزير سندس حسن ڏسن.“ انهيءَ جو سبب هي هو جو هوءَ ڏاڍي خوبصورت هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 تہ راڻيءَ وشتيءَ کي شاهي تاج سان وٺي اچو، تہ عام ماڻهن کي، ۽ اميرن کي پنهنجو حسن ڏيکاري، ڇالاءِ جو اُها خوبصورت هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




آستر 1:11
9 Iomraidhean Croise  

سڄي بني اسرائيل ۾ ابي‌سلوم جهڙو ٻيو ڪوبہ ماڻهو خوبصورتيءَ جي لحاظ کان تعريف جوڳو ڪونہ هو. پيرن جي ترين کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين هن ۾ ڪوبہ عيب ڪونہ هو.


جڏهن انهن خدمتگارن راڻي وشتيءَ کي شهنشاهہ جو حڪم ٻڌايو تہ هن اچڻ کان انڪار ڪيو. تنهن تي شهنشاهہ ڏاڍو مڇرجي پيو ۽ ڪاوڙ ۾ تپي باهہ ٿي ويو.


شهنشاهہ سڀني عورتن کان وڌيڪ آستر سان پيار ڪيو ۽ آستر سڀني ڇوڪرين کان وڌيڪ شهنشاهہ جي نظر ۾ مان لڌو ۽ کيس پسند آئي. سو شهنشاهہ شاهي تاج کڻي سندس مٿي تي رکيو ۽ کيس وشتيءَ جي جاءِ تي راڻي بڻايائين.


تنهن جي لاءِ شاهي پوشاڪ جيڪا شهنشاهہ پاڻ پائيندو آهي ۽ اُهو گھوڙو جنهن تي شهنشاهہ پاڻ سواري ڪندو آهي، سي آندا وڃن ۽ انهيءَ گھوڙي جي مٿي تي شاهي نشان رکيو وڃي.


انسان پنهنجي لاءِ هڪڙي راهہ سوچي ٿو، مگر سندس هر قدم خداوند جي وس ۾ آهي.


سونهن ۽ مِٺو ڳالهائڻ بي‌بقا ۽ ٺڳيندڙ آهن، پر جيڪا عورت خداوند کان ڊڄي ٿي، تنهن جي تعريف ڪئي وڃي،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan