Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




واعظ 8:11 - Muslim Sindhi Bible

11 جيئن تہ بدڪاريءَ جي سزا دير سان ڏني ٿي وڃي، جنهن کي ڏسندي ٻين ماڻهن جي دل بہ گناهہ واري زندگيءَ ڏانهن مائل ٿئي ٿي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 ڇالاءِ جو خراب ڪم جي سزا جلد تعميل نہ ٿي ٿئي، تنهن ڪري انسان جي دل خراب ڪم ڪرڻ تي پڪيءَ طرح ڄمي ٿي وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




واعظ 8:11
19 Iomraidhean Croise  

انهيءَ خط ۾ يوآب کي لکيائين تہ ”جتي سخت لڙائي هلندي هجي اتي تون اورياہ کي سڀني جي اڳيان بيهارجانءِ ۽ کانئس پري هٽي بيهجو تہ ڀلي هو ڦٽجي مري وڃي.“


خدا انهن کي آرام ڏئي ٿو، ۽ ان آرام کي هو پائيدار سمجھن ٿا، پر خدا سندن هر قدم تي پنهنجي نگاهہ رکي ٿو.


بڇڙا غرور منجھان چون ٿا تہ ”خداوند انتقام نہ وٺندو،“ اهو سراسر سندن خيال آهي تہ ”خدا بلڪل ئي ڪين آهي.“


هو پنهنجيءَ دل ۾ سمجھن ٿا تہ ”اسان کي ڪو لوڏو ڪين ايندو. سڀني پيڙهين تائين اسان تي ڪڏهن بہ مصيبت ڪانہ ايندي.“


جيئن تہ اي ڌڻي! تون رحيم ۽ ڪريم خدا آهين، تون دائمي شفقت ۽ وفا سان ڀرپور آهين، ۽ غصي ڪرڻ ۾ ڍرو آهين،


خداوند موسيٰ جي اڳيان هيئن چوندي لنگھيو تہ ”آءٌ خداوند آهيان، هائو، اهو خداوند، جيڪو رحمان ۽ رحيم خدا آهي، لافاني شفقت ۽ وفا سان ڀرپور ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ بلڪل ڍرو.


هاڻي جڏهن فرعون ڏٺو تہ ڏيڏرن کان سندس جان ڇٽي ويئي آهي، تڏهن پنهنجيءَ دل کي وري سخت ڪيائين ۽ موسيٰ ۽ هارون جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن خداوند اڳي ئي فرمايو هو.


پر فرعون هن ڀيري بہ پنهنجي دل سخت ڪئي ۽ وري بہ ماڻهن کي وڃڻ نہ ڏنائين.


هائو، هن دنيا ۾ وڏي بدقسمتي اها آهي جو سڀني انسانن جي پڄاڻي هڪجهڙي ٿئي ٿي. تنهنڪري انسان جي سڄي حياتي بڇڙائيءَ ۽ چريائپ واري سوچ ۾ گذري ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀيئي هڪجهڙي وفات ڪري وڃي مُڙدن سان ٿا ملن.


بدڪارن سان ڪيڏو بہ رحم وارو سلوڪ ڪيو وڃي، پر تڏهن بہ اهي حق جي راهہ تي نہ هلندا. اي خداوند! اهڙن ماڻهن کي تنهنجي عظمت جو بہ ڪو لحاظ ڪونهي، اهي تنهنجي هن انصاف واري ملڪ ۾ بہ بڇڙائي ڪندا ٿا وتن.


اي بني اسرائيل! ڀلا اوهين ڪنهن کان ٿا ڊڄو، ۽ ڪنهن جي ڊپ جي ڪري ڪوڙن معبودن کي ٿا پوڄيو، ۽ مون کي ياد بہ نہ ٿا ڪريو، نڪي پنهنجيءَ دل ۾ مون بابت سوچو ٿا؟ ڇا اهو سڀ هن ڪري نہ آهي جو آءٌ گھڻي عرصي کان ماٺ آهيان، ۽ اوهان کي ڪا سزا ڪانہ ڏني اٿم؟ اهو ئي سبب آهي جو اوهين مون کان نہ ٿا ڊڄو.


تہ پوءِ خداوند جو فرمان ٻڌي ڇڏيو، اي يهوداہ جا باقي بچيل رهاڪؤ! قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’جيڪڏهن مصر ۾ وڃي رهڻ جو اوهان جو ارادو پڪو آهي ۽ واقعي اتي وڃي رهندا تہ پوءِ


خداوند فرمائي ٿو تہ ”موآب وارا پنهنجي قوم جي شروعات کان وٺي امن وَ سلامتيءَ سان رهيا آهن، اهي ڪڏهن بہ جلاوطن نہ ڪيا ويا آهن. هائو، موآب وارا مئي جي اهڙي پيالي مثل آهن، جنهن ۾ ڪا هلچل نہ اچڻ ڪري ان جي مئي آٺرجي صاف ٿي وڃي. اها هڪڙي ٿانو مان ٻئي ٿانو ۾ ڪڏهن بہ نہ اوتي ويئي آهي، جنهن سبب هن جو سواد قائم آهي، ۽ ان جي خوشبوءِ نہ بدلي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan