Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




واعظ 5:1 - Muslim Sindhi Bible

1 جڏهن اوهين خدا جي گھر ۾ داخل ٿيو، تڏهن نماڻا ٿي احتياط سان اچو. ڪي بي‌وقوف ماڻهو اتي وڃي لاپرواهيءَ سان قربانيون تہ پيش ڪن ٿا پر نہ ٿا سمجھن تہ ائين ڪرڻ سان هو پنهنجو پاڻ کي مصيبت ۾ ٿا ڦاسائين. انهيءَ کان تہ اهو وڌيڪ بهتر آهي جو اوهين اتي وڃي ڪجھہ ڌيان سان ٻڌو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 جڏهن تون خدا جي گهر ۾ وڃين تڏهن پنهنجي قدم جي سنڀال رک؛ ڇالاءِ جو بي عقلن جي قرباني ڏيڻ کان، ٻڌڻ جي لاءِ ويجهو وڃڻ بهتر آهي: هن ڪري جو انهن کي اها خبر نہ ٿي پوي تہ هو ڪو بڇڙو ڪم ٿا ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




واعظ 5:1
28 Iomraidhean Croise  

پر طاقتور ٿيڻ کان پوءِ عُزياہ ڏاڍو مغرور ٿي ويو ۽ هن جو غرور ئي سندس زوال جو سبب بڻيو. هن خداوند پنهنجي خدا جي نافرماني ڪندي هيڪل ۾ اندر گھڙي لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ تي لوبان ساڙيو.


”ڇا ڊگھين ڳالهين ڪرڻ واري کي جواب نہ ڏجي؟ ڇا گھڻي ڳالهائڻ وارو ماڻهو سچو سمجھيو ويندو؟


خدا جيڪو اوچن ستارن کان مٿي آسمانن کان بہ بلنديءَ تي عرش عظيم ۾ آهي، سو ڪائنات جي هر شيءِ تي پنهنجي نظر رکي ٿو.


اي خدا! آسمان وارن ۾ هر ڪو تنهنجو خوف رکي ٿو، جيڪي تنهنجي آس‌پاس آهن، تن سڀني کان تون وڌيڪ هيبتناڪ آهين.


خدا چيس تہ ”وڌيڪ ويجھو نہ اچ. پنهنجي پيرن مان جتي لاهہ، ڇاڪاڻ تہ جنهن جاءِ تي تون بيٺو آهين سا پاڪ زمين آهي.“


”تون وضو ڪرڻ لاءِ هڪڙو پتل جو حوض ۽ انهيءَ جي هيٺان رکڻ لاءِ پتل جي گھوڙي ٺهرائج. اهو حوض مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۽ قربان‌گاهہ جي وچ ۾ رکائج ۽ ان ۾ پاڻي ڀرائي ڇڏج.


گھڻي ڳالهائڻ سان انسان غلط ڳالهايو وجھي، تنهنڪري زبان تي ضابطو رکڻ عقلمندي آهي.


سچارن جي دعا گھرڻ تي خداوند خوش ٿو ٿئي، مگر بدڪارن جي قربانين کان بہ هن کي نفرت آهي.


خداوند بدڪارن جي قربانين کان نفرت ٿو ڪري، خاص طور جڏهن اهي بدنيتيءَ سان پيش ڪيون وڃن.


سڀيئي ماڻهو پنهنجي پنهنجي پسند جا رستا اختيار ڪندي پنهنجي دل کي ڪراهت وارين شين سان بيحد خوش ٿا رکن. هڪڙي پاسي اهي ڍڳي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري انسانن جو قتل ٿا ڪن. هڪڙي پاسي اهي گھيٽي جي قرباني تہ ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وري پوڄا ۾ ڪتن جون سسيون ٿا مروڙين. هڪڙي پاسي اهي اناج جي قرباني تہ پيش ڪن ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري سوئر جو رت ٿا پيش ڪن. هڪڙي پاسي اهي منهنجي نالي لوبان تہ ساڙين ٿا، پر ٻئي پاسي وڃي وري ڪنهن بت جي پوڄا ٿا ڪن.


تنهن تي موسيٰ هارون کي چيو تہ ”اها ئي ڳالهہ آهي جيڪا خداوند فرمائي هئي تہ ’جيڪي منهنجي ويجھو اچن، سي منهنجي پاڪيزگيءَ جو احترام ڪن، بيشڪ سڀني ماڻهن جي نظر ۾ آءٌ ئي عظمت وارو هوندس.‘“ تڏهن هارون خاموش رهيو.


تنهنڪري مون جلدي اوهان ڏانهن ماڻهو موڪليا ۽ اها اوهان جي وڏي مهرباني آهي جو اوهين آيا آهيو. هاڻي اسين سڀ انهيءَ لاءِ خدا جي آڏو حاضر ٿيا آهيون تہ جيڪي ڳالهيون ٻڌائڻ لاءِ خداوند اوهان کي حڪم ڏنو آهي سي ٻڌون.“


اهي يهودي ٿِسلُنيڪي جي يهودين کان وڌيڪ ڪشادي ذهن وارا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو مسيح بابت خدا جو پيغام وڏي شوق سان ٻڌندا هئا ۽ روزانو پاڪ ڪلام پڙهي ڏسندا هئا تہ ائين برابر آهي يا نہ، جيئن پولس چئي رهيو آهي.


ڇا کائڻ پيئڻ لاءِ اوهان کي پنهنجا گھر ڪونہ آهن؟ جن کي ڪابہ شيءِ ڪانہ آهي تن کي شرمندو ڪري ڪليسيا کي ڇو ٿا حقير سمجھو؟ آءٌ اوهان کي ڇا چوان؟ ڇا انهيءَ ڪري آءٌ اوهان جي ساراهہ ڪريان؟ نہ، هرگز نہ.


ياد رکو، جيڪڏهن اسين سچ جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان پوءِ بہ ڄاڻي‌واڻي گناهہ ڪندا رهون تہ گناهن جي مِٽائڻ لاءِ ڪابہ قرباني اڳتي باقي ناهي رهي.


اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اها ڳالهہ ياد رکو تہ هر هڪ ماڻهو ٻڌڻ ۾ تکو، ڳالهائڻ ۾ ڍرو ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ٿڌو ٿئي،


تڏهن خداوند جي لشڪر جي سپهہ‌سالار کيس چيو تہ ”پنهنجي پيرن مان جتي لاهہ، ڇاڪاڻ تہ جنهن جاءِ تي تون بيٺو آهين سا پاڪ آهي.“ سو يشوع ائين ئي ڪيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan