Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




واعظ 5:4 - Muslim Sindhi Bible

4 جڏهن اوهين خدا آڏو ڪو واعدو ڪريو، تہ پوءِ جيترو جلد ٿي سگھي اهو پورو ڪريو، ڇاڪاڻ تہ هو اهڙن اُٻهرن بي‌وقوفن مان خوش نہ ٿو رهي. تنهنڪري پنهنجو ڪيل واعدو پورو ڪري ڇڏيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 جڏهن تون خدا جي اڳيان ڪا مڃتا مڃين، تڏهن انجي پوري ڪرڻ ۾ دير نہ ڪر؛ جيڪا مڃتا مڃين اُها پوري ڪر، ڇالاءِ جو هو بي عقلن مان خوش نٿو رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




واعظ 5:4
20 Iomraidhean Croise  

اتي يعقوب خدا سان اقرار ڪيو تہ ”جيڪڏهن تون مون ساڻ هوندين ۽ جيڪو سفر آءٌ ڪريان ٿو تنهن ۾ منهنجي سنڀال ڪندين ۽ مون کي کائڻ لاءِ کاڌو ۽ پائڻ لاءِ ڪپڙا ڏيندين


پوءِ خدا يعقوب کي چيو تہ ”بيت‌ايل ۾ وڃي رهہ ۽ اتي مون خدا جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهہ، جتي مون تو کي ان وقت ڏيکاري ڏني هئي، جڏهن تون پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ جي ڊپ کان ڀڳو ٿي وئين.“


پوءِ اچو تہ بيت‌ايل ڏانهن هلون. اتي آءٌ خدا لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهيندس، جنهن مصيبت جي وقت منهنجي مدد ڪئي هئي ۽ جتي بہ ويس ٿي اتي مون سان گڏ هو.“


هائو، جڏهن ماڻهو عبادت لاءِ گڏ ٿيندا تہ آءٌ سندن روبرو، خداوند آڏو پنهنجيون اهي باسون پوريون ڪندس.


مون جيڪو قسم کنيو آهي تنهن تي قائم آهيان، تہ آءٌ تنهنجي سچن قاعدن قانونن تي عمل ڪندو رهندس.


آءٌ سندس عنايت سان هيڪل جي وڏي گڏجاڻيءَ ۾ واکاڻ ڪندس. آءٌ سندس عبادت‌گذارن جي روبرو باس جون قربانيون پيش ڪندس.


مون آڏو قربانيءَ طور اوهين شڪرگذاري پيش ڪريو. مون خدا تعاليٰ آڏو اوهين پنهنجيون باسون پوريون ڪريو.


سو اي بني اسرائيل! اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ پنهنجيون باسيل باسون پوريون ڪريو. اي آس‌پاس واريون قومون! اوهين سڀيئي هن لاءِ نذرانا آڻيو. هائو، جنهن کان ڊڄڻ واجب آهي تنهن لاءِ اوهين نذرانا آڻيو.


جلدبازيءَ وچان ڪنهن شيءِ کي خداوند لاءِ مخصوص ڪرڻ، ۽ بنا سوچڻ سمجھڻ جي باس باسڻ سان انسان ڦاسي ٿو پوي.


اهڙيءَ طرح خداوند پنهنجو پاڻ کي مصر وارن تي ظاهر ڪندو ۽ پوءِ مصرين ۾ خداوند جي سڃاڻ ايندي. سو اهي قربانين ۽ نذرانن پيش ڪرڻ سان خداوند جي عبادت ڪندا. هو خداوند جي حضور ۾ باسون باسيندا ۽ اهي پوريون ڪندا.


پر آءٌ تنهنجي اڳيان شڪراني سان قرباني ڪندس، جيڪا باس مون باسي آهي سا ضرور پوري ڪندس. اي خداوند! آءٌ مڃان ٿو تہ تون ئي ڇڏائڻ وارو آهين.“


جيڪر اوهان منجھہ ڪو اهڙو هجي جيڪو منهنجي عبادت‌گاهہ جا دروازا بند ڪري ڇڏي، تہ جيئن اوهين منهنجي قربان‌گاهہ تي اهڙي اجائي نموني قربانيون نہ ساڙي سگھو. آءٌ اوهان مان راضي نہ آهيان، نہ ئي آءٌ اوهان جي هٿان نذرانا قبول ڪندس.


”جڏهن ڪو ماڻهو خداوند آڏو ڪا باس باسي يا ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکڻ جو قسم تي عهد ڪري، تہ پوءِ هو پنهنجو قول نہ ڀڃي، بلڪ جيڪي زبان مان نڪتو هجيس سو پورو ڪري.


”ٻيو اوهان اهو بہ ٻڌو آهي تہ اڳئين زماني ۾ ماڻهن کي چيو ويو هو تہ ’خداوند جي آڏو پنهنجا کنيل قسم نہ ڀڃو، پر اهي پورا ڪريو.‘


هائو، ساڙڻ وارين قربانين ۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانين کان تون خوش نہ ٿئين.


جڏهن هن انهيءَ کي ڏٺو تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چيائينس تہ ”هاءِ! اي منهنجي ڌيءَ! تو مون کي ڏاڍو ڏکائي وڌو، ٻين وانگر تون تہ مون کي ڏک نہ ڏئين ها. مون خداوند کي پنهنجي زبان ڏني آهي، جنهن کان آءٌ ڦري نہ ٿو سگھان.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan