11 وري جيڪڏهن ٻہ ڄڻا گڏ سمهن ٿا تہ هو گرم ٿا رهن. پر هڪڙو اڪيلو ماڻهو ڪيئن گرم رهي سگھندو؟
11 وري جي ٻہ گڏ سمهن ٿا تہ هو گرم ٿا رهن: پر هڪڙو ڇڙو ڪيئن گرم رهي سگهندو؟
جيڪڏهن انهن مان ڪو هڪڙو ڪرندو، تہ ٻيو سنگتي انهيءَ کي سنڀالي وٺندو. پر افسوس آهي انهيءَ تي جيڪو اڪيلو آهي، ڇاڪاڻ تہ جڏهن اهو ڪرندو تہ کيس ڪوبہ اٿارڻ وارو ڪونہ هوندو.
ڪنهن اڪيلي ماڻهوءَ تي تہ آسانيءَ سان غلبو حاصل ڪري سگھجي ٿو. مگر ٻہ ڄڻا تہ مقابلو ڪري سگھن ٿا، جيئن چوڻي آهي تہ ”ٽيڻو وٽيل ڌاڳو آسانيءَ سان ڪين ٿو ٽُٽي.“