Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




اِفسين 4:22 - Muslim Sindhi Bible

22 اها تعليم هي آهي تہ اوهين پنهنجي پراڻي انساني فطرت جيڪا برين خواهشن جي فريب سبب بگڙندي ٿي وڃي، تنهن کي سندس اڳوڻي هلت چلت سميت لاهي ڇڏيو

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

22 اوهين پنهنجي اڳوڻي هلت چلت ۽ پراڻي انسانيت، جا فريب جي شهوتن ڪري خراب ٿيندي ٿي وڃي، تنهن کي لاهي ڇڏيو؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

22 اها سکيا هي آهي تہ اوهين پنهنجي پراڻي انساني فطرت جيڪا برين خواهشن جي دوکي سبب بگڙندي ٿي وڃي، تنهن کي سندس اڳوڻي هلت چلت سميت لاهي ڇڏيو

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

22 تہ پنھنجي پراڻي فطرت کي سندس اڳوڻي ھلت چلت سميت لاھي ڇڏيو، جيڪا برين خواھشن جي فريب سبب بگڙندي ٿي وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




اِفسين 4:22
27 Iomraidhean Croise  

جيڪڏهن تون قادرِمطلق آڏو توبهہ‌تائب ٿيندين، ۽ بدڪاريءَ کي پنهنجي گھر کان پري رکندين، تہ تون وري موٽي اڳئين حالت ۾ ايندين.


بدڪار ماڻهو حقيقت ۾ ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿا ڪن، مگر نيڪي ڪندڙن کي انهيءَ جو اجر ضرور ملي ٿو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”دل سڀني شين کان وڌيڪ پُرفريب آهي، انهيءَ جي ٺڳي لاعلاج آهي، انهيءَ جي ڳُجھہ کي ڪير سمجھي سگھي ٿو؟


اوهين مغروريءَ وچان اهو سمجھي پاڻ کي ٺڳيو ٿا تہ ٻين قومن وارا اوهان کان ڊڄن ٿا. هائو، اوهين جيڪي ٽڪرن جي چرن ۾ رهو ٿا، ۽ ٽڪرن جي چوٽين تي قبضا ڪري پاڻ کي محفوظ ٿا سمجھو. پر جيتوڻيڪ اوهين عقاب جيان گھڻو مٿي رهو ٿا، تہ بہ خداوند اوهان کي اتان هيٺ ڪيرائي ڇڏيندو. اهو خداوند جو فرمان آهي.


تون مٿاهين جبل تي مضبوط قلعي ۾ ٿي رهين، جنهن سبب تون پنهنجيءَ دل ۾ چوين ٿي تہ ’ڪير آهي جيڪو مون کي هيٺ زمين تي ڪيرائي سگھي؟‘ پر اي جبلن ۾ رهندڙ قوم! تنهنجي مغروري ئي تو کي دوکو ڏيندي.


سو اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جي پراڻي انساني فطرت مسيح سان گڏ صليب تي چاڙهي ويئي، تہ جيئن اسان جي بدن تان گناهہ جو قبضو ختم ٿي وڃي ۽ اڳتي اسين گناهہ جي غلاميءَ ۾ نہ رهون،


گناهہ وجھہ وٺي شريعت واري انهيءَ حڪم جي وسيلي مون کي برغلايو ۽ انهيءَ ئي حڪم جي وسيلي مون کي ماري وڌائين.


پر مون کي اهو ڊپ آهي تہ جيئن نانگ پنهنجي مڪاريءَ سان حوا کي برغلايو، تيئن متان ڪنهن نموني اوهان جا خيال بہ انهيءَ سچائيءَ ۽ پاڪيزگيءَ کان بگڙي وڃن جيڪي مسيح جي لائق آهن.


اوهين مون بابت تہ ٻڌي چڪا آهيو تہ جڏهن آءٌ يهودي مذهب جو پابند هئس تہ منهنجي ڪهڙي هلت چلت هئي. آءٌ خدا جي ڪليسيا کي حد کان وڌيڪ ستائيندو هئس ۽ ان کي برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئس.


اڳ اسين سڀيئي بہ انهن سان گڏ پنهنجي انساني فطرت جي جسماني خواهشن موجب زندگي گذاريندا هئاسين ۽ پنهنجي جسم ۽ نفس جون خواهشون پوريون ڪندا هئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين ماڻهن وانگر خدا جي ناراضپي جا حقدار هئاسين.


جيئن تہ اسين خداوند عيسيٰ جا آهيون، تنهنڪري آءٌ اوهان کي تاڪيد ڪندي چوان ٿو تہ اوهين غير قومن واري غلط رستي کي ڇڏي اڳتي سندن اجاين خيالن موجب زندگي نہ گذاريو.


تنهنڪري ڪوڙ کي ڇڏي اوهان مان هر ڪو هڪٻئي سان سچ ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ اسين سڀ ايمان وارا هڪ ئي بدن جا عضوا آهيون.


هر قسم جي ڪيني، غضب، ڪاوڙ، هل هنگامي ۽ گھٽ وڌ ڳالهائڻ کي هر طرح جي بدنيتيءَ سميت پاڻ کان پري ڪريو.


مسيح ۾ اوهان جو اهڙو طهر ٿيو آهي جيڪو ماڻهن جي هٿن سان نہ، پر مسيح جي وسيلي ٿيو آهي، جنهن ۾ جسماني فطرت کي لاٿو وڃي ٿو.


ڏس، اسين ڪنهن وقت نادان، نافرمان، گمراهہ ۽ طرح طرح جي نفساني خواهشن ۽ عياشين جا غلام هئاسين. اسين بغض ۽ حسد جي حالت ۾ گذاريندا هئاسين، نفرت جي لائق هئاسين ۽ هڪٻئي سان بہ نفرت ڪندا هئاسين.


جيئن تہ اسين بيان ڪيل شاهدن جي ايڏي وڏي ڪڪر جي گھيري ۾ آهيون، تنهنڪري اچو تہ اسين بہ هر رڪاوٽ ۽ ڦاسائيندڙ هر گناهہ کي هٽائي ثابت قدميءَ سان انهيءَ ڊوڙ ۾ ڊوڙون جيڪا اسان جي اڳيان آهي.


پر جيستائين خدا جو آواز ٻڌڻ وارو اهو ”اڄ“ جو ڏينهن جاري آهي، تيستائين اوهين هر روز هڪٻئي کي نصيحت ڪندا رهجو، انهيءَ لاءِ تہ متان اوهان مان ڪو گناهہ جي فريب ۾ اچي سخت دل ٿي پوي.


تنهنڪري ناپاڪيءَ ۽ بڇڙائيءَ جي سموري گندگيءَ کي پري اڇلائي نماڻائيءَ سان انهيءَ پيغام کي قبول ڪريو، جيڪو اوهان ۾ پوکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوهان کي ڇوٽڪارو ڏيئي ٿو سگھي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي ديندار ٿو سمجھي پر پنهنجي زبان کي ضابطي ۾ نہ ٿو رکي تہ سندس دينداري اجائي آهي ۽ اهو پاڻ کي دوکو ٿو ڏئي.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ اها اجائي هلت چلت جيڪا اوهان جي ابن ڏاڏن کان هلندي ٿي آئي، تنهن کان اوهان کي ڇڏائڻ جي قيمت سون ۽ چانديءَ جهڙيون فاني شيون نہ هيون،


گذريل وقت ۾ اوهان بہ غير ايمان وارن جي مرضيءَ موجب جيڪا هلت ڪئي، يعني شهوت‌پرستيءَ، برين خواهشن، شراب‌خوريءَ، عياشيءَ، بداخلاقيءَ واري نچڻ ڳائڻ ۽ ڪراهت جهڙي بت‌پرستيءَ ۾ گذاريو، سو ئي ڪافي آهي.


مطلب تہ جيڪو نقصان هو ٻين کي رسائين ٿا، تنهن جي بدلي ۾ کين نقصان رسايو ويندو. اهي کلي عام عياشي ڪندي خوش ٿا ٿين. اهي اوهان سان گڏ کائيندي پيئندي پنهنجين دغابازين سان عيش عشرت پيا ڪن. ائين اهي ماڻهو اوهان ۾ داغ ۽ عيب آهن.


وري لوط جو مثال ڏسو، جنهن کي خدا بچائي ورتو. اهو سچار شخص هو ۽ بدڪارن جي گندي هلت چلت کان تنگ ٿيو هو،


تڏهن عيليءَ چيس تہ ”ڪيستائين تون نشي ۾ هوندينءَ؟ پنهنجو نشو مِٽائي هوش ۾ اچ.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan