Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




واعظ 9:3 - Muslim Sindhi Bible

3 هائو، هن دنيا ۾ وڏي بدقسمتي اها آهي جو سڀني انسانن جي پڄاڻي هڪجهڙي ٿئي ٿي. تنهنڪري انسان جي سڄي حياتي بڇڙائيءَ ۽ چريائپ واري سوچ ۾ گذري ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀيئي هڪجهڙي وفات ڪري وڃي مُڙدن سان ٿا ملن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 سڀني ۾ اها خرابي آهي جا سج هيٺان آهي، تہ سڀني سان هڪڙي حالت لاڳو آهي: هائو، هيءَ بہ تہ انسان جي دل بديءَ سان ڀريل آهي، ۽ جيستائين هو جيئي ٿو تيستائين چريائي سندس دل ۾ آهي، ۽ تنهن کان پوءِ هو مئلن ۾ داخل ٿئي ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




واعظ 9:3
30 Iomraidhean Croise  

پوءِ جڏهن خداوند ڏٺو تہ هر ماڻهو بڇڙائي ڪرڻ ۾ وڌي ويو آهي ۽ انهن جي دل جا خيال هر وقت بڇڙائيءَ جي ڳالهين سان ڀريل آهن،


قربانيءَ جي خوشبوءِ پهچڻ سان خداوند ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چيائين تہ ”آءٌ انسان جي ڪري ڌرتيءَ کي وري وڌيڪ لعنتي نہ ڪندس. جيتوڻيڪ انسان جي دل جو خيال ننڍپڻ کان برائيءَ ڏانهن راغب آهي، تنهن هوندي بہ وري ڪڏهن بہ سڀني ساهوارن کي نہ ماريندس، جيئن هاڻي ماريو اٿم.


تہ پوءِ ڀلا ڪراهت جهڙن، ۽ خراب انسانن جو ڪهڙو ذڪر ڪجي، جيڪي گناهہ کي پاڻيءَ وانگر پي وڃن ٿا.“


جڏهن تہ مرڻ کان پوءِ اهي سڀ ساڳي مٽيءَ ۾ دفن ٿين ٿا، ۽ ڪينئان سڀني کي ڍڪي ٿا ڇڏين.


بيشڪ انهيءَ سان ڪو فرق نہ ٿو پوي، ڇو تہ خدا بي‌گناهہ ۽ بدڪار کي هڪجهڙو ئي ناس ٿو ڪري.


ڏس، آءٌ پنهنجيءَ پيدائش کان وٺي بڇڙائيءَ ۾ ورتل هئس، بلڪ آءٌ تڏهن بہ گنهگار هئس جڏهن ماءُ جي پيٽ پيس.


مگر خدا انهن کي پنهنجي تيرن سان چُٽيندو، ۽ پوءِ اوچتو ئي اوچتو اُهي ڦهڪو ڪري ڪرندا.


بدڪار ماڻهو پنهنجي بڇڙن ڪمن جي ڪري برباد ٿيو وڃي، مگر سچار ماڻهو پنهنجي ايمانداريءَ جي ڪري محفوظ رهي ٿو.


تنهن هوندي بہ جڏهن مون علم ۽ جهالت، ۽ ڏاهپ ۽ چريائپ ۾ فرق معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن جلد ئي مون کي معلوم ٿي ويو تہ اهو بہ هڪ راز آهي، جنهن کي سمجھڻ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.


اهڙيءَ طرح انسان جو خاڪي بدن موٽي وڃي خاڪ سان ملندو ۽ حياتي ڏيندڙ ساهہ خدا موٽائي وٺندو.


ڏاها ماڻهو چڱيءَ طرح ڏسي ٿا سگھن تہ هو ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن. مگر بي‌عقل ماڻهو انهن شخصن وانگر آهن جيڪي اونداهيءَ ۾ هلندي ٿاٻڙجي ٿا پون. تنهن هوندي بہ مون ڄاتو تہ ڏاهو هجي توڙي بي‌عقل، پڄاڻي ٻنهي جي هڪڙي ئي ٿئي ٿي.


هائو، روئڻ پٽڻ واري گھر ۾ وڃڻ، شاديءَ جي دعوت واري گھر ۾ وڃڻ کان وڌيڪ بهتر آهي، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن کي آخرڪار مرڻو آهي. تنهنڪري جيڪي جيئرا آهن، تن کي انهيءَ باري ۾ سنجيدگيءَ سان سوچڻ گھرجي.


تنهن هوندي بہ مون ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ حقيقت جي ڳولا لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو. مون پڪو ارادو ڪيو تہ آءٌ ڏاهپ ۽ زندگيءَ جي اصل مقصد جي ڳولا ڪندس ۽ بي‌عقلن جي چريائپ ۽ بڇڙائيءَ کي سمجھندس.


جيئن تہ بدڪاريءَ جي سزا دير سان ڏني ٿي وڃي، جنهن کي ڏسندي ٻين ماڻهن جي دل بہ گناهہ واري زندگيءَ ڏانهن مائل ٿئي ٿي.


هن دنيا ۾ ڪي ٻيون ڳالهيون بہ مون ڏٺيون آهن تہ تکي ۾ تکو ڊوڙڻ وارو بہ هميشہ نہ ٿو کٽي، نڪي وڏو جنگي جوڌو ئي هميشہ جنگ فتح ڪري ٿو. نہ ڏاهي ماڻهوءَ کي هميشہ رزق حاصل ٿئي ٿو، نڪي سمجھہ وارن کي هميشہ دولت ملي ٿي ۽ نہ وري هنرمند ماڻهن کي هميشہ عزت نصيب ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀ ڪنهن کي ڪڏهن نہ ڪڏهن ڏکيو ڏينهن ڏسڻو پوي ٿو.


بلڪ سڀني انسانن جي آخرڪار هڪجهڙي پڄاڻي ٿئي ٿي، پوءِ اهي سچار هجن توڙي بڇڙا، نيڪوڪار هجن توڙي بدڪار، پاڪ هجن توڙي ناپاڪ، قربانيون پيش ڪندڙ هجن توڙي قربانيون پيش نہ ڪندڙ، نيڪ هجن توڙي گنهگار ۽ قسم کڻڻ وارا هجن توڙي قسم کڻڻ کان ڊڄڻ وارا.


جيئن چوڻي آهي تہ ”جيئرو ڪتو مئل شينهن کان بهتر آهي،“ سو ساڳيءَ طرح جيستائين انسان هن دنيا ۾ زندهہ رهي ٿو تيستائين هن کي اهو آسرو آهي تہ


اوهان تہ وري پنهنجن ابن ڏاڏن کان بہ ليڪو لنگھي ويا آهيو. ڏسو تہ اوهين ڪيئن نہ منهنجي فرمانبرداري ڪرڻ بدران پنهنجي شرير دل جي هوڏ تي ٿا هلو.


آءٌ خداوند ئي دلين کي چڪاسيان ٿو، ۽ دماغن کي پرکيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس چال چلت ۽ سندس ڪمن موجب بدلو ڏيان.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”دل سڀني شين کان وڌيڪ پُرفريب آهي، انهيءَ جي ٺڳي لاعلاج آهي، انهيءَ جي ڳُجھہ کي ڪير سمجھي سگھي ٿو؟


آخرڪار هن پاڻ سنڀاليو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ خيال ڪيائين تہ ’منهنجي پيءُ جا تہ نوڪر بہ ڍاول ٿا رهن، پر آءٌ هتي بک پيو مران.


تڏهن شريعت جا عالم ۽ فريسي ڪاوڙ ۾ تپي باهہ ٿي ويا ۽ پاڻ ۾ صلاحون ڪرڻ لڳا تہ ”عيسيٰ سان ڇا ڪرڻ گھرجي؟“


انهيءَ دم خداوند جي هڪڙي ملائڪ هيروديس تي غضب نازل ڪيو، ڇاڪاڻ تہ هو انهيءَ شرڪ تي خوش ٿي رهيو هو. پوءِ تہ هن جي جسم ۾ جيت پئجي ويا ۽ هو مري ويو.


يهودين جي سڀني عبادت‌خانن ۾ گھڻا ئي دفعا انهن کي سزا ڏياري زوريءَ کانئن عيسيٰ مسيح بابت ڪفر بڪائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس، بلڪ انهن جي خلاف اهڙو تہ ڇتو ٿي لڳو هئس جو ٻاهرين شهرن ۾ بہ وڃي کين ستائيندو هئس.“


جيئن ئي پولس هن نموني پنهنجي صفائي پيش ڪري رهيو هو تہ فيستس وڏي واڪي چيس تہ ”پولس تون ديوانو آهين. گھڻو پڙهي پڙهي تون چريو ٿي پيو آهين.“


ڏس، اسين ڪنهن وقت نادان، نافرمان، گمراهہ ۽ طرح طرح جي نفساني خواهشن ۽ عياشين جا غلام هئاسين. اسين بغض ۽ حسد جي حالت ۾ گذاريندا هئاسين، نفرت جي لائق هئاسين ۽ هڪٻئي سان بہ نفرت ڪندا هئاسين.


هن پنهنجي قصور جي ڪري پاڻ تي اها ملامت کنئي جو سندس بي‌زبان گڏهِہ انسان وانگر ڳالهائي انهيءَ نبيءَ کي چريائيءَ کان روڪي ڇڏيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan