Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




واعظ 4:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پوءِ مون وري هن دنيا ۾ هڪ ٻي ڳالهہ ڏٺي جيڪا منهنجي نظر ۾ هڪ راز آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 تنهن کان پوءِ مون موٽي اچي سج جي هيٺان بيهودگي ڏٺي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




واعظ 4:7
5 Iomraidhean Croise  

تنهنڪري هن هڪڙي ئي اشاري سان سندن ڏينهن پورا ڪري ڇڏيا. هائو، هن سندن حياتيءَ جا سال اوچتي آفت سان ختم ڪري ڇڏيا.


تنهن کان پوءِ مون وري نظر ڪئي ۽ ڏٺم تہ دنيا ۾ هر هنڌ ماڻهن تي ظلم پئي ڪيو ويو. مون ڏٺو تہ مظلومن جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا ۽ انهن کي دلاسي ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هو. مٿن ظلم ڪرڻ وارا وڏي اختيار وارا هئا، پر مظلومن جو ڪوبہ مددگار ڪونہ هو.


شايد ائين هجي، پر هي بہ آهي تہ ”گھڻو حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي سڄو وقت هڄائڻ کان بهتر آهي تہ اوترو ئي کڻي حاصل ڪجي، جنهن سان سڪون ملي.“ گھڻو هڄڻ بہ ائين ئي آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.


مثال طور ڪنهن ماڻهوءَ کي نہ اولاد آهي ۽ نہ وري ڪو ڀاءُڀيڻ اٿس، بلڪل اڪيلو ئي آهي. تنهن هوندي بہ اهو هميشہ سخت پورهيو ڪندو ٿو رهي پر دولت مان ڍاپجي نہ ٿو. ڀلا اهو ڪنهن جي لاءِ هيتري ساري محنت ٿو ڪري ۽ پنهنجي جيءَ کي جنجال ۾ ٿو وجھي؟ اهڙي تڪليف واري زندگي گذارڻ بہ سمجھہ کان مٿاهين آهي.


پر ڏسو، منهنجا اهي حڪم ۽ قاعدا قانون جيڪي مون پنهنجي ٻانهن نبين جي معرفت چيا هئا، سي اڄ بہ قائم آهن. انهن مطابق ئي مون کين سزا ڏني. آخرڪار هو توبهہ‌تائب ٿيا ۽ مڃيائون تہ مون قادر‌مطلق ساڻن اهڙو ئي سلوڪ ڪيو، جنهن جي هو لائق هئا ۽ جنهن جو مون ارادو ڪري ڇڏيو هو.‘“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan