Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




اِفسين 2:2 - Muslim Sindhi Bible

2 انهيءَ وقت اوهين دنيا جي دستور موجب هلندا هئا ۽ نظر نہ ايندڙ مخلوقن تي اختياري هلائيندڙ حڪمران جا پوئلڳ هئا يعني شيطان جا. هي اهو ئي روح آهي، جيڪو هاڻي تائين انهن ماڻهن تي اثر ڪري ٿو جيڪي خدا جا نافرمان آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 جن گناهن ۾ اوهين اڳي هن دنيا جي دستور موجب هلندا هئا، ۽ فضا ۾ اختيار هلائڻ واري حاڪم جي، يعني انهي روح جي پيروي ڪندا هئا، جو هاڻي نافرمانيءَ جي فرزندن ۾ اثر پيدا ٿو ڪري؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 انهيءَ وقت اوهين سنسار جي دستور موجب هلندا هئا ۽ نظر نہ ايندڙ مخلوقن تي اختياري هلائيندڙ حڪمران جا پوئلڳ هئا يعني شيطان جا. هي اها ئي آتما آهي، جيڪا هاڻي تائين انهن ماڻهن تي اثر ڪري ٿي جيڪي ايشور جا نافرمان آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

2 انھيءَ وقت اوھين دنيا جي دستور موجب ھلندا ھئا ۽ ھوا ۾ اختياري ھلائيندڙ حڪمران، يعني شيطان جا پوئلڳ ھئا. ھيءُ اھو ئي روح آھي، جيڪو ھاڻي انھن ماڻھن تي حڪومت ڪري ٿو جيڪي خدا جا نافرمان آھن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




اِفسين 2:2
64 Iomraidhean Croise  

اڃا اهو ڳالهائي ئي رهيو هو تہ هڪڙي ٻئي نوڪر اچي کيس ٻڌايو تہ ”آسمان مان باهہ ڪري آهي ۽ رڍن ٻڪرين ۽ ڌنارن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيو اٿس. رڳو آءٌ ئي بچي نڪتو آهيان، جو توهان کي اچي خبر ڏني اٿم.“


تہ اوچتو ئي اوچتو بيابان جي پاسي کان سخت واءُ اچي ڪڙڪيو، جنهن جي زور کان اهو گھر انهن مٿان ڪري پيو ۽ اهي سڀ مري ويا. رڳو آءٌ ئي بچي نڪتو آهيان، جو توهان کي اچي خبر ڏني اٿم.“


خداوند شيطان کان پڇيو تہ ”تون ڪٿان ٿو اچين؟“ شيطان ورندي ڏني تہ ”آءٌ ڌرتيءَ تان هيڏانهن هوڏانهن گشت ڪندو ۽ گھمندو ڦرندو پيو اچان.“


جيڪڏهن منهنجو قدم صحيح رستي کان ٿڙي ويو هجي، يا منهنجيءَ دل منهنجي اکين جي خواهش جي پيروي ڪئي هجي، يا گناهہ جو ڪو داغ منهنجي هٿن کي لڳو هجي،


اي خداوند! پنهنجي قدرت ڏيکاري مون کي انهن کان ڇڏاءِ، هائو، دنيا جي انهن ماڻهن کان، جن جو حصو رڳو هن دنيا ۾ آهي. پر جيڪي شيون تو پنهنجي پيارن لاءِ گڏ ڪري رکيون آهن، تن سان شل اهي ڍاول رهن! سندن ٻچن وٽ ايترو تہ گھڻو ڪجھہ هجي، جو اهي پنهنجن ٻارن لاءِ باقي ڇڏي وڃن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي يهوداہ جي انهن باغي ماڻهن لاءِ! جيڪي منهنجي منصوبن جي بجاءِ پنهنجا منصوبا ٿا جوڙين، جيڪي منهنجي مرضيءَ جي خلاف معاهدا ٿا ڪن، اهڙيءَ طرح اهي گناهن مٿان گناهہ ڪندا ٿا وڃن.


اوهين ڪنهن تي ٺٺوليون ٿا ڪريو؟ اوهين ڪنهن تي ايڏو وات پٽيو ٿا ۽ زبان ڪڍو ٿا؟ اوهين تہ پاڻ بدڪار ۽ ڪوڙا آهيو.


جيئن تہ ملڪ خداوند سان بي‌وفائي ڪندڙن سان ڀرجي ويو آهي، جن بڇڙائيءَ جو رستو اختيار ڪيو آهي ۽ پنهنجي طاقت کي سچائيءَ جي خلاف استعمال ڪن ٿا. سو خدا جي لعنت جي ڪري ملڪ سڙي ٺوٺ ٿي ويو آهي ۽ چراگاهہ سڪي سڙي ويا آهن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”جِبعت جي واقعي واري ڏينهن کان وٺي اسرائيل وارا گناهہ ڪندا آيا آهن. هو اڃا تائين انهن گناهن کان باز نہ آيا آهن، تنهنڪري جِبعت ۾ ئي انهن سان جنگ ڪئي ويندي.


پر ابنِ آدم کائيندو پيئندو ٿو رهي، تڏهن بہ ماڻهو چون ٿا تہ ’ڏسو، هو پيٽو ۽ شرابي آهي ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن توڙي گنهگارن جو ساٿي آهي.‘ پر ياد رکو، ڪمن جي ڦل مان ئي خدا جي حڪمت سچي ثابت ٿئي ٿي.“


ڪانڊيرن واري اها زمين جنهن ۾ داڻا ڪريا تنهن مثل اهي آهن جيڪي پيغام تہ ٻڌن ٿا پر هن دنيا جو فڪر ۽ دولت جو فريب پيغام کي گھُٽي ڇڏين ٿو ۽ انهن ۾ ڦر نہ ٿو جھلي.


۽ ٻني هيءَ دنيا آهي. سٺو ٻج اهي ماڻهو آهن جيڪي آسمان جي بادشاهيءَ سان واسطو رکن ٿا ۽ ڪانڊيرا اهي ماڻهو آهن جيڪي ابليس سان واسطو رکن ٿا.


پر دنيا جو فڪر، دولت جو فريب ۽ ٻين شين جون خواهشون سندن دلين ۾ گھڙي ڪري پيغام کي گھُٽيو ڇڏين ۽ انهن ۾ ڦر نہ ٿو جھلي.


اهو ڏسي سندس مالڪ بي‌ايمان منشيءَ جي تعريف ڪئي، انهيءَ ڪري جو هن هوشياريءَ کان ڪم ورتو هو. اهڙيءَ ئي طرح هن زماني جا ماڻهو هڪٻئي سان هلت چلت ۾ خدا جي بادشاهيءَ جي ماڻهن کان وڌيڪ هوشيار آهن.“


”شمعون! اي شمعون! ڏس، شيطان اوهان کي آزمائڻ جي اجازت ورتي آهي، تہ جيئن اوهان سڀني کي ڪڻڪ جي ڳاهہ وانگر ڳاهي، اَنَ ۽ بُهہ وانگر جدا جدا ڪري.


هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي جو هن دنيا کي گنهگار قرار ڏنو ويندو ۽ دنيا جي سردار کي لوڌي ڪڍيو ويندو.


عيسيٰ ۽ سندس شاگرد رات جي ماني کائي رهيا هئا. انهيءَ وقت کان اڳ ئي شمعون جي پٽ يهوداہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ ابليس اها ڳالهہ وجھي ڇڏي هئي تہ هو عيسيٰ سان دغا ڪري.


جيئن ئي يهوداہ گرهہ ورتو تيئن ئي شيطان منجھس سمائجي ويو. عيسيٰ کيس چيو تہ ”جيڪو تو کي ڪرڻو آهي سو جلدي ڪري وٺ.“


هن کان پوءِ آءٌ اوهان سان گھڻو نہ ڳالهائيندس، ڇاڪاڻ تہ هن دنيا جو سردار اچي رهيو آهي. انهيءَ جو مقصد اهو نہ آهي تہ هن جو مون تي ڪو اختيار آهي.


جيڪڏهن اوهين دنيا جا هجو ها تہ جيڪر دنيا اوهان سان پنهنجن جهڙو پيار ڪري ها. پر اوهين دنيا جا نہ آهيو، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان کي دنيا مان چونڊي ڪڍيو آهي، تنهنڪري دنيا اوهان کان نفرت ڪري ٿي.


۽ عدالت جي باري ۾ انهيءَ ڪري جو هن دنيا جي سردار کي گنهگار قرار ڏنو ويو آهي.


دنيا اوهان کان نفرت ڪري نہ ٿي سگھي پر اها مون کان نفرت ڪري ٿي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هن کي ٻڌائيندو رهيو آهيان تہ هن جا ڪم بڇڙا آهن.


عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين هيٺ جا آهيو، پر آءٌ مٿان آيو آهيان. هائو، اوهين هن دنيا جا آهيو، پر آءٌ هن دنيا جو نہ آهيان.


اوهين پنهنجي پيءُ ابليس جو اولاد آهيو ۽ پنهنجي پيءُ جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. هو تہ شروعات کان وٺي خوني آهي ۽ ڪڏهن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو اٿائين، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ سچ آهي ئي ڪين. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي تہ پنهنجي فطرت موجب ٿو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو ڪوڙو آهي، بلڪ ڪوڙ جو باني آهي.


آخرڪار شهر جي مکيہ عملدار ميڙ کي ماٺ ڪرائي چيو تہ ”اي اِفسس جا رهاڪؤ! هر انسان ڄاڻي ٿو تہ اِفسس جو شهر عظيم ديوي ارتمس جي مندر جو رکوالو آهي ۽ ان جو پٿر بہ آسمان مان هتي نازل ٿيو هو.


تنهن تي پطرس چيس تہ ”اي حننياہ! ڇو شيطان تنهنجي دل ۾ اهڙو خيال وڌو، جو تو پاڪ روح سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ ٻنيءَ جي پئسن مان ڪجھہ پاڻ وٽ رکي ڇڏيئِہ؟


پاڻ کي هن آخري زماني جو نمونو اختيار ڪرڻ نہ ڏيو، بلڪ خدا جي ڏنل نئين سوچ سمجھہ جي وسيلي پاڻ ۾ خدا کي تبديلي ڪرڻ ڏيو. پوءِ اوهين سمجھي سگھندا تہ خدا جي چڱي، وڻندڙ ۽ ڪامل مرضي ڪهڙي آهي.


منهنجو مطلب اهو نہ هو تہ اوهين هن دنيا جي زناڪارن، لالچين، دغابازن ۽ بت‌پرستن سان لاڳاپا ئي لاهي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ لاءِ اوهان کي ضرور هن دنيا مان نڪري وڃڻو پوندو.


اوهان ۾ بہ ڪي اهڙا ئي هئا. پر هاڻي اوهين خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي ۽ اسان جي خدا جي پاڪ روح جي وسيلي گناهن کان ڌوتا ويا آهيو، مخصوص ڪيا ويا آهيو ۽ خدا ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيو.


اهي ايمان نہ ٿا آڻين، ڇاڪاڻ تہ شيطان جنهن کي هو هن دنيا جو معبود ڪري مڃين ٿا، تنهن سندن عقل کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي. هو چاهي ٿو تہ مسيح جيڪو خدا جي صورت آهي، تنهن جي عظمت جي باري ۾ خوشخبريءَ جي روشني هو ڏسي نہ سگھن.


مسيح اسان جي گناهن جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، تہ جيئن هو خدا اسان جي پيءُ جي مرضيءَ موجب اسان کي هن هاڻوڪي خراب زماني کان بچائي.


هائو، هن مسيح کي هر طرح جي حڪومت، اختياريءَ، طاقت ۽ بادشاهيءَ کان گھڻو مٿاهون ڪيو آهي. اهڙو رتبو نہ هن آخري زماني ۾ ۽ نہ وري ايندڙ نئين زماني ۾ ڪنهن کي حاصل ٿيندو.


تنهنڪري اوهين جيڪي پيدائشي طور غير قوم آهيو، جنهن سبب جسماني طور هٿ سان ڪرايل طهر وارا فخر وچان پاڻ کي طهريل سڏائيندي اوهان کي اڻ‌طهريل سڏيندا آهن، سي ياد رکو تہ


پر هاڻي عيسيٰ مسيح ۾ شامل ٿيڻ ڪري اوهين جيڪي پهريائين گھڻو پري هئا، سي سندس رت جي وسيلي خدا جي ويجھو ٿي پيا آهيو.


اڳ اسين سڀيئي بہ انهن سان گڏ پنهنجي انساني فطرت جي جسماني خواهشن موجب زندگي گذاريندا هئاسين ۽ پنهنجي جسم ۽ نفس جون خواهشون پوريون ڪندا هئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين ماڻهن وانگر خدا جي ناراضپي جا حقدار هئاسين.


جيئن تہ اسين خداوند عيسيٰ جا آهيون، تنهنڪري آءٌ اوهان کي تاڪيد ڪندي چوان ٿو تہ اوهين غير قومن واري غلط رستي کي ڇڏي اڳتي سندن اجاين خيالن موجب زندگي نہ گذاريو.


اها تعليم هي آهي تہ اوهين پنهنجي پراڻي انساني فطرت جيڪا برين خواهشن جي فريب سبب بگڙندي ٿي وڃي، تنهن کي سندس اڳوڻي هلت چلت سميت لاهي ڇڏيو


خبردار، متان اهڙن ماڻهن جي اجاين ڳالهين سان اوهين ٺڳجي وڃو، ڇاڪاڻ تہ اهڙين ڳالهين جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.


ياد رکو تہ اڳي اوهين اوندهہ مثل هئا، پر هاڻي خداوند عيسيٰ جا هئڻ ڪري روشنيءَ مثل آهيو. سو اوهين روشنيءَ وارن جي راهہ تي هلو،


ياد رکو تہ اسان جي جنگ انسانذات سان نہ، پر هن دنيا تي ڇانيل اونداهيءَ وارين طاقتن، اختياريءَ وارن ۽ حاڪمن سان ۽ ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ بڇڙن روحن جي لشڪرن سان آهي.


ڪنهن وقت اوهين خدا جي حضور کان ٻاهر هئا ۽ بري سوچ رکندي بڇڙا ڪم ڪرڻ سبب سندس دشمن هئا.


ڇاڪاڻ تہ ديماس هن دنيا جي چاهت ۾ ڦاسي مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٿِسلُنيڪي شهر ڏانهن هليو ويو آهي. ان کان علاوہ ڪريسڪينس گلتيا صوبي ڏانهن هليو ويو آهي ۽ طيطس دلمتيا علائقي ڏانهن.


اسان جي پيءُ خدا جي نظر ۾ خالص ۽ بي‌عيب دينداري اها آهي تہ يتيمن ۽ رنن‌زالن جي سندن مصيبت جي وقت سار سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا جي گندگيءَ کان بچائي بي‌داغ رکجي.


اهڙو ماڻهو ائين نہ سمجھي تہ کيس خداوند کان ڪجھہ نہ ڪجھہ ملندو.


اي بي‌وفا انسانؤ! ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ دنيا جي دوستي خدا سان دشمني آهي؟ تنهنڪري جيڪو ماڻهو دنيا جو دوست ٿيڻ ٿو گھري، سو پاڻ کي خدا جو دشمن ٿو بڻائي.


اوهين خدا جي فرمانبردار ٻارن وانگر زندگي گذاريندي اهي بريون خواهشون اختيار نہ ڪريو، جيڪي اوهان جي جهالت واري زماني ۾ اوهان منجھہ هيون.


گذريل وقت ۾ اوهان بہ غير ايمان وارن جي مرضيءَ موجب جيڪا هلت ڪئي، يعني شهوت‌پرستيءَ، برين خواهشن، شراب‌خوريءَ، عياشيءَ، بداخلاقيءَ واري نچڻ ڳائڻ ۽ ڪراهت جهڙي بت‌پرستيءَ ۾ گذاريو، سو ئي ڪافي آهي.


اهي زناڪاريءَ لاءِ هر وقت عورتن کي بري نظر سان پيا ڏسن ۽ گناهن کان بس نہ ٿا ڪن. جيڪي ڪمزور ايمان وارا آهن، تن کي هو غلط ڪمن ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ ڦاسايو ٿا وٺن. اهي لالچ ڪرڻ جا ماهر ۽ لعنتي آهن.


سو ڪير خدا جو ٻار آهي ۽ ڪير ابليس جو؟ اهو هن مان معلوم ٿئي ٿو تہ جيڪو سچائيءَ جا ڪم نہ ٿو ڪري ۽ جيڪو پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري سو خدا جو ٻار نہ آهي.


جيڪو گناهہ ڪري ٿو سو ابليس جي ٽولي مان آهي، ڇاڪاڻ تہ ابليس شروع کان وٺي گناهہ ڪندو ٿو اچي. خدا جو فرزند انهيءَ لاءِ ظاهر ٿيو تہ جيئن ابليس جي ڪمن کي ناس ڪري.


پيارا ٻارؤ! اوهين خدا جا آهيو ۽ انهن تي فتحياب ٿيا آهيو جيڪي نبي سڏائين ٿا، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان ۾ آهي سو انهيءَ کان وڌيڪ طاقتور آهي جيڪو دنيا ۾ آهي.


هاڻ اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين خدا جا ٻار آهيون، جڏهن تہ سڄي دنيا شيطان جي قبضي ۾ آهي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪو بہ خدا جو ٻار بڻيو آهي، سو دنيا تي فتح حاصل ڪري ٿو. اها فتح جنهن اسان کي دنيا تي فاتح ڪيو آهي سا آهي اسان جو ايمان.


اهو وڏو ازدها يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس يا شيطان بہ سڏبو آهي ۽ جيڪو سڄي جهان کي گمراهہ ٿو ڪري، تنهن کي آسمان مان ڪڍي سندس ملائڪن سميت ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو.


اُن حيوان کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ پهرئين حيوان جي روبرو ڌرتيءَ جي رهاڪن کي گمراهہ ڪرڻ لاءِ معجزا ڏيکاري. انهن معجزن جي ڪري هو گمراهہ ٿي رهيا هئا. هُن کين چيو تہ انهيءَ حيوان جو بت بڻايو جنهن کي تلوار سان زخمي ڪري ماريو ويو، جيڪو پوءِ جيئرو ٿي پيو هو.


ڌرتيءَ جا سڀيئي رهاڪو انهيءَ حيوان کي سجدو ڪندا، سواءِ انهن جي جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، جيڪو ڪُٺل گھيٽڙي جو آهي.


جڏهن ستين ملائڪ پنهنجو پيالو هوا ۾ هاريو تہ هيڪل مان تخت واري پاسي کان هڪڙو وڏو آواز آيو، جنهن چيو تہ ”پورو ٿيو.“


هُن انهيءَ ازدها، يعني قديمي نانگ جنهن کي ابليس يا شيطان بہ سڏيو وڃي ٿو، تنهن کي پڪڙي هزار سالن لاءِ ٻڌي ڇڏيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan