Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




واعظ 4:8 - Muslim Sindhi Bible

8 مثال طور ڪنهن ماڻهوءَ کي نہ اولاد آهي ۽ نہ وري ڪو ڀاءُڀيڻ اٿس، بلڪل اڪيلو ئي آهي. تنهن هوندي بہ اهو هميشہ سخت پورهيو ڪندو ٿو رهي پر دولت مان ڍاپجي نہ ٿو. ڀلا اهو ڪنهن جي لاءِ هيتري ساري محنت ٿو ڪري ۽ پنهنجي جيءَ کي جنجال ۾ ٿو وجھي؟ اهڙي تڪليف واري زندگي گذارڻ بہ سمجھہ کان مٿاهين آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 هڪڙو اڪيلو ماڻهو آهي، جنهن وٽ ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ بلڪ هن کي نڪو پٽ آهي، نڪو ڀاءُ آهي؛ انهي هوندي بہ هن جي محنت جي پڄاڻي ڪانهي، نڪي هن جون اکيون دولت سان ڍاول آهن. هو چوي ٿو تہ ڪنهن جي لاءِ آءٌ هيتري محنت ٿو ڪريان، ۽ پنهنجي جيءَ کي جنجال ۾ ٿو وجهان؟ اِها بہ بيهودگي آهي، هائو، نسوري زحمت آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




واعظ 4:8
21 Iomraidhean Croise  

پوءِ خداوند خدا چيو تہ ”آدم جو اڪيلو رهڻ چڱو نہ آهي. تنهنڪري آءٌ هن لاءِ هڪ سٺو ساٿي بڻائيندس.“


بيشڪ هر انسان پاڇي وانگر گم ٿيو وڃي. هو جيڪا بہ جاکوڙ ڪري ٿو سا بلڪل بي‌فائدي آهي. هو مال پٺيان مال تہ گڏ ڪندو ٿو رهي، پر اها خبر ڪين اٿس تہ اهو ڪنهن جي ملڪيت ٿيندو.


هاڻي اي منهنجا رب! ڀلا آءٌ ڪهڙيءَ ڳالهہ تي ڀروسو ڪريان؟ اي منهنجا ڌڻي! مون تہ پنهنجي توڪل تو تي رکي آهي.


جيئن قبر ۽ پاتال ڪڏهن بہ ڍاپجڻ جا ناهن، تيئن ئي ماڻهو پنهنجي خواهشين مان ڪڏهن بہ نہ ٿو ڍاپجي.


منهنجي دل ۾ شوق جاڳيو تہ هن ڌرتيءَ تي جيڪي ڪجھہ ٿي رهيو آهي، تنهن بابت پنهنجي ڏاهپ جي وسيلي جاچ‌جوچ ڪريان ۽ سمجھان. مون کي اهو سمجھہ ۾ آيو تہ خدا بني آدم لاءِ سدائين ڏکن ڀريل زندگي لکي ڇڏي آهي.


سڀ شيون لڳاتار ساڳيو ئي ڪم ڪنديون رهنديون آهن. انسان ڳالهائڻ سان انهن بابت سمجھاڻي نہ ٿو ڏيئي سگھي، ۽ ڏسڻ سان هو انهن جو مطلب نہ ٿو سمجھي سگھي، نڪي ٻڌڻ سان مطمئن ٿي ٿو سگھي.


جڏهن اسين محنت ڪندي پنهنجي ڏاهپ، علم ۽ هنر سان پنهنجي لاءِ ڪجھہ گڏ ڪريون ٿا، تڏهن اهو سڀ اسين ڇو ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڇڏي وڃون، جنهن انهيءَ لاءِ ڪابہ محنت نہ ڪئي هجي؟ اها بہ هڪڙي مصيبت آهي جيڪا سمجھہ کان مٿاهين آهي.


انسان جي پوري حياتي ڏکن سان ڀريل آهي ۽ سندس محنت هڪ عذاب آهي. ايتري قدر جو رات جو بہ سندس خيال کيس آرام ڪرڻ نہ ٿا ڏين. اهو بہ سمجھہ کان مٿاهون آهي.


پوءِ مون وري هن دنيا ۾ هڪ ٻي ڳالهہ ڏٺي جيڪا منهنجي نظر ۾ هڪ راز آهي.


دولت سان پيار ڪندڙ کي دولت مان ڍءُ نہ ٿيندو. هائو، گھڻي دولت جو حرص رکندڙ انهيءَ مان ڍاپجي نہ سگھندو. تہ پوءِ انهيءَ مان بہ اصل مقصد تہ حاصل نہ ٿيو.


پر جيڪڏهن ملڪ جي سڀني ٻنين تي بادشاهہ جي اختياري آهي تہ پوءِ انهيءَ مان سڀني کي فائدو ملي سگھي ٿو.


ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي لالچ وچان گھر سان گھر ۽ ٻنيءَ سان ٻني ملائيندا ٿا وڃو، ايتري تائين جو ڪابہ جاءِ ٻين لاءِ باقي نہ بچي، ۽ ٻيا ماڻهو ملڪ ۾ بي‌گھر ۽ بي‌در ٿي رهن.


جيڪا شيءِ صحيح کاڌي طور استعمال نہ ٿي ٿئي، تنهن لاءِ پنهنجو پئسو ڇو ٿا ضايع ڪريو؟ هائو، جنهن شيءِ مان ڍءُ نہ ٿو ٿئي، تنهن لاءِ پورهيو ڇو ٿا ڪريو؟ اوهين غور سان منهنجي ڳالهہ ٻڌو، جيڪا چڱي شيءِ هجي سا کائو، ۽ عمدي کاڌي مان لذت حاصل ڪريو.


اي اوهين سڀ جيڪي ڳرا بار کڻي ٿڪجي پيا آهيو! مون وٽ اچو، آءٌ اوهان کي آرام ڏيندس.


پر خدا چيس تہ ’اي بي‌وقوف! اڄوڪي رات ئي تنهنجي جان ورتي ويندي، پوءِ جيڪي گڏ ڪري رکيو اٿيئي سو ڪنهن جو ٿيندو؟‘“


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪي ڪجھہ دنيا جو آهي، يعني جسماني خواهش، اکين جي خواهش ۽ دنياوي مغروري، سي پيءُ جي طرفان نہ آهن پر دنيا جي طرفان آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan