Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




اِفسين 5:2 - Muslim Sindhi Bible

2 اوهين پيار ڀري زندگي گذاريو، جيئن مسيح اسان سان پيار ڪندي اسان جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي خدا جي آڏو خوشبودار نذراني طور قربان ڪري ڇڏيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ محبت سان هلو، جيئن ڪ مسيح بہ اوهان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي لاءِ پاڻ کي پاڻهي خوشبوءِ وانگر خدا جي اڳيان نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 اوهين پيار ڀريو جيون گذاريو، جيئن مسيح اسان سان پيار ڪندي اسان جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي ايشور جي آڏو خوشبودار ڀيٽا طور ٻليدان ڪري ڇڏيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

2 ۽ پيار ڀري زندگي گذاريو، جھڙيءَ طرح مسيح اسان کي پيار ڏنو ۽ اسان جي لاءِ پنھنجو پاڻ کي خدا جي آڏو خوشبودار نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




اِفسين 5:2
54 Iomraidhean Croise  

قربانيءَ جي خوشبوءِ پهچڻ سان خداوند ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چيائين تہ ”آءٌ انسان جي ڪري ڌرتيءَ کي وري وڌيڪ لعنتي نہ ڪندس. جيتوڻيڪ انسان جي دل جو خيال ننڍپڻ کان برائيءَ ڏانهن راغب آهي، تنهن هوندي بہ وري ڪڏهن بہ سڀني ساهوارن کي نہ ماريندس، جيئن هاڻي ماريو اٿم.


تون اهو سڄو گھٽو قربان‌گاهہ تي ساڙج. اها مون خداوند جي لاءِ ساڙڻ واري قرباني آهي. اها مون لاءِ هڪ وڻندڙ خوشبوءِ واري قرباني آهي، جنهن کي ساڙيو وڃي ٿو.


پوءِ تون اهي سندن هٿن مان وٺي، قربان‌گاهہ تي ساڙڻ واري قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙي ڇڏج، انهيءَ لاءِ تہ وڻندڙ خوشبوءِ مون خداوند جي آڏو هجي. اها مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قرباني آهي.


ان جا آنڊا، اوجھري ۽ پاوا ڌوتا وڃن ۽ ڪاهن اهي سڀ قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.


انهيءَ کي ٻنهي پرن کان وٺي چيري کوليو وڃي، پر کيس ڇني ڌار نہ ڪجي. پوءِ ڪاهن انهيءَ کي قربان‌گاهہ تي ٻرندڙ ڪاٺين جي مٿان رکي ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.“


پوءِ انهيءَ جا آنڊا، اوجھري ۽ پاوا ڌوتا وڃن ۽ ڪاهن اهي سڀ قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي ڇڏي. اها ساڙي ويندڙ قرباني مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي.


ڪاهن انهن کي قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي. هي انهيءَ ساڙي ويندڙ قربانيءَ جي خوراڪ آهي جيڪا وڻندڙ خوشبوءِ لاءِ ڪبي آهي. سموري چرٻي مون خداوند جي آهي.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”آءٌ اوهان جي عيدن کي مڪروہ ٿو ڄاڻان، ۽ مون کي انهن کان نفرت آهي. اوهان جي پاڪ گڏجاڻين مان مون کي حقارت ٿي اچي.


ساڳيءَ طرح ابنِ آدم بہ انهيءَ لاءِ نہ آيو آهي تہ ٻيا سندس خدمت ڪن، بلڪ انهيءَ لاءِ آيو آهي تہ پاڻ ٻين جي خدمت ڪري ۽ گھڻن کي بچائڻ واسطي پنهنجي جان عيوضي طور ڏئي.“


آءٌ اوهان کي هڪ نئون حڪم ٿو ڏيان تہ هڪٻئي سان پيار ڪريو. هائو، جهڙو مون اوهان سان پيار ڪيو آهي، تهڙو ئي اوهين بہ هڪٻئي سان پيار ڪريو.


آءٌ اها زندہ ماني آهيان جيڪا آسمان مان نازل ٿي آهي. جيڪڏهن ڪو هن مانيءَ مان کائيندو تہ اهو هميشہ زندہ رهندو. جيڪا ماني آءٌ ڏيندس سا منهنجو ماس آهي، جيڪو آءٌ ڏيان ٿو تہ جيئن هن دنيا کي زندگي ملي.“


آءٌ عيسيٰ مسيح جو خادم ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاهن جي حيثيت وانگر مسيح بابت خدا جي خوشخبريءَ جي منادي ڪريان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ غير قومون پاڪ روح جي مخصوص ۽ پاڪ ڪرڻ سان خدا جي آڏو نذراني جي صورت ۾ قبول پون.


اسان جي گناهن جي خاطر هن کي موت جي حوالي ڪيو ويو ۽ اسان کي خدا ڏانهن سچار بڻائڻ لاءِ کيس وري جيئرو ڪيو ويو.


جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب شريعت نہ ڪري سگھي سو خدا ڪيو. انهيءَ لاءِ هن پنهنجي فرزند کي انساني يعني گنهگارن واري صورت ۾ موڪليو، تہ جيئن هو اسان جي گناهن خاطر پنهنجي جان ڏئي. اهڙيءَ طرح انساني فطرت ۾ موجود گناهہ جي خلاف خدا فتويٰ جاري ڪئي.


انهن سڀني حالتن ۾ بہ اسين انهيءَ جي وسيلي شاندار فتح حاصل ڪريون ٿا، جنهن اسان کي پيار ڪيو.


۽ جيڪي ڪجھہ ڪريو سو محبت سان ڪريو.


پنهنجي پاڻ مان خمير ڪڍي ڇڏيو تہ جيئن اوهين نج ڳوهيل اٽو بڻجي پئو. حقيقت ۾ اوهين خمير کان پاڪ بہ آهيو، ڇاڪاڻ تہ اسان جو عيد فصح وارو گھيٽڙو يعني مسيح اسان جي لاءِ قربان ٿي ويو آهي.


خدا جو شڪر آهي، جيڪو اسان کي مسيح جا هئڻ ڪري سدائين پنهنجي فتح واري جلوس ۾ گھمائي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح اسان جي وسيلي هر هنڌ مسيح بابت ڄاڻ خوشبوءِ وانگر پکيڙي ٿو.


هائو، اسين خدا جي آڏو مسيح جي اهڙي وڻندڙ خوشبوءِ آهيون، جيڪا ڇوٽڪارو حاصل ڪندڙن توڙي تباهي حاصل ڪندڙن ٻنهي لاءِ آهي،


ڏسو، اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح اوهان سان ڪيڏي نہ سخاوت ڪئي آهي جو جيتوڻيڪ هو دولتمند هو تڏهن بہ اوهان جي خاطر غريب بڻيو، تہ جيئن سندس غريب ٿي وڃڻ جي ڪري اوهين دولتمند ٿي وڃو. اهو تہ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.


مسيح اسان جي گناهن جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، تہ جيئن هو خدا اسان جي پيءُ جي مرضيءَ موجب اسان کي هن هاڻوڪي خراب زماني کان بچائي.


هاڻ جيئن تہ آءٌ مسيح سان گڏ صليب تي چاڙهيو ويو آهيان، سو آءٌ جيئرو نہ رهيو آهيان، پر مسيح مون ۾ جيئرو آهي. هاڻي جيڪا زندگي آءٌ هن جسم ۾ گذاريان ٿو سا خدا جي فرزند تي ايمان رکڻ ڪري گذاري رهيو آهيان، جنهن مون سان پيار ڪيو ۽ منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي.


هن ئي اسان کي دنيا بڻائڻ کان اڳ مسيح ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چونڊي ڇڏيو، تہ جيئن اسين سندس آڏو محبت ۾ پاڪ ۽ بي‌عيب هجون.


۽ ايمان رکڻ جي وسيلي مسيح اوهان جي دلين ۾ گھر ڪري. اها دعا آءٌ انهيءَ ڪري گھران ٿو تہ جيئن اوهين محبت ۾ پاڙ ڄمائي انهيءَ جي بنياد تي زندگي گذاريو.


شل اوهين مسيح جي انهيءَ محبت کي ڄاڻي سگھو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، تہ جيئن اوهين خدا جي سڄي ڀرپوريءَ سان ڀرپور ٿي وڃو.


پر اٽلندو اسين پيار جي جذبي سان سچ تي هلي سڀني ڳالهين ۾ وڌندي پوري نموني مسيح سان گڏجي هڪ ٿيون، جيڪو ڪليسيا جو مٿو آهي.


مطلب تہ ڏاڍي نماڻائيءَ ۽ نِوڙت سان رهو، صبر ڪريو ۽ پيار سان هڪٻئي جي برداشت ڪريو.


تنهنڪري تمام خبرداريءَ سان ڏسو تہ ڪيئن ٿا زندگي گذاريو. نادانن وانگر نہ گذاريو، پر دانائن وانگر


ساڳيءَ طرح اي مڙ‌سؤ! اوهين پنهنجين زالن سان پيار ڪريو، جهڙيءَ طرح مسيح ڪليسيا سان پيار ڪيو ۽ ان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏيائين.


اها قربان‌گاهہ اوهين اڻ‌گھڙيل پٿرن سان ٺاهجو. پوءِ انهيءَ تي خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون ڪجو.


هي خط ڄڻ تہ منهنجي رسيد آهي تہ اوهان جون موڪليل شيون اِپفروديتس جي هٿان مون کي مليون آهن. هاڻي مون وٽ سڀ ڪجھہ آهي، بلڪ جھجھائي سان آهي. اها امداد خوشبودار ۽ اهڙي قبول پوندڙ قرباني آهي، جنهن کي خدا پسند ٿو ڪري.


انهن سڀني خوبين جي مٿان محبت کي ڪمربند وانگر ٻڌي ڇڏيو، جيڪا انهن کي مڪمل طور ٻڌيءَ ۾ رکي ٿي.


هاڻي هڪٻئي سان پيار ڪرڻ بابت اوهان ڏانهن ڪجھہ لکڻ جي ضرورت ڪانهي، ڇاڪاڻ تہ ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪرڻ خدا پاڻ اوهان کي سيکاريو آهي.


هن سڀني ماڻهن جي ڇوٽڪاري لاءِ پنهنجو پاڻ کي عيوضي طور ڏيئي ڇڏيو. مسيح جي اها قرباني هڪ شاهدي آهي جيڪا مناسب وقت تي ڏني ويئي.


ائين ٿيڻ نہ ڏي جو ڪوبہ ماڻهو تنهنجي جوانيءَ جي ڪري تو کي خسيس سمجھي، بلڪ تون ڳالهہ ٻولهہ ۾، هلت چلت ۾، محبت ۾، ايمان ۾ ۽ پاڪيزگيءَ ۾ ايمان وارن لاءِ نمونو ٿيءُ.


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.


جيئن تہ هر ڪو سردار ڪاهن نذرانا ۽ قربانيون چاڙهڻ لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي، انهيءَ ڪري اهو ضروري هو تہ اسان جي سردار ڪاهن وٽ بہ پيش ڪرڻ لاءِ ڪجھہ هجي.


تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسان جي ضمير کي موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان پاڪ ڪري ٿو، تہ جيئن اسين زندہ خدا جي عبادت ڪري سگھون. مسيح ائين ئي ڪيو جڏهن هن ابدي پاڪ روح جي وسيلي پاڻ کي خدا وٽ بي‌عيب قربانيءَ طور پيش ڪيو.


تنهنڪري اهو ضروري هو تہ زمين تي مقدس خيمو ۽ ان جي عبادت واريون شيون جيڪي آسماني شين جو نقل هيون، تن کي اهڙي نموني جانورن جي رت جي قربانيءَ وسيلي پاڪ ڪيو وڃي. پر جيڪي خود آسماني شيون آهن تن لاءِ ضروري هو تہ اهي انهيءَ کان وڌيڪ بهتر قربانيءَ جي وسيلي پاڪ ڪيون وڃن.


نہ تہ جهان جي شروعات کان وٺي ڪيترائي ڀيرا کيس تڪليف سهڻي پوي ها. پر هاڻي زمانن جي پڇاڙيءَ ۾ هو هڪڙو ئي ڀيرو ظاهر ٿيو، انهيءَ لاءِ تہ پاڻ کي قربان ڪرڻ سان گناهہ کي مِٽائي ڇڏي.


سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهہ هيءَ آهي تہ هڪٻئي سان حقيقي پيار ڪريو، ڇاڪاڻ تہ پيار گھڻين ئي خطائن کي ڍڪي ٿو ڇڏي.


اسان پيار کي انهيءَ مان ڄاتو آهي تہ مسيح اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏني. سو اسان جو بہ فرض آهي تہ اسين پنهنجن هم‌ايمان ڀائرن ڀينرن لاءِ جان ڏيون.


هاڻ هن جو حڪم ڪهڙو آهي؟ هن جو حڪم هي آهي تہ اسين سندس فرزند عيسيٰ مسيح جي نالي تي ايمان آڻيون ۽ هڪٻئي سان ائين پيار ڪريون جيئن مسيح اسان کي حڪم ڏنو آهي.


۽ عيسيٰ مسيح وٽان بہ، جيڪو سچو شاهد، مئلن مان جيئرو ٿي اٿڻ وارن ۾ پهريتو ۽ ڌرتيءَ جي بادشاهن تي حڪم هلائيندڙ آهي. عيسيٰ مسيح، جيڪو اسان سان پيار ٿو ڪري، جنهن پنهنجو رت وهائي اسان کي گناهن کان ڇوٽڪارو ڏنو آهي


گھيٽڙي جي پيرن تي ڪرندي ئي اهي هڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اهو ويڙهوٽو وٺڻ ۽ انهيءَ جي مُهرن کي ٽوڙڻ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تون ڪُٺو ويو هئين، ۽ تو پنهنجي رت سان سڀ ڪنهن قوم، قبيلي، ٻوليءَ ۽ ذات منجھان ماڻهن کي خدا جي لاءِ خريد ڪيو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan