يهوداہ يوسف جي ويجھو اچي چيو تہ ”اي منهنجا آقا! پنهنجي ٻانهي کي اجازت ڏيو تہ پنهنجي آقا سان ڪا ڳالهہ ڪري ۽ اوهان جي ڪاوڙ اوهان جي ٻانهي تي ڀڙڪو نہ کائي، ڇو تہ اوهين بہ مصر جي بادشاهہ جهڙا ئي آهيو.
انهيءَ سبب جو جيڪڏهن ڇوڪر مون سان نہ هوندو تہ پوءِ آءٌ ڪهڙو منهن کڻي پنهنجي پيءُ وٽ ويندس؟ خدا نہ ڪري جو مون کي اها مصيبت ڏسڻي پوي جيڪا منهنجي پيءُ تي ايندي.“
انهيءَ سبب جو آءٌ ۽ منهنجي قوم مارجي ناس ٿي وڃڻ لاءِ تباهيءَ جي حوالي ڪيا ويا آهيون. جيڪڏهن اسان کي رڳو غلاميءَ ۾ اڇلايو وڃي ها تہ آءٌ ٻڙڪ بہ نہ ڪڇان ها ۽ اوهان کي تڪليف نہ ڏيان ها. پر اسين صفا ناس ٿيڻ تي آهيون.“
پوءِ اهي ست ڏينهن ۽ ست راتيون ايوب سان گڏ زمين تي ويٺا رهيا. پر منجھائن ڪنهن بہ ساڻس هڪڙو لفظ بہ نہ ڳالهايو، ڇاڪاڻ تہ هنن ڏٺو تہ ايوب نهايت ئي تڪليف ۾ هو.
سو اي بني اسرائيل! اوهين ڪنهن تي بہ اعتبار نہ ڪريو، توڙي جو اهو اوهان جو بهترين دوست ئي ڇو نہ هجي. اوهين هر ڳالهہ بيحد احتياط سان ڪريو، توڙي جو پنهنجي پياري زال سان ئي ڇو نہ ڳالهايو.