Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




اِفسين 2:10 - Muslim Sindhi Bible

10 اسين تہ خدا جي ڪاريگري آهيون ۽ هن اسان کي عيسيٰ مسيح ۾ نئين سر پيدا ڪيو آهي، تہ جيئن اسين چڱا ڪم ڪندا رهون جيڪي هن اڳي ئي اسان جي ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو اسين سندس ڪاريگري آهيون، ۽ مسيح يسوع ۾ انهن چڱن ڪمن لاءِ خلقيا ويا آهيون، جي خدا اڳيئي اسان جي ڪرڻ ۽ انهن تي هلڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

10 اسين تہ ايشور جي ڪاريگري آهيون ۽ هن اسان کي يسوع مسيح ۾ نئين سر پيدا ڪيو آهي، تہ جيئن اسين چڱا ڪم ڪندا رهون جيڪي هن اڳي ئي اسان جي ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

10 ڇالاءِ⁠جو اسين خدا جي ڪاريگري آھيون. ھن اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي ڪري انھن چڱن ڪمن لاءِ پيدا ڪيو جيڪي ھن اڳي ئي اسان جي ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا ھئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




اِفسين 2:10
58 Iomraidhean Croise  

اوهين ڄاڻي ڇڏيو تہ خداوند ئي خدا آهي. هن ئي اسان کي پيدا ڪيو آهي ۽ اسين هن جا ئي آهيون. هائو، اسين سندس چونڊيل قوم، ۽ سندس چراگاهہ جون رڍون آهيون.


بيشڪ اهي ڪا ئي بڇڙائي ڪين ٿا ڪن، بلڪ خداوند جي واٽن تي هلندا ٿا رهن.


اي خداوند! تون منهنجي لاءِ پنهنجو ڪيل هر قول پورو ڪندين. بيشڪ تنهنجو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي. سو تون پنهنجي خلقيل بندن کي ڇڏي نہ ڏجانءِ.


اي خدا! منهنجي اندر ۾ هڪڙي پاڪ دل پيدا ڪر، ۽ منهنجي باطن ۾ نئين سر مستقيم روح وجھي ڇڏ.


ڪاش، اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين منهنجي ٻڌو. ڪاش، اي بني اسرائيل! اوهين منهنجي ئي واٽن تي هلو.


انهيءَ سبب جو قادرِمطلق خداوند انهن کي هي چوندي برڪت وارو ڪندو تہ ”اي مصر وارؤ! منهنجي قوم، اي اشور وارؤ! منهنجي ڪاريگري، ۽ اي بني اسرائيل! منهنجي چونڊيل قوم، آءٌ اوهان کي برڪتون عطا ڪريان ٿو.“


بلڪ جڏهن اوهين پنهنجي اولاد کي ڏسندا، جنهن کي آءٌ هڪ عظيم قوم بڻائيندس، تڏهن اوهين منهنجي نالي کي پاڪ مڃيندا. هائو، اوهين مون خداوند، بني يعقوب جي خدا کي پاڪ ڪري ڄاڻيندا، ۽ مون بني اسرائيل جي خدا جي تعظيم ڪندا.


اها قوم مون پنهنجي لاءِ خلقي آهي، تان‌تہ اهي منهنجي واکاڻ ڳائين.


اهي سڀ منهنجي نالي سان ٿا سڏجن. مون ئي انهن کي پيدا ڪيو آهي، تہ جيئن اهي منهنجي تعظيم ڪن.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني يعقوب! اوهين منهنجا ٻانها آهيو، سو اهي ڳالهيون ياد رکو. هائو، اي بني اسرائيل وارؤ! مون ئي اوهان کي خلقيو آهي، اوهين تہ منهنجا ٻانها آهيو، آءٌ اوهان کي ڪڏهن بہ نہ وساريندس.


تنهنجا سڀيئي ماڻهو سچائيءَ وارا ڪم ڪندا، ۽ هميشہ لاءِ ملڪ جا وارث ٿي رهندا. اهي منهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن، جن کي مون پوکيل وڻ وانگر ملڪ ۾ ڄمائي ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن مان منهنجي عظمت ظاهر ٿئي.


خاص طور صيئون جي حالات تي ماتم ڪرڻ وارن کي ڏک ۽ غم جي بدران خوشي ۽ شادماني، ۽ ماتم جي بدران واکاڻ جو گيت ڏيان. اهي انهن وڻن وانگر ٿيندا جيڪي خداوند پنهنجي هٿن سان پوکيا هجن. اهي سچائيءَ وارا ڪم ڪندا، تان‌تہ خداوند جي عظمت ظاهر ٿئي.


اهو نئون عهد هي آهي، جيڪو آءٌ بني اسرائيل سان ان وقت ٻڌندس: آءٌ پنهنجي شريعت هنن جي ذهنن ۾ وجھندس ۽ سندن دلين تي پڻ لکي ڇڏيندس. آءٌ هنن جو خدا هوندس ۽ هو منهنجي قوم هوندا.


ساڳيءَ طرح اوهان جي روشني بہ ماڻهن اڳيان ائين چمڪي جو اهي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي اوهان جي پيءُ جي واکاڻ ڪن، جيڪو آسمان تي آهي.“


پر جيڪو سچ تي هلي ٿو سو روشنيءَ ڏانهن اچي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ سندس ڪم ظاهر ٿين، جيڪي هن خدا جي مرضيءَ موجب ڪيا آهن.


انهن ڳالهين کان پوءِ سڄي يهوديہ، گليل ۽ سامريہ علائقن ۾ ڪليسيا کي امن حاصل ٿيو. اها خداوند جو خوف رکندي ترقي ڪندي ويئي ۽ پاڪ روح جي مدد سان وڌندي ويئي.


يافا ۾ مسيح تي ايمان رکندڙ هڪڙي عورت رهندي هئي، جنهن جو نالو طبيٿا يعني دورڪاس هو. هوءَ گھڻا ئي نيڪ ڪم ۽ خير خيراتون ڪندي هئي.


پر هاڻ جيڪي عيسيٰ مسيح ۾ آهن، سي گنهگار هئڻ جي فتويٰ کان آزاد آهن.


هائو، شروع کان ئي خدا انهن کي پنهنجو ٿي ڄاتو ۽ کين اڳ ۾ ئي مخصوص بہ ڪيو هئائين. خدا اهو انهيءَ لاءِ ڪيو تہ اهي سندس فرزند جهڙا ٿين، تہ جيئن سندس فرزند گھڻن ڀائرن ڀينرن ۾ پهريتو ٿئي.


مطلب تہ اسين خدا جي وس هيٺ ڪم ڪندڙ خدمتگار آهيون، جڏهن تہ اوهين خدا جي پوک آهيو. اوهين خدا جي عمارت پڻ آهيو.


مطلب تہ جيڪو بہ مسيح ۾ آهي سو نئون خلقيل آهي. پراڻي زندگي گذري ويئي، ڏسو، نئين زندگي شروع ٿي ويئي آهي.


اهو خدا ئي آهي، جنهن اسان کي انهيءَ تبديليءَ لاءِ تيار ڪيو آهي ۽ اڳواٽ ئي پاڪ روح بياني طور ڏنو اٿائين.


خدا اوهان تي هر طرح جو فضل وڌائي سگھي ٿو، تہ جيئن هر شيءِ اوهان وٽ هر وقت ۽ هر حالت ۾ اوهان جي ضرورت کان گھڻي هجي ۽ اوهين هر نيڪ ڪم ۾ وڌندا وڃو،


انهيءَ ڪري طهر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آهي، پر اهم ڳالهہ نئين سر پيدا ٿيڻ آهي.


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو خدا جي مرضيءَ سان مسيح يعني عيسيٰ جو رسول آهيان. هي خط اِفسس شهر ۾ رهندڙ اوهان مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي عيسيٰ مسيح جا وفادار پوئلڳ آهيو.


هن ئي اسان کي دنيا بڻائڻ کان اڳ مسيح ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چونڊي ڇڏيو، تہ جيئن اسين سندس آڏو محبت ۾ پاڪ ۽ بي‌عيب هجون.


پر هاڻي عيسيٰ مسيح ۾ شامل ٿيڻ ڪري اوهين جيڪي پهريائين گھڻو پري هئا، سي سندس رت جي وسيلي خدا جي ويجھو ٿي پيا آهيو.


اها ڀت شريعت پنهنجي قاعدن قانونن سان کڙي ڪئي هئي. مسيح انهيءَ شريعت کي هٽائي يهودين ۽ غير يهودين ٻنهي کي پاڻ ۾ شامل ڪري هڪڙو نئون انسان پيدا ڪري صلح ڪرائي ڇڏيو.


انهيءَ وقت اوهين دنيا جي دستور موجب هلندا هئا ۽ نظر نہ ايندڙ مخلوقن تي اختياري هلائيندڙ حڪمران جا پوئلڳ هئا يعني شيطان جا. هي اهو ئي روح آهي، جيڪو هاڻي تائين انهن ماڻهن تي اثر ڪري ٿو جيڪي خدا جا نافرمان آهن.


عيسيٰ مسيح ۾ هئڻ ڪري خدا اسان کي ساڻس گڏ اٿاريو ۽ عرش عظيم تي ساڻس گڏ ويهاريائين.


تنهنڪري آءٌ، جيڪو خداوند عيسيٰ جو هئڻ ڪري قيدي آهيان، اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جهڙي زندگي گذارڻ لاءِ خدا اوهان کي سڏيو آهي، اهڙي ئي لائق زندگي گذاريو.


ائين اوهين نئين فطرت کي لباس وانگر پهري ڇڏيو، جيڪا خدا ۾ موجود حقيقي سچائيءَ ۽ پاڪيزگيءَ سان پيدا ڪيل آهي.


اي بي‌عقل نادانؤ! پنهنجي ڌڻيءَ کي اهو ئي عيوض ڏيندءُ ڇا؟ ڇا هو اوهان جو ابو ۽ خالق نہ آهي، جنهن اوهان کي هڪ قوم بڻائي قائم ڪيو آهي؟


جنهن رستي جو هن اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تنهن تي هلجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين جيئرا رهو ۽ اوهان جو ڀلو ٿئي ۽ جيڪو ملڪ اوهان جي قبضي ۾ ايندو تنهن ۾ اوهين وڏي عرصي تائين رهو.“


مون کي انهيءَ ڳالهہ جو يقين آهي تہ خدا جيڪو چڱو ڪم اوهان ۾ شروع ڪيو آهي، سو عيسيٰ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين پورو ڪندو.


جڏهن تہ اهو خدا ئي آهي جيڪو پنهنجي نيڪ ارادي موجب اوهان ۾ ڪم ڪندو رهي ٿو، تہ جيئن اوهين سندس مرضي قبول ڪريو ۽ انهيءَ تي عمل بہ ڪريو.


اها دعا اسين انهيءَ لاءِ ٿا گھرون تہ جيئن اوهين پنهنجي زندگي خداوند عيسيٰ جي لائق گذاريو ۽ کيس هر طرح خوش رکو. هائو، اوهين هر ڪنهن نيڪ ڪم ۾ ڦلدار ٿيندي خدا کي ڄاڻڻ ۾ وڌندا وڃو.


۽ نئين فطرت کي پهري ڇڏيو آهي. جيئن جيئن اها نئين فطرت پنهنجي خالق جي صورت موجب نئين ٿيندي وڃي ٿي تيئن تيئن اوهين خدا جي ڄاڻ ۾ وڌندا وڃو ٿا.


سي شل اوهان جي دلين کي همت عطا ڪن ۽ اهڙي طاقت بخشين جو جيڪي ڪجھہ اوهين چئو ۽ ڪريو سو چڱو هجي.


بلڪ اهي پاڻ کي چڱن ڪمن سان سينگارين، جيئن انهن عورتن کي مناسب آهي، جيڪي پاڻ کي خداپرست ٿيون چوائين.


اها هر چڱي ڪم ڪرڻ ۾ مشغول رهي هجي، جنهن جي شاهدي ماڻهو ڏيندا هجن، مثال طور ٻارن جي پالنا ۽ مسافرن جي مهمان‌نوازي ڪئي هجائين، پيار ۽ نماڻائيءَ سان مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي خدمت ڪئي هجائين ۽ ڏکويلن جي مدد ڪئي هجائين.


ساڳيءَ طرح چڱا ڪم بہ صاف ظاهر ٿين ٿا ۽ جيڪي ظاهر نہ آهن سي بہ لڪل رهي نہ ٿا سگھن.


انهن کي نصيحت ڪر تہ نيڪي ڪن ۽ چڱن ڪمن ۾ دولتمند ٿين، سخي ٿين ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار رهن.


اهڙي نموني جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي انهن نيچ ڳالهين کان پاڪ صاف ٿو رکي تہ اهو مانائتو ۽ مخصوص ٿانءُ ٿيندو، جيڪو پنهنجي مالڪ لاءِ ڪارائتو ۽ هر چڱي ڪم لاءِ تيار هوندو.


مطلب تہ پاڪ لکت جو مقصد اهو آهي تہ خدا جا ٻانها هر لحاظ کان انهيءَ لائق ٿين جو هر چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ پوريءَ طرح تيار رهن.


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.


تون پاڻ سڀني ڳالهين ۾ چڱا ڪم ڪري انهن لاءِ نمونو بڻجي ڏيکار. تنهنجي تعليم ڏيڻ مان ايمانداري ۽ سنجيدگي ظاهر ٿئي.


ماڻهن کي ياد ڏياريندو رهہ تہ اهي حڪمرانن ۽ اختياريءَ وارن جا تابعدار رهن، سندن حڪم مڃين ۽ هر چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار رهن.


اهو بہ لازمي آهي تہ ڪريتي وارا اسان جا هم‌ايمان ڀائر ڀينر چڱن ڪمن ڪرڻ ۾ مشغول رهڻ سکن، انهيءَ لاءِ تہ جيئن هو ضرورتن جو پورائو ڪري سگھن ۽ بي‌فائدہ زندگي نہ گذارين.


اها ڳالهہ ڀروسي واري آهي. سو منهنجي مرضي آهي تہ تون پوري يقين سان انهن ڳالهين جي دعويٰ ڪر، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي خدا تي پورو ڀروسو رکن ٿا، سي ڌيان سان چڱن ڪمن ڪرڻ ۾ رڌل رهن. اهي ڳالهيون چڱيون ۽ ماڻهن لاءِ فائديمند آهن.


اچو تہ اسين پيار ۽ چڱن ڪمن جو هڪٻئي ۾ شوق پيدا ڪرڻ لاءِ ويچار ڪريون.


شل سو ئي اوهان کي هر چڱي برڪت بخشي ڪامل بڻائي، تہ جيئن اوهين سندس مرضي پوري ڪريو. شل هو عيسيٰ مسيح جي وسيلي اسان سڀني ۾ اهو ڪجھہ پيدا ڪري جيڪو کيس پسند آهي. سندس عظمت جي واکاڻ هميشہ ٿيندي رهي. آمين.


غير ايمان وارن ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جيئن جيڪي اوهان تي بڇڙو هئڻ جي تهمت ٿا هڻن سي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي انهيءَ ڏينهن تي خدا جي واکاڻ ڪن جڏهن هو اچي عدالت ڪندو.


پر جيڪڏهن اسين روشنيءَ ۾ هلون ٿا، جيئن خدا پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ پوءِ اسان جو هڪٻئي سان ميل ميلاپ آهي ۽ سندس فرزند عيسيٰ جو رت اسان کي سڀني گناهن کان پاڪ ڪري ٿو ڇڏي.


جيڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ خدا ۾ رهان ٿو،“ تنهن تي لازم آهي تہ هو اهڙيءَ طرح وفاداريءَ سان هلي جهڙيءَ طرح مسيح هلندو هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan