Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




واعظ 7:10 - Muslim Sindhi Bible

10 اوهين ائين نہ چئو تہ ”هاڻي وارن ڏينهن کان اڳيان ڏينهن بهتر هئا،“ ڇاڪاڻ تہ اوهان جي اها سوچ عقلمنديءَ واري ناهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 تون ائين نہ چئُہ تہ ڪهڙي سبب کان اڳيان ڏينهن هنن کان بهتر هئا؟ ڇالاءِ جو تون انهي نسبت ۾ ڏاهپ سان جاچ نٿو ڪرين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




واعظ 7:10
9 Iomraidhean Croise  

ڏاهپ ايڏي تہ چڱي آهي، جيڏو اهو قيمتي خزانو، جيڪو ابا ڏاڏا ورثي ۾ ڇڏي ويا هجن. اها هن ڌرتيءَ جي سڀني ماڻهن کي هميشہ لاءِ فائدو رسائي ٿي.


پنهنجيءَ ڪاوڙ تي ضابطو رکو، ڇاڪاڻ تہ ڪاوڙ رڳو بي‌عقلن جي دلين ۾ رهي ٿي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! جڏهن مون اوهان جي ماءُ صيئون کي رد ڪري ڇڏيو هو، تڏهن مون پنهنجي طرفان کيس طلاق ڪين ڏني هئي. پر جي اوهين ائين سمجھو ٿا تہ پوءِ اهو طلاق نامو ڪٿي آهي؟ جڏهن اوهين غلاميءَ ۾ وڪامي قيد ٿي ويا هئا، تڏهن مون اوهان کي پنهنجي ڪنهن قرض لاهڻ لاءِ ڪين وڪيو هو. مون هرگز ائين ڪين ڪيو هو، بلڪ اوهين تہ پاڻ پنهنجين بدڪارين جي ڪري وڪاڻا هئا. هائو، اوهان جي ڏوهن جي ڪري ئي اوهان جي ماءُ رد ڪئي ويئي هئي.


جِدعون انهيءَ کي چيو تہ ”اي منهنجا سائين! جيڪڏهن خداوند اسان سان آهي تہ پوءِ هي سڀ ڪجھہ اسان سان ڇو ٿيو آهي؟ هن جا اهي سڀ معجزا ڪٿي آهن جن بابت اسان جي ابن ڏاڏن اسان کي ٻڌايو هو تہ خداوند ڪيئن کين مصر مان هتي آندو؟ پر هاڻي تہ خداوند اسان کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ اسان کي مديانين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو اٿس.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan