Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




واعظ 7:6 - Muslim Sindhi Bible

6 بي‌عقل ماڻهوءَ جو کلڻ ائين آهي، جيئن ديڳڙي جي هيٺان ڪنڊن جي سڙڻ جو ٽڙڪو هوندو آهي، جنهن مان ڪجھہ حاصل نہ ٿو ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ڇالاءِ جو جيئن ديڳڙي جي هيٺان ڪنڊن سڙڻ جو ٽڙڪو، تيئن بي عقل جي کل آهي. اها بہ بيهودگي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




واعظ 7:6
10 Iomraidhean Croise  

اهي مون کي ماکيءَ جي مکين وانگر ويڙهي ويون هيون، پر ڪنڊن جي باهہ جيان اهي اک ڇنڀ ۾ ٻري سڙي ويون. هائو، خداوند جي زورآور نالي سان مون کين برباد ڪري ڇڏيو.


انهيءَ کان اڳ جو چاڙهيل ديڳڙن کي ڪنڊن جي باهہ جو تؤ اچي، تون بڇڙن کي واچوڙي سان اڏائي وڃ، پوءِ اهي ادنيٰ هجن توڙي اعليٰ.


جيڪڏهن ڪو عقلمند ڪنهن بي‌وقوف سان بحث ٿو ڪري، پوءِ هو ڪاوڙيل رهي يا کِلي، مگر کيس سڪون ڪونہ ملندو.


مون پنهنجيءَ دل ۾ ويچار ڪيو تہ آءٌ پنهنجي جسم کي مئي پيئڻ وسيلي خوش رکان. مون ايتري مئي پيتي جو بي‌هوش ٿي ويس. مون اهو انهيءَ ڪري ڪيو، تہ جيئن ڏاهپ جي وسيلي آءٌ جاچ ڪري ڏسان تہ هن ڌرتيءَ تي بني آدم جي ٿورڙي حياتيءَ دوران اهو ڪم ڪرڻ فائدي وارو آهي يا نہ. پر مون سهي ڪري ورتو تہ کلڻ ۽ خوشي ملهائڻ وسيلي زندگيءَ جي راز کي سمجھڻ چريائپ آهي.


آءٌ اوهان جي عيدن کي ڦيرائي ماتم، ۽ سڀني راڳن کي ڦيرائي مرثيا ڪري ڇڏيندس. آءٌ اوهان سڀني کي کٿا ڍڪرائيندس، ۽ اوهان جا مٿا ڪوڙائيندس. آءٌ اوهان ۾ اهڙو تہ ماتم وجھندس، جهڙو سڪيلڌي پٽ جي مرڻ تي ٿيندو آهي، اهو ماتم پڇاڙي تائين تمام سخت هوندو.


پر ابراهيم چيس تہ ’پٽ! ياد ڪر، تہ تو کي پنهنجي حياتيءَ ۾ سٺيون سٺيون شيون مليل هيون، پر لعزر کي خراب شيون. هاڻي هو هتي مزن ۾ آهي ۽ تون عذاب ۾ آهين.


مصيبت آهي اوهان لاءِ، جيڪي هاڻي ڍاول آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهين بکون ڪڍندا. مصيبت آهي اوهان لاءِ، جيڪي هاڻي کِلو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اوهين ماتم ڪندا ۽ روئندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan