Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




اِفسين 4:12 - Muslim Sindhi Bible

12 مسيح انهيءَ لاءِ اهو ڪيو تہ جيئن هن ۾ چونڊي پاڪ ڪيل ماڻهو خدمت جي ڪم جي مڪمل تربيت حاصل ڪن ۽ سندس بدن يعني ڪليسيا جي ترقيءَ جو سبب بڻجن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 انهي لاءِ تہ پاڪ ٿيل ڪامل ٿي، خدمتگاريءَ جو ڪم ڪندا رهن، تہ مسيح جو بدن ترقي ڪري:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

12 مسيح انهيءَ لاءِ اهو ڪيو تہ جيئن هن ۾ چونڊي پوِتر ڪيل ماڻهو سيوا جي ڪم جي مڪمل تربيت حاصل ڪن ۽ سندس شرير يعني منڊليءَ جي ترقيءَ جو سبب بڻجن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

12 انھيءَ لاءِ تہ خدا جي سڄي قوم خدمت جي ڪم لاءِ تيار ٿئي، تہ جيئن مسيح جو بدن يعني ڪليسيا ترقي ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




اِفسين 4:12
45 Iomraidhean Croise  

پر مون تو لاءِ دعا گھري آهي تہ شل تنهنجي ايمان ۾ لوڏو نہ اچي. جڏهن تون مون ڏانهن موٽي اچين تہ پنهنجي ڀائرن جي مدد ڪج.“


يهوداہ اسان رسولن جي ٽولي مان هو، ڇاڪاڻ تہ خدمت واري ڪم ۾ اسان سان شريڪ ٿيڻ لاءِ کيس بہ چونڊيو ويو هو.“


اهو رسول جي خدمت واري اها جاءِ وٺي، جنهن تان يهوداہ خارج ٿيو ۽ پنهنجيءَ جاءِ ڏانهن هليو ويو.“


برنباس هڪ نيڪ شخص هو، جيڪو پاڪ روح ۽ ايمان سان ڀرپور هو. جڏهن هو اتي پهتو ۽ ڏٺائين تہ خدا ڪيئن نہ مٿن فضل ڪيو آهي تڏهن هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حوصلہ‌افزائي ڪندي کين چيائين تہ ”خداوند عيسيٰ سان دل وَ جان سان وفادار رهجو.“ پوءِ اتي گھڻا ئي ماڻهو خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻي ڪليسيا ۾ شامل ٿي ويا.


پر مون کي پنهنجي جان جي ڳڻتي نہ آهي، نڪي اها منهنجي لاءِ ڪا قيمت رکي ٿي. مون کي رڳو اهو فڪر آهي تہ آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪريان ۽ جيڪا خدمت خداوند عيسيٰ کان مون کي ڪرڻ لاءِ ملي آهي سا پوري ڪريان، يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


اوهين پاڻ سان گڏ انهيءَ سڄي ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن لاءِ پاڪ روح اوهان کي ڌنار مقرر ڪيو آهي. سو خدا جي انهيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رهجو، جيڪا هن پنهنجي فرزند جي رت سان خريد ڪئي آهي.


انهن ڳالهين کان پوءِ سڄي يهوديہ، گليل ۽ سامريہ علائقن ۾ ڪليسيا کي امن حاصل ٿيو. اها خداوند جو خوف رکندي ترقي ڪندي ويئي ۽ پاڪ روح جي مدد سان وڌندي ويئي.


تهڙيءَ طرح اسين بہ جيتوڻيڪ گھڻا آهيون، تہ بہ مسيح ۾ هڪ جسم ٿيا آهيون ۽ پاڻ ۾ هڪٻئي جا عضوا آهيون.


جيڪڏهن ڪنهن کي خدمت ڪرڻ جي نعمت ملي آهي تہ هو خدمت ڪندو رهي. جيڪڏهن اها نعمت تعليم ڏيڻ جي هجي تہ هو تعليم ڏيندو رهي.


پوءِ اچو تہ اسين اهڙا ڪم ڪندا رهون، جن سان ڀائيچارو پيدا ٿئي ۽ هڪٻئي جي ايمان کي وڌائي سگھون.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! مون کي پڪ آهي تہ اوهين نيڪيءَ سان ڀرپور ۽ گھڻي کان گھڻي ڄاڻ رکندڙ آهيو ۽ هڪٻئي کي نصيحت ڪري سگھو ٿا.


اسان مان هر هڪ کي پنهنجي هم‌ايمان جي مرضيءَ جو لحاظ رکڻ گھرجي، تہ جيئن هن جي ايمان ۾ بہ واڌارو ٿئي.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جڏهن آءٌ اوهان وٽ ايندس تڏهن مسيح جي ڪامل برڪت اسان تي نازل ٿيندي.


سو اوهين سڀ گڏجي مسيح جو بدن آهيو ۽ هر هڪ ان جو عضوو آهي.


هر هڪ ايمان واري مان پاڪ روح جو ظهور ڪنهن نہ ڪنهن نعمت جي وسيلي ٿئي ٿو تہ جيئن سڀني جو فائدو ٿئي.


اهو اوهان تي بہ لاڳو آهي. سو جيئن اوهين پاڪ روح کان ملندڙ نعمتن جي تمنا رکو ٿا، تيئن اها ڪوشش بہ ڪريو تہ اوهان جي انهن نعمتن جي استعمال سان ڪليسيا جي روحاني ترقي ٿئي.


مثال طور جيڪڏهن آءٌ ڪنهن اڻ‌ڄاتل ٻوليءَ ۾ دعا گھرندس تہ منهنجو روح تہ دعا گھرندو، پر دماغ مان ڪليسيا کي ڪو فائدو نہ رسندو.


تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ اهو ئي تہ جڏهن اوهين گڏ ٿيو تڏهن هر ڪو ڪجھہ نہ ڪجھہ ڪري، ڪو گيت ڳائي، ڪو تعليم ڏئي، ڪو مڪاشفو ٻڌائي، ڪو اڻ‌ڄاتل ٻولي ڳالهائي يا ڪو ان جو ترجمو ڪري سمجھائي. پر اهو لازمي آهي تہ سڀ ڳالهيون ڪليسيا جي روحاني ترقيءَ لاءِ هجن.


ڇا اڃا تائين اوهين ائين سمجھو ٿا تہ اسين اوهان جي اڳيان پنهنجي صفائي پيش ڪري رهيا آهيون؟ نہ، اسين تہ خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي مسيح جا هئڻ جي حيثيت سان ڳالهايون ٿا. اي عزيزؤ! هي سڀ ڪجھہ اوهان جي روحاني ترقيءَ لاءِ آهي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آخر ۾ آءٌ چوان ٿو تہ خوش رهو، سڌرندا رهو، منهنجي نصيحت تي عمل ڪندا رهو، هڪ دل ٿي رهو ۽ امن وَ سلامتيءَ سان زندگي گذاريندا رهو. اهڙيءَ طرح خدا جيڪو محبت ۽ سلامتيءَ وارو آهي سو اوهان ساڻ هوندو.


سو جيڪڏهن اوهين سچ‌پچ طاقتور آهيو تہ پوءِ اسين پنهنجي ڪمزور هجڻ ۾ خوش آهيون ۽ اها بہ دعا ٿا گھرون تہ اوهين بهتر کان بهتر ٿيندا وڃو.


سو جيڪڏهن موت واري اها خدمت ايڏي جلوي واري هئي، تہ پوءِ پاڪ روح جي خدمت ڪيڏي نہ وڌيڪ جلوي واري هوندي!


سو اسان رسولن کي خدا جي رحم سان هيءَ خدمت ملي آهي، جنهن ۾ اسين همت نہ ٿا هاريون.


هي سڀ ڪجھہ خدا جي طرفان آهي، جنهن مسيح جي وسيلي اسان جو پاڻ سان ميل ميلاپ ڪرايو ۽ اسان جي حوالي اها خدمت ڪيائين تہ ٻين جو ساڻس ميل ميلاپ ڪرايون.


اسين ڪنهن بہ صورت ۾ ٿاٻڙجڻ جو موقعو نہ ٿا ڏيون، متان اسان جي خدمت تي ڪو الزام اچي.


اي عزيزؤ! جڏهن اسان سان اهڙا واعدا ڪيا ويا آهن، تہ پوءِ اچو تہ پاڻ کي هر انهيءَ شيءِ کان پاڪ ڪريون جيڪا اسان جي جسم ۽ روح ٻنهي کي پليت ڪري ٿي ۽ خدا جو خوف رکندي مڪمل طرح پاڪ ٿي وڃون.


جيڪا مسيح جو بدن آهي. مسيح سان ئي ڪليسيا جي ڀرپوري ٿئي ٿي ۽ هو ئي هر شيءِ کي هر طرح سان ڀرپور ڪري ٿو.


انهيءَ مٿي جي ئي وسيلي بدن جا سڀ عضوا پاڻ ۾ ڳنڍجن ٿا ۽ بدن جو سنڌ سنڌ انهيءَ سان جڙيل هئڻ ڪري قائم رهي ٿو. سو جيڪڏهن هر هڪ عضوو پنهنجو پنهنجو ڪم صحيح نموني ۾ ڪري ٿو تہ سڄو بدن وڌي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي پيار جي وسيلي ترقي وٺائيندو رهي ٿو.


اوهان جي وات مان ڪابہ بري ڳالهہ نہ نڪري، پر اهڙي ڳالهہ نڪري جيڪا ضرورت موجب ٻين جي روحاني ترقيءَ جو سبب بڻجي، تہ جيئن ٻڌڻ وارن کي انهيءَ مان فائدو ملي.


ڏسو، هڪڙو ئي بدن آهي ۽ هڪڙو ئي پاڪ روح، جيئن اوهين بہ هڪڙي ئي اميد لاءِ سڏيا ويا آهيو.


هاڻي آءٌ انهن ڏکن سورن جي ڪري خوش آهيان، جيڪي اوهان جي خاطر پيو سهان. اهڙيءَ طرح مسيح جي تڪليفن سهڻ جي جيڪا ڪمي سندس بدن، يعني ڪليسيا جي مضبوطيءَ لاءِ آهي، تنهن کي آءٌ پنهنجي جسم ۾ پورو پيو ڪريان.


اسين انهيءَ مسيح بابت ئي پيغام ٻڌايون ٿا ۽ پوريءَ ڏاهپ سان هر ڪنهن کي سمجھايون ۽ تعليم ڏيون ٿا، تہ جيئن هر هڪ کي مسيح ۾ ڪامل بڻائي خدا جي حضور ۾ پيش ڪريون.


ان کان علاوہ ارخپس کي نياپو ڏجو تہ ”خداوند عيسيٰ جي خدمت وارو جيڪو ڪم تنهنجي حوالي ڪيو ويو آهي، تنهن کي ضرور پورو ڪجانءِ.“


اسان جو خداوند عيسيٰ مسيح، جيڪو مون کي طاقت بخشي ٿو، تنهن جو آءٌ شڪر ادا ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ هن مون کي ايماندار سمجھي پنهنجي خدمت لاءِ مقرر ڪيو آهي.


رڳو لوقا مون وٽ آهي. تون مرقس کي پاڻ سان گڏ وٺي اچجانءِ، ڇاڪاڻ تہ خدمت واري ڪم ۾ هو منهنجو سٺو مددگار آهي.


سو تون هر حالت ۾ هوشيار رهہ، سختي سهُہ، خوشخبري ٻڌائڻ جو ڪم ڪر ۽ پنهنجي خدمت جي ذميواري پوري ڪر.


اوهين پنهنجي اڳواڻن تي اعتماد رکندي سندن تابعدار رهو، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان جي روحاني فائدي لاءِ سجاڳ ٿا رهن ۽ خدا وٽ انهيءَ جو حساب ڏيڻ جا ذميوار آهن. سو اوهين ائين ڪريو، تہ جيئن هو اها ذميواري خوشيءَ سان پوري ڪن نڪي رنج سان، نہ تہ اوهان کي ڪو فائدو نہ ٿيندو.


تنهنڪري اچو تہ مسيح بابت بنيادي ڳالهين کان اڳتي بلوغت ڏانهن وڌندا هلون. هائو، انهن بنيادي ڳالهين کي ٻيهر شروع ڪرڻ جي ضرورت نہ آهي، جهڙوڪ: موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان توبهہ ڪري خدا تي ايمان آڻڻ،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan