اِفسين 4:8 - Muslim Sindhi Bible8 انهيءَ ڪري ئي پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جڏهن هو مٿي چڙهي ويو، تڏهن قيدين کي پاڻ سان وٺي ويو، ۽ ماڻهن کي سوکڙيون ڏنائين.“ Faic an caibideilSindhi Bible8 جنهنڪري هو چوي ٿو تہ، ”جڏهن هو مٿي چڙهي ويو، تڏهن قيد ڪرڻ وارن کي قيد ڪيائين ۽ ماڻهن کي انعام ڏنائين.“ Faic an caibideilHindu Sindhi Bible8 انهيءَ ڪري ئي پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جڏهن هو مٿي چڙهي ويو، تڏهن قيدين کي پاڻ سان وٺي ويو، ۽ ماڻهن کي سوکڙيون ڏنائين.“ Faic an caibideilCommon Language New Testament8 جنھن ڪري پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ ”جڏھن ھو مٿي چڙھي ويو، تڏھن قيدين کي پاڻ سان وٺي ويو، ۽ ماڻھن کي سوکڙيون ڏنائين.“ Faic an caibideil |
ڇا ڪو مٿي آسمان تي ويو آهي ۽ اتان ٿي موٽي آيو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن هوا کي پنهنجيءَ مٺ ۾ بند ڪيو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن پاڻيءَ کي ڪڪرن جي چادر ۾ ٻڌو آهي؟ اهو ڪير آهي جنهن ڌرتيءَ جون حدون مقرر ڪيون آهن؟ جيڪڏهن ڪنهن کي ڪنهن اهڙي هستيءَ جي باري ۾ ڪا خبر آهي، تہ پوءِ سندس نالو يا وري سندس اولاد جا نالا مون کي ٻڌائي.