واعظ 9:2 - Muslim Sindhi Bible2 بلڪ سڀني انسانن جي آخرڪار هڪجهڙي پڄاڻي ٿئي ٿي، پوءِ اهي سچار هجن توڙي بڇڙا، نيڪوڪار هجن توڙي بدڪار، پاڪ هجن توڙي ناپاڪ، قربانيون پيش ڪندڙ هجن توڙي قربانيون پيش نہ ڪندڙ، نيڪ هجن توڙي گنهگار ۽ قسم کڻڻ وارا هجن توڙي قسم کڻڻ کان ڊڄڻ وارا. Faic an caibideilSindhi Bible2 سڀ ڳالهيون سڀني تي هڪ جهڙيون اچن ٿيون: ساڳي هڪڙي حالت سچي سان بہ لاڳو آهي، ۽ شريرن سان بہ؛ چڱي سان بہ، ۽ پاڪ سان بہ؛ جيڪو قرباني ڪري ٿو تنهن سان بہ، ۽ جيڪو قرباني نٿو ڪري تنهن سان بہ: جهڙو نيڪ آهي، تهڙو گنهگار: جهڙو قسم کڻندڙ آهي، تهڙو اُهو جو قسم کان ڊڄي ٿو. Faic an caibideil |
هائو، خدا جنهن ماڻهوءَ مان راضي ٿو رهي، تنهن کي ئي هو ڏاهپ، علم ۽ خوشي عطا ڪري ٿو. پر جيڪو ماڻهو گنهگار آهي، تنهن کان هو سخت محنت ۽ مشقت ٿو ڪرائي. پوءِ اهو ماڻهو جيڪي بہ ميڙي گڏ ڪري ٿو سو سڀ خدا انهيءَ جي حوالي ڪري ٿو جنهن تي هو راضي ٿئي ٿو. بس، انهيءَ ۾ بہ زندگيءَ جو راز آهي ۽ انهيءَ کي سمجھڻ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.
هن دنيا ۾ ڪي ٻيون ڳالهيون بہ مون ڏٺيون آهن تہ تکي ۾ تکو ڊوڙڻ وارو بہ هميشہ نہ ٿو کٽي، نڪي وڏو جنگي جوڌو ئي هميشہ جنگ فتح ڪري ٿو. نہ ڏاهي ماڻهوءَ کي هميشہ رزق حاصل ٿئي ٿو، نڪي سمجھہ وارن کي هميشہ دولت ملي ٿي ۽ نہ وري هنرمند ماڻهن کي هميشہ عزت نصيب ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀ ڪنهن کي ڪڏهن نہ ڪڏهن ڏکيو ڏينهن ڏسڻو پوي ٿو.