Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




واعظ 9:1 - Muslim Sindhi Bible

1 انهن سڀني ڳالهين بابت مون گھڻو سوچ ويچار ڪيو. تڏهن مون کي سمجھہ ۾ آيو تہ سڀيئي ڪم خدا جي مرضيءَ سان ٿين ٿا. توڙي جو ڏاها هجن يا نيڪوڪار کين خبر ئي ڪانهي تہ انهن ڪمن جو نتيجو ڇا نڪرندو. ايتري قدر جو انسان پنهنجي بُري يا ڀلي جو نتيجو بہ نہ ٿو ڄاڻي، جيتوڻيڪ سڀ ڪجھہ سندس اڳيان ٿي رهيو هجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ڇالاءِ جو هي سڀ ڳالهيون مون پنهنجي دل سان هنڊايون، رڳو انهي لاءِ تہ انهن سڀني جي حقيقت معلوم ڪريان؛ ۽ اها هيءَ آهي تہ سچا ۽ ڏاها ماڻهو، ۽ سندن ڪم، خدا جي هٿ ۾ آهن: اها محبت آهي يا عداوت آهي، تنهن جي ماڻهوءَ کي ڪابہ خبر ڪانهي؛ سڀ ڪجهہ هن جي اڳيان آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




واعظ 9:1
31 Iomraidhean Croise  

هر ساهواري جو روح ۽ هر بني آدم جو ساهہ سندس ئي هٿ ۾ آهي.


پر ڪهڙو فائدو؟ اهو سڀ ڪجھہ تہ اوهان سڀني خود ڏٺو آهي، تہ پوءِ اوهين اجايو اهڙيون بي‌عقليءَ واريون ڳالهيون ڇو ٿا ڪريو؟“


”پر اي ايوب! جي آءٌ تنهنجي جاءِ تي هجان ها، تہ آءٌ خدا جي مدد جو طالبو هجان ها، هائو، آءٌ پنهنجو معاملو خدا جي حوالي ڪري ڇڏيان ها.


پر تون ئي تہ ڏسين ٿو پيو، هائو، جيڪي ڏک ۽ غم ۾ آهن تن تي تنهنجي نگاهہ آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون انهن جي مدد ڪرين. لاچار ۽ يتيم پاڻ کي تنهنجي حوالي ڪن ٿا، هنن جو مددگار تون ئي تہ آهين.


جيتوڻيڪ منهنجي جان هر وقت تريءَ تي ٿي رهي، تنهن هوندي بہ آءٌ تنهنجي شريعت کي نہ ٿو وساريان.


اي خداوند، سچائيءَ جا خدا! تون مون کي ڇڏائي وٺجانءِ. آءٌ پنهنجو پاڻ کي تنهنجي هٿن ۾ ٿو سونپيان.


جڏهن مون بڇڙن جي اقبالمندي ڏٺي، تڏهن انهن مغرورن تي مون کي ريس آئي هئي.


پنهنجا سڀ ڪم خداوند جي حوالي ڪريو، تڏهن اوهان جا منصوبا ڪامياب ٿيندا.


تنهن هوندي بہ جڏهن مون علم ۽ جهالت، ۽ ڏاهپ ۽ چريائپ ۾ فرق معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن جلد ئي مون کي معلوم ٿي ويو تہ اهو بہ هڪ راز آهي، جنهن کي سمجھڻ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.


بي‌عقل ماڻهو آئيندي جي باري ۾ گھڻو ٿو ڳالهائي. پر ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ اڳتي هلي ڇا ٿيندو. هائو، ڪوبہ اهو نہ ٿو ٻڌائي سگھي تہ مستقبل ۾ ڇا ٿيندو.


اهو سڀ ڪجھہ مون پنهنجي هن منجھائيندڙ زندگيءَ دوران ڏٺو آهي. مون اهو بہ ڏٺو آهي تہ ڪيترائي نيڪ ماڻهو نيڪيءَ جا ڪم ڪن ٿا، پر پوءِ بہ مري چٽ ٿي ٿا وڃن. جڏهن تہ بڇڙا ماڻهو بڇڙائيءَ وارا ڪم ڪندي وڏي عمر تائين جيئرا ٿا رهن.


تنهن هوندي بہ مون ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ حقيقت جي ڳولا لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو. مون پڪو ارادو ڪيو تہ آءٌ ڏاهپ ۽ زندگيءَ جي اصل مقصد جي ڳولا ڪندس ۽ بي‌عقلن جي چريائپ ۽ بڇڙائيءَ کي سمجھندس.


تنهن هوندي بہ هڪڙي ڳالهہ سمجھہ ۾ نہ ٿي اچي، جيڪا هن دنيا ۾ ڪئي پيئي وڃي. اها هيءَ آهي جو هتي سچارن سان اهڙي بري هلت ڪئي وڃي ٿي، جيڪا بدڪارن سان ڪرڻ گھربي هئي ۽ هتي بدڪارن سان اهڙي سٺي هلت ڪئي وڃي ٿي، جيڪا سچارن سان ڪرڻ گھربي هئي. تڏهن مون چيو تہ اها ڳالهہ بہ سمجھہ کان مٿاهين آهي.


مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي تہ آءٌ هن دنيا جي هر ڳالهہ کي پرکي ڏاهپ حاصل ڪريان، ايتري قدر جو ننڊ آرام ڪرڻ کان سواءِ ڏينهن رات سوچيندو رهيس.


انسان نہ ٿو ڄاڻي تہ آئيندہ ڇا ٿيندو ۽ ڪيئن ٿيندو. نہ ئي ڪو ٻيو کيس انهيءَ باري ۾ ٻڌائي ٿو سگھي.


انهن جي مرڻ سان گڏ سندن محبت، نفرت توڙي غيرت جو احساس بہ بلڪل ختم ٿيو وڃي. اهي هن دنيا ۾ ٿيندڙ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ وري حصو وٺي نہ ٿا سگھن.


اي خداوند! تون ئي اسان کي سلامتي بخشيندين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪجھہ اسان کي حاصل ٿئي ٿو، سو سڀ تنهنجي ڪمن جو ئي نتيجو آهي.


هن انهن مردن، عورتن، ٻارن، بادشاهہ جي ڌيئرن ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ، جنهن کي بابلي محافظن جو سالار نبوزرادان گورنر جِدلياہ وٽ ڇڏي ويو هو، تن سان گڏ مون کي ۽ باروڪ ولد نيرياہ کي بہ ساڻ کنيو.


خداوند کي پنهنجي قوم سان محبت آهي، ۽ اهي چونڊيل ماڻهو سندس حفاظت منجھہ آهن. اهي سڀيئي هن جي تابعداري ڪندي سندس هدايتن تي هلن ٿا.


جنهن ڪري مون کي جيل ۾ تڪليفون ڏنيون وڃن ٿيون. تنهن هوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻ تہ جنهن تي منهنجو ڀروسو آهي، تنهن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو پنهنجي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين حفاظت ڪري ٿو سگھي.


اوهين خدا جي قدرت سان ايمان جي وسيلي حفاظت ۾ آهيو، ايستائين جو اهو مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪريو جيڪو آخري ڏينهن تي ظاهر ٿيڻ لاءِ تيار آهي.


هو پنهنجي نيڪ بندن جي حفاظت ڪندو رهي ٿو، ۽ بدڪارن کي اونداهيءَ ۾ فنا ڪريو ڇڏي. ڪوبہ انسان پنهنجي قوت سان سوڀارو ڪين ٿو ٿئي،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan