Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




واعظ 6:3 - Muslim Sindhi Bible

3 مثال طور ڪو ماڻهو وڏيءَ ڄمار تائين جيئرو رهي ۽ کيس سؤ ٻار کڻي ڄمن. پر جيڪڏهن هو پنهنجي انهيءَ ڊگھي حياتيءَ ۾ بہ خوشين کان محروم رهي ۽ مرڻ بعد کيس اها عزت نہ ملي جو دفن ڪيو وڃي، تڏهن آءٌ چوان ٿو تہ انهيءَ ماڻهوءَ کان تہ مئل ڄاول ٻار وڌيڪ بهتر آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 جيڪڏهن ڪو ماڻهو هڪ سؤ ٻار کڻي ڄڻي، ۽ گهڻا ورهيہ جيئي، جنهن ڪري هن جي حياتيءَ جا ڏينهن گهڻا ٿين، پر هن جو روح خوش نہ رهي، ۽ نہ هو دفن ڪيو وڃي؛ تہ آءٌ چوان ٿو تہ وقت کان اڳي جو ڪريل ٻار آهي سو انهي کان چڱو آهي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




واعظ 6:3
23 Iomraidhean Croise  

پوءِ جڏهن عيسوءَ اکيون مٿي کڻي نهاريو تہ عورتن ۽ ٻارن کي ڏٺائين، تڏهن يعقوب کان پڇيائين تہ ”هي تو سان ڪير آهن؟“ يعقوب وراڻيو تہ ”هي اهي ٻار آهن جيڪي خدا پنهنجي فضل سان تنهنجي خادم کي ڏنا آهن.“


يعقوب فرعون کي جواب ڏنو تہ ”منهنجي زندگيءَ جي سفر جا ڏينهن هڪ سؤ ٽيهہ سال آهن. منهنجي زندگيءَ جا ڏينهن ٿورا ۽ ڏکيا گذريا آهن. جيترا ڏينهن منهنجي ابن ڏاڏن زندگيءَ جي سفر ۾ گذاريا اوترا اڃا منهنجا ڪين ٿيا آهن.“


سامريہ شهر ۾ بادشاهہ اخي‌اب جي اولاد مان ستر ڄڻا رهندا هئا. ييهوءَ سامريہ جي اڳواڻن، يزرعيل شهر جي عملدارن ۽ جن اخي‌اب جي اولاد مان انهن ستر ڄڻن کي پاليو ٿي تن ڏانهن خط لکي موڪليا. انهن ۾ لکيائين تہ


پر جڏهن هو کيس دفن ڪرڻ لاءِ ويا تڏهن کين هن جي کوپڙي، هٿن ۽ پيرن کان سواءِ ٻيو ڪي‌بہ هٿ ڪين آيو.


جيئن تہ هن مون کي گھڻا ئي پٽ ڏنا آهن، سو منهنجي سڀني پٽن مان هن منهنجي پٽ سليمان کي پسند ڪيو تہ هو بني اسرائيل مٿان خداوند جي سلطنت جي تخت تي ويهي.


هن کي جملي ارڙهن زالون ۽ سٺ سريتون هيون، جن مان کيس اٺاويهہ پٽ ۽ سٺ ڌيئر ڄايون. رحبعام پنهنجين سڀني زالن ۽ سريتن کان وڌيڪ ابي‌سلوم جي ڌيءَ معڪہ سان محبت ڪندو هو.


هو انهن جي اڳيان پنهنجي گھڻيءَ دولت، گھڻي اولاد جو ذڪر ڪندي ۽ اهي سڀ ڳالهيون ڪندي ڊاڙون هڻڻ لڳو، جن جي ڪري شهنشاهہ سندس عزت وڌائي هئي ۽ کيس ٻين اميرن ۽ عملدارن کان مٿاهون بڻايو هئائين.


سو هامان کي ان ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو جيڪا هن مردڪئيءَ لاءِ ٺهرائي هئي. تڏهن وڃي شهنشاهہ جي ڪاوڙ جھڪي ٿي.


”ڪاش! آءٌ پنهنجي ماءُ جي پيٽ اندر ئي مري وڃان ها، يا وري پيٽ منجھان نڪرندي ئي ڇو نہ مون کي موت آيو.


يا وري ڪچن مهينن جي ڪريل ٻار جيان لڪائي دفنايو وڃان ها! هائو، انهيءَ ٻار وانگر جيڪو ڪڏهين روشني ڪين ڏسي ٿو.


شل هو سڀ رجندڙ ميڻ وانگر رجي فنا ٿي وڃن، هائو، ڍُڪيءَ عورت جي ان ڪريل ٻار وانگر، جنهن سج صفا نہ ڏٺو هجي.


ابن ڏاڏن لاءِ سندن پوٽا ڏوهٽا فخر جو باعث آهن، ۽ اولاد جو فخر سندن والدين.


بلڪ انهن ٻنهي کان بہ وڌيڪ بهتر اهي آهن جيڪي اڃا ڄاوا ئي ڪونہ آهن، جن اڃا اها بڇڙائي ڏٺي ئي ڪونهي جيڪا هن دنيا ۾ پيئي ٿئي.


انهيءَ ٻار جو ڄمڻ ۽ موت بہ هڪ ڳجھارت آهي جيڪا سمجھہ ۾ نہ ٿي اچي. کيس ڪو نالو ئي نہ ڏنو ويو ۽ اهو هڪ اونداهيءَ مان نڪري ٻي اونداهيءَ ۾ ويو.


بلڪ هن کي اهڙيءَ طرح دفن ڪيو ويندو، جيئن مئل گڏهہ کي يروشلم جي دروازن مان گهِلي ٻاهر کڏ ۾ اڇلايو وڃي ٿو.“


تنهنڪري هاڻ، آءٌ خداوند تو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بابت چوان ٿو تہ دائود جي تخت تي ويهڻ لاءِ تو وٽ ڪوبہ ڪونہ رهندو. تنهنجو لاش ٻاهر ڪڍي اڇلايو ويندو، جيڪو ڏينهن جو اُس ۾ تہ رات جو پاري ۾ پيو هوندو.


سندن اهي هڏا سج، چنڊ ۽ آسمان جي ستارن اڳيان پکيڙيا ويندا، جن سان کين محبت هئي ۽ جن جي خدمت ۽ پوڄا ڪندا هئا ۽ جن جي پٺيان لڳي کين سجدا ڪندا هئا. اهي هڏا دفن ڪرڻ لاءِ ميڙي گڏ نہ ڪيا ويندا بلڪ گند ڪچري وانگر زمين تي پکڙيا پيا هوندا.


ابنِ آدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن پاڪ ڪلام ۾ اڳڪٿي ڪئي ويئي آهي. پر حيف آهي ان تي جيڪو ابنِ آدم کي پڪڙائيندو. ان ماڻهوءَ لاءِ اهو بهتر هو تہ هو دنيا ۾ اصل ڄائي ئي نہ ها.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan