Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




واعظ 7:9 - Muslim Sindhi Bible

9 پنهنجيءَ ڪاوڙ تي ضابطو رکو، ڇاڪاڻ تہ ڪاوڙ رڳو بي‌عقلن جي دلين ۾ رهي ٿي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 پنهنجي طبيعت ۾ تڪڙو ٿي نہ ڪاوڙج: ڇالاءِ جو ڪاوڙ بي عقلن جي سيني ۾ ٿي رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




واعظ 7:9
24 Iomraidhean Croise  

پوءِ قابيل پنهنجي ڀاءُ هابيل کي چيو تہ ”هل تہ ٻنيءَ تي هلون.“ جڏهن اهي ٻنيءَ ۾ پهتا تہ قابيل پنهنجي ڀاءُ تي حملو ڪري کيس ماري وڌو.


جڏهن تہ ابي‌سلوم امنون کي ان وقت ڪوبہ ڀلو يا برو تہ نہ چيو، پر هو کانئس نفرت ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هن سندس ڀيڻ تمر جي بي‌حرمتي ڪئي هئي.


پوءِ ابي‌سلوم پنهنجي نوڪرن کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”هاڻي نظر رکجو تہ جڏهن امنون مئي پي مست ٿئي ۽ آءٌ اوهان کي چوان تہ امنون کي ماريو، تڏهن اوهين انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏجو، ڊڄجو نہ. آءٌ پاڻ اوهان کي اهو حڪم ڏيان ٿو. سو همت وارا ۽ بهادر ٿجو.“


پر دائود جي ڀاءُ سمعہ جي پٽ يوندب چيو تہ ”منهنجا آقا! اوهين ائين نہ سمجھو تہ سڀيئي شهزادا ماريا ويا آهن، بلڪ رڳو امنون کي قتل ڪيو ويو آهي. اهو فيصلو ابي‌سلوم ان ڏينهن ئي ڪري ڇڏيو هو، جنهن ڏينهن امنون سندس ڀيڻ تمر جي بي‌حرمتي ڪئي هئي.


تڏهن بني يهوداہ جي ماڻهن کي ٻين بني اسرائيل وارن ماڻهن ورندي ڏيئي چيو تہ ”اسان جا ڏهہ قبيلا هئڻ ڪري دائود بادشاهہ تي اوهان کان وڌيڪ اسان جو حق آهي، تڏهن اوهان ڇو اسان کي حقير سمجھيو، جو اسان جي بادشاهہ کي موٽائي آڻڻ ۾ اوهان پهريائين اسان کان صلاح نہ ورتي؟“ پر بني يهوداہ جي ماڻهن ٻين بني اسرائيل وارن ماڻهن کي وڌيڪ سختيءَ سان جواب ٿي ڏنا.


جذباتي ماڻهو بي‌وقوفي ڪريو وجھي، ۽ سازش ڪندڙن کان ماڻهو نفرت ٿا ڪن.


جذباتي انسان پنهنجي بي‌وقوفي ظاهر ڪيو ڇڏي، مگر صبر وارو انسان نهايت عقلمند ٿئي ٿو.


وڏو زورآور ٿيڻ کان اهو بهتر آهي جو اوهين پنهنجي غصي کي ضابطي ۾ رکو، ڇاڪاڻ تہ شهرن تي قبضو ڪرڻ کان پنهنجو پاڻ تي ضابطو رکڻ بهتر آهي.


ڪنهن تي تڙ تڪڙ ۾ الزام هڻي دعويٰ داخل ڪرڻ کان اڳ، پڪ ڪريو تہ اوهين حق تي آهيو، نہ تہ اوهين پنهنجو مقدمو هارائيندا ۽ پشيمان ٿيندا.


اوهين ائين نہ چئو تہ ”هاڻي وارن ڏينهن کان اڳيان ڏينهن بهتر هئا،“ ڇاڪاڻ تہ اوهان جي اها سوچ عقلمنديءَ واري ناهي.


هاڻي اي خداوند! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو ساهہ ڪڍ، ڇوجو منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.“


پوءِ جڏهن سج اڀري مٿي ٿيو تڏهن خدا اوڀر پاسي کان جھولو گھلايو. يونس کي مٿي تي اهڙي اُس لڳي جو هو ماندو ٿي ويو. هن پنهنجي لاءِ موت جي خواهش ڪئي ۽ چيائين تہ ”منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.“


تنهن تي خداوند يونس کي چيو تہ ”ڇا ٻوٽي لاءِ تنهنجو ڪاوڙجڻ ڪو صحيح قدم آهي؟“ يونس وراڻيو تہ ”منهنجو ڪاوڙجڻ ايتري تائين صحيح قدم آهي تہ آءٌ موت چاهيان ٿو.“


اهو ئي سبب هو جو هيرودياس يحيٰ کان نفرت ڪندي هئي ۽ کيس مارائڻ ٿي چاهيائين. پر هوءَ ائين ڪري نہ ٿي سگھي،


تنهن تي هوءَ ٻاهر نڪري ويئي ۽ وڃي پنهنجي ماءُ کان پڇيائين تہ ”آءٌ ڇا گھران؟“ هن چيس تہ ”يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري جي سسي.“


اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اها ڳالهہ ياد رکو تہ هر هڪ ماڻهو ٻڌڻ ۾ تکو، ڳالهائڻ ۾ ڍرو ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ٿڌو ٿئي،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan