Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




اِفسين 1:11 - Muslim Sindhi Bible

11 خدا اسان کي بہ اڳي ئي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪري مسيح ۾ شامل ڪيو. اهو خدا جي ارادي موجب ٿيو جيڪو انهن سڀني ڳالهين ۾ پنهنجي مرضي پوري ڪري ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 انهي ۾، جيڪو پنهنجيءَ مرضيءَ جي مصلحت موجب سڀ ڪجهہ ٿو ڪري، اسين بہ سندس ارادي موافق اڳيئي مقرر ٿي ميراث ٿياسين؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

11 ايشور اسان کي بہ اڳي ئي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪري مسيح ۾ شامل ڪيو. اهو ايشور جي ارادي موجب ٿيو جيڪو انهن سڀني ڳالهين ۾ پنهنجي مرضي پوري ڪري ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

11 اسين بہ جيڪي اڳي ئي مقرر ڪيا ويا ھئاسين، سي مسيح سان گڏجي ھڪ ھئڻ ڪري خدا جا ماڻھو ڪري چونڊيا وياسين. اھو خدا جي ارادي موافق ٿيو جيڪو سڀ ڪجھہ پنھنجي مرضيءَ جي مصلحت موجب ڪري ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




اِفسين 1:11
40 Iomraidhean Croise  

پر سمجھي ڇڏيو تہ حقيقي ڏاهپ ۽ قدرت خدا وٽ ئي آهي، هائو، هدايت ۽ سمجھہ وٽس ئي آهي.


ڏس، خدا انسان کي اهڙو موقعو بار بار ڏئي ٿو،


خداوند پنهنجي فرمانبردارن جون حياتيون محفوظ ٿو رکي. هو سندن ميراث وارو ملڪ هميشہ هميشہ لاءِ سندن حوالي رکندو.


آءٌ ماڻهن ۾ سٺي سوچ پيدا ڪريان ٿي، ۽ سٺي ڪم ڪرڻ ۾ سندن رهنمائي ٿي ڪريان. مون وٽ ئي سمجھہ ۽ طاقت آهي.


اي خداوند! تون منهنجو خدا آهين. آءٌ تنهنجي وڏائي بيان ڪندس، ۽ تنهنجي نالي جي واکاڻ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ تو اهي عجيب وَ غريب ڪم بلڪل ساڳئي نموني پورا ڪري ڏيکاريا آهن، جيئن تو قديم زمانن کان رٿي ڇڏيا هئا.


اها سموري ڏاهپ قادرِمطلق خداوند وٽان ئي ملي ٿي. بيشڪ انهيءَ جي مصلحت عجيب ۽ ڏاهپ عظيم آهي.


اوهين گستاخي ڪندي چئو ٿا تہ ”ڀل خداوند جلدي اچي پنهنجو ڪم ڪري ڏيکاري، ڀل بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي عدالت جو ڏينهن ويجھو ٿئي بلڪ اچي پهچي، تہ پوءِ اسان کي بہ يقين ايندو.“


آءٌ يرمياہ چوان ٿو تہ هنن نبي سڏائيندڙن مان ڪوبہ خداوند جي بارگاهہ ۾ نہ ويو آهي جو سندس ڳجھي مصلحت کي سمجھي سگھي، نڪي هنن مان ڪنهن کيس ڳالهائيندي ٻڌو آهي تان‌تہ وٽانئس ڪو پيغام حاصل ڪري.


تنهنجا مقصد اعليٰ آهن ۽ تنهنجا ڪم عظيم آهن. انسان جون سڀيئي واٽون تنهنجين نظرن اڳيان آهن. تون هر ڪنهن کي سندن ڪمن موجب بدلو ڏيندو آهين، جنهن جا هو مستحق هوندا آهن.


هائو، اهو ئي مون خداوند جي هيڪل تعمير ڪندو. سندس شان وَ شوڪت وڌي ويندو ۽ اهو پنهنجي تخت تي ويهي حڪمراني ڪندو. درٻار ۾ هو پنهنجي ساڄي هٿ تي ڪاهن کي ويهاريندو ۽ اهي ٻيئي پاڻ ۾ اتفاق سان صلاح مصلحت ڪندا.‘


جڏهن غير قومن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ خداوند جي انهيءَ پيغام جي واکاڻ ڪرڻ لڳا. سو انهن مان جن کي خدا دائمي زندگيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو هو، تن سڀني عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو.


خدا جي اڳي ئي رٿيل منصوبي ۽ ڄاڻ موجب عيسيٰ کي اوهان جي حوالي ڪيو ويو. تڏهن اوهان هن کي غير يهودين جي هٿان صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻائي مارايو.


ڇاڪاڻ تہ خوشخبريءَ بابت خدا جو سمورو مقصد مون اوهان کي ٻڌايو آهي ۽ ذرو بہ نہ ڪيٻايو اٿم.


هاڻي آءٌ اوهان کي خدا ۽ سندس انهيءَ فضل واري پيغام جي حوالي ٿو ڪريان، جنهن کي قدرت آهي تہ اهو اوهان ۾ ترقي آڻي ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن سان گڏ اوهان کي ميراث عطا ڪري.


تو کي انهن جون اکيون کولڻيون آهن ۽ کين اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آهي. انهن کي شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري خدا ڏانهن موڙڻو آهي، تہ جيئن اهي مون تي ايمان آڻين ۽ گناهن جي معافي ملين ۽ هو خدا جي پنهنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“


اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي تنهنجي هٿان ۽ تنهنجي مرضيءَ موجب اڳي ئي مقرر ٿيل هو سو پورو ٿئي.


اهو پاڪ ڪلام مطابق آهي تہ ”خداوند جي ارادي کي ڪير ٿو ڄاڻي سگھي؟ ڪير سندس صلاحڪار ٿي سگھي ٿو؟


جيڪڏهن اسين هن جا ٻار آهيون تہ وارث بہ آهيون، يعني خدا جا وارث ۽ مسيح سان ورثي ۾ شريڪ آهيون، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اسين مسيح سان تڪليفن ۾ شريڪ ٿيون ٿا تہ پوءِ ساڻس گڏ جلوي ۾ بہ شريڪ ڪيا وينداسون.


اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا سڀني ڳالهين ۾ انهن ماڻهن لاءِ ڀلائي رکي ٿو، جيڪي ساڻس پيار ڪن ٿا ۽ سندس مقصد لاءِ چونڊيا ويا آهن.


هائو، شروع کان ئي خدا انهن کي پنهنجو ٿي ڄاتو ۽ کين اڳ ۾ ئي مخصوص بہ ڪيو هئائين. خدا اهو انهيءَ لاءِ ڪيو تہ اهي سندس فرزند جهڙا ٿين، تہ جيئن سندس فرزند گھڻن ڀائرن ڀينرن ۾ پهريتو ٿئي.


سو خدا جن کي مخصوص ڪيو هو تن کي سڏيائين بہ، جن کي سڏيائين تن کي پاڻ ڏانهن سچار بہ بڻايائين ۽ جن کي سچار بڻايائين تن کي پنهنجي جلوي ۾ بہ شريڪ ڪيائين.


انهن ٻارن جي ڄمڻ ۽ سندن چڱي يا خراب ڪم ڪرڻ کان اڳ ۾ ربقہ کي ٻڌايو ويو هو تہ ”وڏو ننڍي جي خدمت ڪندو.“ انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو تہ خدا جو چونڊڻ عملن تي نہ پر سندس مرضيءَ تي مدار رکي ٿو،


سو جيڪڏهن ميراث شريعت تي عمل ڪرڻ سان ملي ها تہ اها واعدي تي دارومدار نہ رکي ها. پر خدا پنهنجي فضل سان اها واعدي جي وسيلي ئي ابراهيم کي بخشي.


پاڪ روح اسان يهودين توڙي غير يهودين کي ملڻ واري ميراث جو بيانو آهي، جيڪو ايستائين ضمانت آهي جيستائين اسين سڀ جيڪي خدا جي ملڪيت آهيون، تن کي پوريءَ طرح ڇڏايو وڃي، تہ جيئن خدا جي عظمت جي واکاڻ ٿئي.


آءٌ هيءَ بہ دعا گھرندو آهيان تہ اوهان جون دليون روشن ٿين، تہ جيئن اوهين سمجھي وٺو تہ خدا جنهن اميد لاءِ اوهان کي سڏيو آهي سا ڪيڏي نہ وڏي آهي، مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ سندس ميراث ڪيڏي نہ عظيم آهي


هن پنهنجي خوشيءَ ۽ مرضيءَ سان اڳي ئي فيصلو ڪيو تہ اسين عيسيٰ مسيح جي وسيلي سندس ٻار مقرر ڪيا وڃون،


جيڪو هن تمام گھڻي انداز ۾ اسان تي نازل ڪيو آهي. خدا پوريءَ حڪمت ۽ دانائيءَ سان


پنهنجي مرضيءَ جو لڪل ارادو اسان تي ظاهر ڪيو، جيڪو هن مسيح جي وسيلي پوري ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي پنهنجي خوشيءَ سان طئي ڪري ڇڏيو هو.


اهو سڀ خدا شروع کان ئي پنهنجي ڪيل ارادي موجب اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي پورو ڪيو.


پر خداوند اوهان کي چونڊي ڪڍيو ۽ لوهہ جي کُوري يعني مصر مان ڪڍي اوهان کي ٻاهر آندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين سندس ميراث واري قوم هجو، جيئن اڄ آهيو.


خدا پيءُ جا شڪرانا بجا آڻيندا، جنهن اوهان کي روشنيءَ واري بادشاهيءَ ۾ انهيءَ ورثي جا حصيدار ٿيڻ جي لائق ڪيو آهي، جيڪو هن مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ مقرر ڪيو آهي.


اها ڳالهہ ذهن ۾ رکو تہ مالڪن جي اهڙي خدمت جي عيوض ۾ اوهان کي خداوند کان ميراث ملندي. سو ائين اوهين خداوند مسيح جي خدمت ڪندا رهو.


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.


انهيءَ لاءِ تہ اسين سندس فضل جي ڪري ڏانهس سچار بڻجي انهيءَ دائمي زندگيءَ جا وارث ٿيون، جنهن زندگيءَ جي اسين اميد رکون ٿا.


ساڳئي نموني خدا بہ انهيءَ ڪري قسم کنيو تہ جيئن واعدي ڪيل برڪت حاصل ڪندڙن تي اهو صاف ظاهر ٿئي تہ سندس ارادي ۾ ڪابہ ڦيرگھير ڪانہ ٿيندي.


منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا اهي ماڻهو جيڪي دنيا جي نظر ۾ غريب آهن، تن کي خدا ايمان ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جي انهيءَ واعدي ڪيل ورثي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آهي، جيڪو هن ساڻس محبت رکندڙن سان ڪيو آهي؟


تہ اسين هڪ غيرفاني، بي‌داغ ۽ لازوال ورثو حاصل ڪريون، جيڪو ايمان وارن لاءِ عرش عظيم تي رکيل آهي.


بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو ۽ گار جي بدلي گار نہ ڏيو، اٽلندو دعا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خدا اوهان کي برڪت جا وارث ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan