Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




واعظ 5:6 - Muslim Sindhi Bible

6 پنهنجي زبان کي قابوءَ ۾ رکو، تان‌تہ اها اوهان کي گنهگار قرار نہ ڏئي ۽ پوءِ اوهان کي ڪاهن جي آڏو ائين نہ چوڻو پوي تہ ”مون کان ڀل چوڪ ٿي ويئي آهي.“ سو ائين نہ ٿئي جو خدا اوهان جي چيل ڪنهن ڳالهہ تان ناراض ٿي اوهان جي محنت سان ڪيل هر ڪم کي برباد ڪري ڇڏي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 پنهنجي وات کي نہ ڇڏ تہ تنهنجي جسم کان گناهہ ڪرائي؛ نڪي تون فرشتي جي اڳيان چئُہ تہ اها چڪ هئي: ڇالاءِ خدا تنهنجي ڳالهائڻ تي ڪاوڙجي، ۽ تنهنجي هٿن جو ڪم ناس ڪري ڇڏي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




واعظ 5:6
23 Iomraidhean Croise  

جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي ديندار ٿو سمجھي پر پنهنجي زبان کي ضابطي ۾ نہ ٿو رکي تہ سندس دينداري اجائي آهي ۽ اهو پاڻ کي دوکو ٿو ڏئي.


سو خبردار ٿجو، جيڪا محنت اسان اوهان ۾ ڪئي آهي سا وڃائي نہ ڇڏجو، پر انهيءَ مان پورو پورو اجر حاصل ڪجو.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسين انسان گھڻين ئي ڳالهين ۾ ٿاٻڙجي خطا ٿا ڪريون. پر جيڪو ماڻهو ڳالهائڻ ۾ ڪڏهن بہ خطا نہ ٿو ڪري سو ڪامل آهي ۽ پنهنجي سڄي بدن کي ضابطي ۾ رکي ٿو سگھي.


بيشڪ ڪاهن جو اهو ئي فرض آهي تہ کيس مون خدا بابت صحيح ڄاڻ هجي، تہ جيئن ماڻهو کانئس شريعت جي تعليم حاصل ڪن، ڇو تہ ڪاهن مون قادرِمطلق خداوند جو پيغام ڏيندڙ آهي.“


سو شال هنن ڇوڪرن کي پنهنجي برڪت عطا ڪري! شل خداوند جو ملائڪ مون جيان کين هر مصيبت کان بچائي! شل منهنجو ۽ منهنجي پيءُ ڏاڏي اسحاق ۽ ابراهيم جو نالو هنن جي وسيلي قائم رهي، شل هو ڌرتيءَ تي وڌي راڄ ٿين!“


تنهن بعد ڪاهن سڄيءَ قوم جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري تہ پوءِ کين معافي ملندي، ڇاڪاڻ تہ اها خطا بناارادي آهي. سو هنن کي پنهنجي خطا جي لاءِ ساڙي ويندڙ قرباني ۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪرڻي آهي.


ڇا اهي سڀ ملائڪ عبادت ڪندڙ روح نہ آهن، جيڪي ميراث طور ڇوٽڪاري حاصل ڪندڙن جي خدمت لاءِ موڪليا وڃن ٿا؟


آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا، عيسيٰ مسيح ۽ خاص ملائڪن کي حاضر ناظر ڄاڻي بنا ڪنهن تعصب جي انهن هدايتن تي عمل ڪجانءِ ۽ ڪنهن جي بہ طرفداريءَ نہ ڪجانءِ.


سو عورت کي گھرجي تہ هوءَ ملائڪن کي نظر ۾ رکندي پنهنجو مٿو ڍڪي، جيڪو سندس اختياريءَ جو نشان آهي.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجو هڪ پيغمبر موڪلڻ وارو آهيان، جيڪو منهنجي لاءِ راهہ تيار ڪندو. اهو پيغمبر جنهن جي اوهان کي آرزو آهي، سو اچي اوهان کي مون سان ٻڌل عهد ياد ڏياريندو. پوءِ آءٌ خداوند جنهن جي اوهين عبادت ڪريو ٿا، سو اوچتو پنهنجي هيڪل ۾ ايندس.“


بني اسرائيل لاءِ هي بہ فرمايو تہ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو بناارادي ڪو اهڙو ڪم ڪرڻ سان گناهہ ڪري وجھي، جن ڪمن ڪرڻ جي مون خداوند منع ڪئي آهي، تنهن لاءِ هي حڪم آهن.


جيڪڏهن ڪو اڳواڻ بناارادي ڪو اهڙو گناهہ ڪري ڏوهاري قرار ڌنو ويو هجي جنهن جي مون خداوند سندس خدا منع ڪئي آهي،


گنهگارن کي ڏسي مٿن ريس نہ ڪريو، بلڪ هميشہ خداوند کان ڊڄندا رهو.


آءٌ ڄاڻان ٿو تہ خدا جيڪي بہ ڪري ٿو، سو هميشہ ٿيندو رهندو. انهيءَ ۾ ڪابہ گھٽ وڌائي ٿي نہ ٿي سگھي. خدا هي سڀ ڪجھہ انهيءَ لاءِ ڪيو آهي تہ اسين انسان سندس تعظيم ڪندا رهون.


ڏاهو ماڻهو جيڪي ڳالهائي ٿو، تنهن سان هو عزت ٿو حاصل ڪري. پر بي‌عقل ماڻهو پنهنجي ڳالهائڻ سان پاڻ کي ئي نقصان ۾ وجھيو ڇڏي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan