Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




اِفسين 1:17 - Muslim Sindhi Bible

17 منهنجي دعا آهي تہ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو خدا، جيڪو وڏي عظمت وارو پيءُ آهي، سو ڏاهپ عطا ڪرڻ ۽ سچ ظاهر ڪرڻ واري پاڪ روح کي اوهان ۾ ڀرپوري بخشي، تہ جيئن اوهين کيس پوريءَ طرح ڄاڻو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

17 تہ اسان جي خداوند يسوع مسيح جو خدا، جو جلال وارو پيءُ آهي، سو اوهان کي دانائي ۽ مڪاشفي جو روح بخشي؛ (تہ اوهين سندس معرفت حاصل ڪريو).

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

17 منهنجي پرارٿنا آهي تہ اسان جي پرڀو يسوع مسيح جو ايشور، جيڪو وڏي مهانتا وارو پتا آهي، سو ڏاهپ بخشڻ ۽ سچ ظاهر ڪرڻ واري پوِتر آتما کي اوهان ۾ ڀرپوري بخشي، تہ جيئن اوهين کيس پوريءَ طرح ڄاڻو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

17 آءٌ خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا، جيڪو جلال ڀريو پيءُ آھي تنھن کان دعا گھرندو آھيان تہ ھو اوھان کي دانائيءَ وارو روح عطا ڪري جيڪو خدا کي اوھان تي ظاھر ڪري تہ جيئن اوھين ھن کي پوريءَ طرح سڃاڻو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




اِفسين 1:17
56 Iomraidhean Croise  

اي خداوند! عظمت، قدرت ۽ جلال وارو، ۽ شان وَ شوڪت ۽ حشمت وارو تون ئي آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪجھہ زمين ۽ آسمان ۾ آهي سو تنهنجو آهي. اي خداوند! تنهنجي ئي بادشاهي آهي ۽ تون ئي سڀني حاڪمن جو بہ حاڪم آهين.


اڳ آءٌ تو بابت رڳو ٻڌندو هئس، پر هاڻي جڏهن تو کي اکين سان ڏٺو اٿم،


هائو، اهو جلال وارو بادشاهہ ڪير آهي؟ جيڪو خداوند قادرِمطلق آهي سو ئي جلال وارو بادشاهہ آهي.


اي هيڪل جا دروازؤ! اوهين پنهنجا سردر مٿي ڪريو. هائو، اي قديم دروازؤ! اوهين بلڪل اوچا ٿيو، تان‌تہ جلال وارو بادشاهہ اندر اچي.


خداوند جو آواز بحرن تي آهي، جلال وارو خدا گجگوڙ ڪري ٿو. بيشڪ وسيع بحرن جي مٿان انهيءَ جو آواز گونجي ٿو.


تون انهن سڀني ماهر ڪاريگرن، جن کي مون حڪمت جي روح سان ڀرپور ڪيو آهي، تن کي چئُہ تہ هارون جي لاءِ خاص پوشاڪ ٺاهين، انهيءَ لاءِ تہ هو مخصوص ٿي منهنجي لاءِ ڪاهن ٿئي ۽ اها پوشاڪ پائي.


سياڻا ماڻهو سمجھڻ جو چاهہ رکن ٿا. هائو، عقلمند ماڻهو ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي طلب ۾ ٿا رهن.


جيڪڏهن اوهان ائين ڪيو، تہ پوءِ اوهين ڄاڻي سگھندا تہ خدا جو خوف رکڻ جو ڇا مطلب آهي، تڏهن اوهين خدا کي سڃاڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا.


انهيءَ تي خداوند جو روح نازل ٿيندو، يعني ڏاهپ ۽ سمجھہ جو روح، مصلحت ۽ طاقت جو روح، علم ۽ خداوند جي خوف جو روح.


اڳ ڪڏهن ڪنهن قوم پنهنجا معبود بدلايا هجن، جڏهن تہ حقيقت ۾ اهي معبود ئي ناهن. پر اي منهنجي قوم! تو مون حقيقي خدا کي ڇڏي، بيڪار بتن جي ڪري پنهنجو شان وَ شوڪت مِٽائي ڇڏيو آهي.


آءٌ انهن کي اهڙي دل ڏيندس جو هو مون کي سڃاڻين تہ آءٌ خداوند آهيان. تڏهن هو منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ ئي هنن جو خدا هوندس، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا.


هنن مان ڪوبہ وري اڳتي پنهنجي ڪنهن هم‌قوم کي ائين چئي نہ سمجھائيندو تہ ’خداوند کي سڃاڻ،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ ننڍي کان وٺي وڏي تائين هر ڪو مون کي سڃاڻيندو هوندو. آءٌ هنن جون بدڪاريون معاف ڪندس ۽ سندن گناهن کي وري ڪڏهن بہ ياد نہ ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


پر فخر ڪندڙ رڳو انهيءَ ڳالهہ تي فخر ڪري تہ هو مون خداوند کي سڃاڻي ٿو، ۽ مون کي ئي پنهنجو مالڪ سمجھي ٿو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ئي آهيان جيڪو ڌرتيءَ تي لافاني شفقت، انصاف ۽ سچائي قائم ڪريان ٿو، بيشڪ، انهن ڳالهين ۾ ئي منهنجي خوشي آهي.“


فارس جي بادشاهہ خورس جي شهنشاهيءَ جي ٽئين سال مون دانيال عرف بيلطشضر تي هڪڙي ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي. اها ڳالهہ سچي تہ هئي پر اهڙي ڳجھي هئي جو سمجھہ ۾ نہ ٿي آئي، تنهنڪري رويا جي ذريعي اها هن ريت مون کي سمجھائي ويئي.


تنهنجي بادشاهت ۾ هڪ اهڙو شخص موجود آهي، جنهن ۾ پاڪ معبودن جو روح آهي. تنهنجي پيءُ جي ڏينهن ۾ هن منجھہ نور، سمجھہ ۽ ڏاهپ، بلڪ معبودن جي ڏاهپ ڏٺي ويئي. تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر هن کي جادوگرن، نجومين، رملين ۽ فال وجھڻ وارن جو سردار مقرر ڪيو هو،


انهيءَ وقت عيسيٰ خدا کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي بابا، اي زمين ۽ آسمان جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي.


شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پيءُ مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي، نڪي پٽ کان سواءِ پيءُ کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.


عيسيٰ چيس تہ ”اي يوحنا جا پٽ شمعون! تون سڀاڳو آهين، ڇاڪاڻ تہ هيءَ حقيقت ڪنهن انسانذات نہ، پر منهنجي پيءُ، جيڪو آسمان تي آهي تنهن تو تي ظاهر ڪئي آهي.


انهن وراڻيس تہ ”سائين! اسان جي اکين کي کوليو.“


اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي، پر جيڪڏهن آزمائش ۾ پئون تہ اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘


ڇاڪاڻ تہ پاڪ روح ان ئي گھڙيءَ اوهان کي سيکاريندو تہ اوهان کي ڇا چوڻ کپي.“


”عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ هجي ۽ زمين تي انهن ماڻهن لاءِ امن وَ سلامتي، جن کان هو راضي آهي.“


ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي اهڙي زبان ۽ اهڙي ڏاهپ ڏيندس جو اوهان جو ڪوبہ دشمن اوهان سان مقابلو يا مخالفت ڪري نہ سگھندو.


اهو مددگار سچ جو روح آهي جنهن کي دنيا حاصل ڪري نہ ٿي سگھي، ڇاڪاڻ تہ اها نہ کيس ڏسي ٿي، نہ وري ڄاڻي ٿي. پر اوهين کيس ڄاڻو ٿا، ڇاڪاڻ تہ هو اوهان سان گڏ رهي ٿو ۽ اوهان ۾ رهندو.


پر پوءِ هڪ مددگار يعني پاڪ روح، جيڪو پيءُ منهنجي نالي سان موڪليندو، سو اوهان کي سڀ ڳالهيون سيکاريندو، بلڪ اهي ڳالهيون بہ ياد ڏياريندو، جيڪي مون اوهان کي چيون آهن.


اهي هي ڪم انهيءَ ڪري ڪندا جو انهن نہ پيءُ کي ڄاتو آهي ۽ نہ مون کي.


دائمي زندگي اها آهي تہ اهي تو هڪ سچي خدا کي ۽ مون عيسيٰ مسيح کي ڄاڻين، جنهن کي تو موڪليو آهي.


عيسيٰ کيس چيو تہ ”مون کي چنبڙي نہ پئُہ. آءٌ اڃا پيءُ وٽ مٿي موٽي نہ ويو آهيان. پر تون منهنجي ڀائرن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ آءٌ مٿي موٽي وڃان ٿو پنهنجي پيءُ ۽ اوهان جي پيءُ ڏانهن، يعني پنهنجي خدا ۽ اوهان جي خدا ڏانهن.“


پر پاڪ روح استيفنس کي اهڙي سياڻپ ڏني جو جڏهن هن ڳالهايو تہ اهي سندس مقابلو ڪري نہ سگھيا.


تنهن تي استيفنس جواب ڏنو تہ ”اي ڀائرو ۽ بزرگؤ! منهنجي ٻڌو. خداءِ‌ذوالجلال اسان جي وڏي ابراهيم تي ان وقت ظاهر ٿيو، جڏهن حاران شهر ۾ رهڻ کان اڳ هو مسوپتاميہ ۾ رهندو هو.


جهڙيءَ طرح هنن خدا کي مڃڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح خدا بہ کين گندي سوچ ۾ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي وڃي نالائقيءَ وارا ڪم ڪن.


انهيءَ لاءِ تہ اوهين سڀ گڏجي هڪ زبان سان خدا جي واکاڻ ڪريو، جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو پيءُ آهي.


هڪڙي کي پاڪ روح ڏاهپ سان ڳالهائڻ جي نعمت بخشي ٿو تہ ٻئي کي ساڳيو پاڪ روح ڄاڻ سان ڳالهائڻ جي نعمت ٿو بخشي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏهن آءٌ اوهان وٽ اچان ۽ رڳو اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهايان تہ اوهان کي ڪهڙو فائدو ٿيندو، جيستائين آءٌ اوهان کي مڪاشفو، ڄاڻ، تعليم يا خدا جو پيغام نہ ٻڌايان.


پر اسان تي خدا اهو پنهنجي پاڪ روح جي وسيلي ظاهر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ پاڪ روح سڀني ڳالهين کي، بلڪ خدا جي ڳجھين ڳالهين کي بہ معلوم ڪري ٿو وٺي.


انهيءَ ڏاهپ کي هن دنيا جي حاڪمن مان ڪنهن بہ نہ سمجھيو. جيڪڏهن اهي سمجھن ها تہ جيڪر خداوند ذوالجلال کي ڪڏهن بہ صليب تي ڪين چاڙهين ها.


ضروري آهي تہ آءٌ اڃا بہ فخر ڪريان، جيتوڻيڪ انهيءَ مان ڪوبہ فائدو ڪونهي. سو جيڪي رويائون ۽ مڪاشفا مون کي خداوند عيسيٰ کان مليا آهن، هاڻي آءٌ تن جو ذڪر ڪندس.


شل خدا جي واکاڻ هجي جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو پيءُ آهي، جنهن اسان کي مسيح ۾ آسمان جي هر هڪ روحاني برڪت سان مالا مال ڪيو آهي.


اڳين پيڙهين ۾ ماڻهن تي هي راز ظاهر نہ ٿيو هو، پر هاڻي خدا جي مخصوص ڪيل رسولن ۽ سندس ٻين پيغام ڏيندڙن تي پاڪ روح جي وسيلي ظاهر ڪيو ويو آهي.


ايستائين جو اسين سڀ جو سڀ خدا جي فرزند کي ڄاڻڻ ۽ مٿس ايمان رکڻ ۾ هڪ ٿي ڪامل انسان بڻجون. هائو، اسين ايمان ۾ بالغ ٿيون يعني مسيح وانگر پوريءَ طرح ڪامل بڻجي وڃون،


تنهنڪري اسان مان جيڪي روحاني طور بالغ آهن، تن کي اهو ئي خيال رکڻ گھرجي. جيڪڏهن ڪنهن ڳالهہ ۾ اوهان جو ڪو ٻيو خيال هجي تہ خدا انهيءَ کي بہ اوهان تي کولي پڌرو ڪندو.


جيڪي سندس مخالف آهن تن کي هو نرميءَ سان سمجھائي. ٿي سگھي ٿو تہ خدا انهن کي توبهہ جي توفيق بخشي تہ جيئن اهي سچ کي ڄاڻي وٺن


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو خدا جو ٻانهو ۽ عيسيٰ مسيح جو رسول آهيان. آءٌ انهيءَ ڪري مقرر ڪيو ويو آهيان تہ جيئن ايمان ۾ مضبوط رهڻ لاءِ خدا جي چونڊيلن جي رهنمائي ڪريان ۽ کين انهيءَ سچائيءَ جي پوريءَ طرح ڄاڻ ڏيان، جيڪا دينداريءَ جو رستو ٿي ڏيکاري.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جي خداوند ذوالجلال عيسيٰ مسيح تي ايمان رکڻ وارا ٿي ڪري اوهين ٻِہ‌اکيائي نہ ڪريو.


خداوند عيسيٰ پنهنجي الاهي قدرت سان اهو سڀ اسان کي عطا ڪري ٿو، جيڪو دينداريءَ سان زندگي گذارڻ لاءِ ضروري آهي. اهو سڀ خدا کي ڄاڻڻ جي وسيلي اسان کي حاصل ٿئي ٿو، جنهن اسان کي پنهنجي ذاتي عظمت ۽ خوبين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي.


ان جي بدران اوهين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي فضل جي وسيلي کيس ڄاڻڻ ۾ وڌندا رهو. شل انهيءَ جي عظمت جي واکاڻ هاڻي بہ ٿئي ۽ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


چوڻ لڳا تہ ”آمين. اسان جي خدا جي واکاڻ، عظمت، حڪمت، شڪرگذاري، عزت، قدرت ۽ طاقت هميشہ هميشہ تائين هجي. آمين.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan