Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




واعظ 4:1 - Muslim Sindhi Bible

1 تنهن کان پوءِ مون وري نظر ڪئي ۽ ڏٺم تہ دنيا ۾ هر هنڌ ماڻهن تي ظلم پئي ڪيو ويو. مون ڏٺو تہ مظلومن جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا ۽ انهن کي دلاسي ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هو. مٿن ظلم ڪرڻ وارا وڏي اختيار وارا هئا، پر مظلومن جو ڪوبہ مددگار ڪونہ هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 تنهن کان پوءِ آءٌ موٽي آيس ۽ جيڪي ظلم سج هيٺان پيا ٿين سي ڏٺم: ۽ ڏسو، جن مظلومن ڳوڙها پئي ڳاڙيا تن کي ڪوبہ دلاسي ڏيڻ وارو ڪونہ هو؛ ۽ انهن جي ظالمن جي طرف طاقت هئي، پر هنن کي ڪوبہ دلاسي ڏيڻ وارو ڪونہ هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




واعظ 4:1
51 Iomraidhean Croise  

جيڪڏهن اوهين منهنجي جاءِ تي هجو ها، ۽ آءٌ اوهان جي جاءِ تي، تہ پوءِ آءٌ بہ اوهان وانگر ڳالهائي ٿي سگھيس. آءٌ بہ اوهان جي خلاف ڳالهيون ٺاهي ٿي سگھيس، ۽ پنهنجو مٿو اوهان جي خلاف لوڏي ٿي سگھيس.


مظلوم ماڻهو گھڻن ظلمن جي ڪري دانهون تہ ڪن ٿا، هائو، ڏاڍن جي زبردستيءَ ڪري هو مدد لاءِ پڪارين تہ ٿا،


آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ بي‌انصافيءَ کان باز اچو، هائو، باز اچو، ڇو تہ آءٌ حق تي آهيان.


خدا دنيا کي بدڪارن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي، ۽ انهيءَ جي ججن جون اکيون ٻڌي ڇڏيون اٿائين. ڀلا جي خدا ائين نہ ڪيو آهي تہ ٻيو ڪير آهي؟


پر خداوند فرمائي ٿو تہ ”غريبن جي لٽجڻ ۽ محتاجن جي دانهن سبب هاڻ آءٌ اٿندس. ۽ انهن سلامتيءَ جي اڪير رکندڙن کي آءٌ سلامت رکندس.“


اتي آءٌ واجھائي ڏسان ٿو تہ ڪوبہ ويجھو ڪونهي جيڪو مون ڏانهن ڌيان ڏئي. ڪوبہ ناهي جيڪو منهنجو فڪر ڪري. هائو، مون لاءِ ڪا جاءِ‌پناهہ ناهي.


تڏهن اي خداوند! آءٌ تو کي ئي پڪاريان ٿو، ۽ چوان ٿو تہ تون ئي منهنجي جاءِ‌پناهہ آهين، بلڪ هن دنيا ۾ تون ئي مون لاءِ سڀ ڪجھہ آهين.


رات ڏينهن منهنجا لڙڪ ئي منهنجي خوراڪ آهن. جڏهن تہ مون کان هر وقت پڇيو ٿو وڃي تہ ”ڪٿي آهي تو وارو خدا؟“


آءٌ خدا کي، جيڪو منهنجو محافظ آهي چوان ٿو تہ ”تو مون کي ڇو وساري ڇڏيو آهي، جو آءٌ پنهنجي دشمنن جي ظلم ڪري روئندو رڙندو پيو وتان؟“


مهڻن منهنجي دل ڀڃي وڌي آهي، ۽ آءٌ ڏاڍو غمگين ٿي پيو آهيان. مون واجھايو پئي تہ من ڪنهن کي ڪهل پوي، پر اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو. مون ڏٺو پئي تہ من ڪو مون کي دلاسو ڏئي، پر اهڙو ڪوبہ ڪونہ مليو.


هنن مون کي کائڻ جي لاءِ ٽُوهہ جو ڦل ڏنو هو، ۽ جڏهن آءٌ اڃايل هئس تہ مون کي سرڪو پيئاريو هئائون.


تو اسان کي لُڙڪن واري خوراڪ کارائي آهي، ۽ پيئڻ لاءِ لُڙڪ ئي لُڙڪ ڏنا اٿيئي.


کين حڪم ڏنائين تہ ”جڏهن اوهين عبراني عورتن کي ويم ڪرايو تڏهن اوهين ڏسو، جيڪڏهن پٽ ڄمي تہ انهيءَ کي ماري ڇڏجو ۽ جي ڌيءَ ڄمي تہ انهيءَ کي جيئرو ڇڏجو.“


تنهن کان پوءِ فرعون پنهنجي سڀني ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”عبرانين ۾ جيڪو پٽ ڄمي تنهن کي درياءَ ۾ اڇلايو ۽ جيڪا ڌيءَ ڄمي تنهن کي جيئرو ڇڏي ڏيو.“


جڏهن غريب ماڻهوءَ کان سندس ڀائر ئي نفرت ٿا ڪن، تڏهن سندس دوست کانئس ڪيڏو نہ پري ڀڄندا، توڙي جو هو مدد لاءِ سندن پٺيان ڊوڙندو وتي.


غريبيءَ مان جيڪو حڪمران ٿئي ۽ پوءِ بہ غريبن تي ظلم ڪري، سو انهيءَ طوفاني برسات وانگر آهي، جيڪا فصل ۾ اناج جو داڻو ئي نہ ٿي ڇڏي.


جڏهن سچار قوم تي حڪمراني ٿا ڪن، تڏهن هر ڪو خوشيون ٿو ملهائي. مگر جڏهن ڪو بدڪار ماڻهو حاڪم ٿو ٿئي، تڏهن هر ڪو آهون ٿو ڀري.


مون اهو بہ جاچي ڏٺو تہ دنيا ۾ هر هنڌ چڱائيءَ بدران بڇڙائي ۽ انصاف بدران ناانصافي پيئي ٿئي.


جيڪڏهن اوهين ملڪ ۾ غريبن تي ظلم ٿيندي ڏسو ۽ ڪنهن ظالم عملدار هٿان انصاف ۽ عدالت کي بگاڙيندي ڏسو، تڏهن انهيءَ ڳالهہ تي اوهين حيران نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ ظالم عملدار مٿان بہ ٻيا ظالم عملدار آهن ۽ وري انهن سڀني مٿان ڪو ٻيو بہ آهي.


ظلم وَ ستم جي وقت ماڻهو عقلمندن کي بي‌عقل سمجھن ٿا، ۽ رشوت سمجھہ کي ناس ڪريو ڇڏي.


هن دنيا ۾ جيڪي ڪجھہ ٿي رهيو آهي، سو سڀ ڪجھہ مون ڏٺو آهي ۽ انهيءَ باري ۾ سنجيدگيءَ سان سوچيو اٿم. هن دنيا ۾ هڪڙا ظالم ماڻهو ٻين جي مٿان اهڙيءَ طرح حڪمراني ٿا ڪن جو اهي ٻيا سندن ظلم هيٺ پيا پيڙجن.


اهو محبوب قادرِمطلق خداوند آهي، ۽ سندس اهو انگورن وارو باغ بني اسرائيل آهي، جنهن جون وڻندڙ وليون بني يهوداہ آهن. خداوند انصاف جي اميد رکي پر ڇا ڏسي تہ اتي خونريزي ئي خونريزي آهي. هن حق سچ جي اميد رکي پر ڇا ڏسي تہ اتي مظلومن جي دانهن ۽ ڪوڪ آهي.


بلڪ آءٌ اهو پيالو انهن جي هٿن ۾ ڏيندس، جيڪي اوهان کي ڏکوئين ٿا، ۽ جن اوهان جي پٺيءَ کي ڌرتي، بلڪ لنگھي وڃڻ وارن لاءِ سڙڪ بڻائي ڇڏيو آهي. هائو، اهو پيالو آءٌ انهن کي پيئاريندس، جيڪي اوهان کي چون ٿا تہ ’هيٺ جھڪو تہ اسين اوهان جي مٿان لنگھي وڃون.‘“


اوهان جا قدم هميشہ برائيءَ ڏانهن ڊوڙن ٿا. اوهين بي‌گناهہ جو رت وهائڻ ۾ ڪا دير نہ ٿا ڪريو. اوهان جا خيال بدڪاريءَ وارا خيال آهن، ۽ اوهين تباهي ۽ بربادي ڦهلائيندا ٿا وتو.


سوڳوارن کي سندن مئلن جي تسليءَ واسطي ڪوبہ ويلو نہ کارائيندو، نہ وري سندن پيءُ ماءُ جي غم ۾ ڪو تسلي ڏيندي کين پاڻيءَ ڍڪ ئي پيئاريندو.


اهو ئي سبب آهي جو آءٌ روئان رڙان پيئي ۽ منهنجي اکين مان ڳوڙها بس ئي نہ ٿا ڪن. ڪوبہ اهڙو ڪونهي جيڪو مون کي دلاسو ڏئي، نڪي وري ڪو همتائڻ وارو ئي آهي. دشمنن مون تي فتح حاصل ڪري منهنجي رهاڪن کي برباد ڪري ڇڏيو آهي.


ڏسو، آءٌ هر هڪ جي اڳيان پنهنجا هٿ ڊگھيڙيان ٿي، پر ڪوبہ دلاسو ڏيڻ وارو ڪونهي. اٽلندو آس‌پاس وارين سڀني قومن کي خداوند منهنجي سڀني ماڻهن جي خلاف ڪري ڇڏيو آهي. آءٌ انهن جي نظرن ۾ پليت ٿي ويئي آهيان.


اها هر رات زاروزار روئي ٿي، ۽ سندس ڳلن تان ڳوڙها وهندا ٿا رهن. هن جي ناجائز چاهڻ وارن مان ڪوبہ ناهي، جيڪو کيس دلاسو ڏئي. سندس سڀني دوستن ساڻس دغا ڪئي آهي، ۽ سندس دشمن ٿي پيا آهن.


جيتوڻيڪ سندس دامن گناهن جي گندگيءَ سان ڀريل هو، تڏهن بہ هن کي پنهنجي انجام بابت ڪو فڪر ڪونہ هو. پر هاڻ اها وسندي نهايت هيبتناڪ نموني سان هيٺ ڪيرائي ويئي آهي. کيس دلاسي ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونهي، توڙي جو هوءَ دانهون ڪري چوي ٿي تہ ”اي خداوند! آءٌ مصيبت ۾ آهيان، منهنجي مدد ڪر، ڇاڪاڻ تہ دشمن مون تي غالب پئجي ويا آهن.“


انهن ماڻهن کان نيڪيءَ جا ڪم ڪرڻ وسري ويا آهن، بلڪ اهي ظلم ۽ ڦر ڪري پنهنجن محلاتن کي ڀرين ٿا.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”فلستين جي اشدود شهر جي محلاتن ۾ بلڪ مصر ملڪ جي محلاتن ۾ اهو اعلان ڪيو وڃي تہ ’اوهين اسرائيل ملڪ جي سامريہ شهر جي چوڌاري جبلن تي گڏ ٿيو. هائو، اچي ڏسو تہ سامريہ اندر ڪيڏا نہ هنگاما ۽ ظلم آهن.‘


ٻي ڳالهہ اوهين هيءَ بہ ٿا ڪريو جو قربان‌گاهہ وٽ ڏاڍو روئو رڙو ٿا ۽ آهون دانهون ٿا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي نذرانن جو لحاظ نہ ٿو ڪري ۽ نہ ئي وري هو انهن مان راضي ٿو ٿئي.


اي بني اسرائيل! تنهن کان پوءِ اوهين سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ سچار ۽ بدڪار جي وچ ۾ ۽ مون خداوند جي عبادت ڪندڙ ۽ نہ ڪندڙ جي وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي.“


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ جادوگرن، زناڪارن، ڪوڙا قسم کڻندڙن، پورهيت کي پوري مزدوري نہ ڏيندڙن، رنن‌زالن ۽ يتيمن تي ظلم ڪندڙن ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين سان ناحق ڪندڙن، انهن سڀني جو آءٌ تڪڙو فيصلو ڪندس، ڇو تہ هو اهي ڪم ڪندي مون کان ڪين ٿا ڊڄن.“


پر اهو سڀ انهيءَ لاءِ ٿي رهيو آهي تہ جيئن جيڪي ڪجھہ نبين جي معرفت پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي، سو پورو ٿئي.“ تڏهن سڀيئي شاگرد عيسيٰ کي ڇڏي ڀڄي ويا.


اوهان جي زمين جي پيداوار ۽ اوهان جي محنت جي سموري ڪمائي، هڪڙي اهڙي قوم کائي ويندي، جنهن کي اوهين سڃاڻيندا بہ ڪونہ هوندا. اوهين سدائين مظلوم ۽ دٻايل رهندا،


تڏهن هاڻي بک، اُڃ، اوگھڙ ۽ هر شيءِ جي محتاجيءَ ۾ اوهان انهن دشمنن جي تابعداري ڪندا، جيڪي خداوند اوهان تي موڪليندو. خداوند اوهان جي ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وجھي ڇڏيندو، جيستائين اوهان کي برباد نہ ڪري ڇڏي.


ڏسو، جن مزدورن اوهان جي ٻنين ۾ لابارو ڪيو، تن جي مزدوري جيڪا اوهان ناانصافي ڪري رکي ڇڏي آهي، سا رڙيون ڪري پڪاري پيئي ۽ لاباري ڪرڻ وارن جون دانهون قادرِمطلق خداوند جي ڪنن تائين وڃي پهتيون آهن.


يابين بادشاهہ کي نو سؤ لوهہ جون جنگي گھوڙي گاڏيون هيون. هن ويهن سالن تائين بني اسرائيل سان ڏاڍي سختي ڪئي، تڏهن بني اسرائيل خداوند کي مدد لاءِ پڪاريو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan