9 اڪيلي رهڻ کان ٻہ هجڻ بهتر آهي، ڇاڪاڻ تہ انهن کي سندن گڏيل پورهئي جو چڱو فائدو ٿو ملي.
9 هڪڙي کان ٻہ چڱا آهن؛ ڇالاءِ جو انهن کي سندن پورهئي جو چڱو بدلو ٿو ملي.
پوءِ خداوند خدا چيو تہ ”آدم جو اڪيلو رهڻ چڱو نہ آهي. تنهنڪري آءٌ هن لاءِ هڪ سٺو ساٿي بڻائيندس.“
يوآب ابيشيءَ کي چيو تہ ”جيڪڏهن ارامي مون کان ڏاڍا ٿيا تہ تون منهنجي مدد ڪجانءِ، پر جيڪڏهن بني عمون تو کان ڏاڍا ٿيا تہ آءٌ تو کي مدد ڏيندس.
جهڙيءَ طرح لوهہ لوهہ کي تکو ڪري ٿو، تهڙيءَ طرح انسان هڪٻئي جي ذهن کي سکيا ڏيئي تيز ڪن ٿا.
جيڪڏهن انهن مان ڪو هڪڙو ڪرندو، تہ ٻيو سنگتي انهيءَ کي سنڀالي وٺندو. پر افسوس آهي انهيءَ تي جيڪو اڪيلو آهي، ڇاڪاڻ تہ جڏهن اهو ڪرندو تہ کيس ڪوبہ اٿارڻ وارو ڪونہ هوندو.
مثال طور ڪنهن ماڻهوءَ کي نہ اولاد آهي ۽ نہ وري ڪو ڀاءُڀيڻ اٿس، بلڪل اڪيلو ئي آهي. تنهن هوندي بہ اهو هميشہ سخت پورهيو ڪندو ٿو رهي پر دولت مان ڍاپجي نہ ٿو. ڀلا اهو ڪنهن جي لاءِ هيتري ساري محنت ٿو ڪري ۽ پنهنجي جيءَ کي جنجال ۾ ٿو وجھي؟ اهڙي تڪليف واري زندگي گذارڻ بہ سمجھہ کان مٿاهين آهي.
خداوند هر ڪنهن جي دل ۾ پنهنجي هيڪل جي ڪم لاءِ جذبو جاڳايو. سو يهوداہ جو گورنر زربابل، سردار ڪاهن يشوع ۽ اهي ماڻهو جيڪي جلاوطنيءَ کان موٽي آيا هئا، تن سڀني قادرِمطلق خداوند پنهنجي خدا جي هيڪل تي ڪم شروع ڪيو.
آءٌ هنن سڀني ماڻهن جو بار نہ ٿو کڻي سگھان. اهو منهنجي وس کان ٻاهر آهي.
عيسيٰ پنهنجي ٻارهن ئي شاگردن کي پاڻ وٽ سڏايو ۽ ٻن ٻن جي ٽولي ۾ کين روانو ڪرڻ لڳو. انهن کي اختياري ڏنائين تہ هو ماڻهن مان ڀوت ڪڍين
ايستائين جو جيڪو لابارو ڪري ٿو تنهن کي مزدوري ملندي ٿي وڃي ۽ ماڻهن جي دائمي زندگيءَ لاءِ فصل گڏ ڪندو ٿو وڃي، تہ جيئن پوکيندڙ ۽ لڻندڙ ٻئي گڏجي خوشي ملهائين.
هڪ ڏينهن جڏهن هنن روزو رکي خداوند جي عبادت پئي ڪئي تہ پاڪ روح کين چيو تہ ”جنهن ڪم لاءِ مون برنباس ۽ سائول کي چونڊيو آهي، تنهن لاءِ کين مخصوص ڪريو.“
سو خبردار ٿجو، جيڪا محنت اسان اوهان ۾ ڪئي آهي سا وڃائي نہ ڇڏجو، پر انهيءَ مان پورو پورو اجر حاصل ڪجو.
شال خداوند تو کي تنهنجي ڪم جو اجورو ڏئي، شال خداوند، بني اسرائيل جي خدا کان تو کي پورو انعام ملي، هائو، انهيءَ کان جنهن جي پرن جي پاڇي هيٺ تو اچي پناهہ ورتي آهي.“