اليشع چيس تہ ”منهنجو روح ان وقت تو سان نہ هو ڇا جڏهن اهو ماڻهو تو سان گڏجڻ لاءِ پنهنجي گاڏيءَ تان هيٺ لٿو هو؟ هي ڪو چاندي وٺڻ، ڪپڙن وٺڻ، يا زيتون ۽ انگورن جي باغن، ڍورن ڍڳن، رڍن ٻڪرين، ٻانهن يا ٻانهين جي وٺڻ جو وقت آهي ڇا؟
تڏهن حزائيل هن جي استقبال لاءِ نڪري آيو ۽ پاڻ سان دمشق جي سڀني عمدين شين جا چاليهہ اٺ ڀري تحفي طور کڻي آيو. جڏهن هو اليشع سان مليو تڏهن کيس چيائين تہ ”تنهنجي خادم ارام جي بادشاهہ بنهدد مون کي تو ڏانهن موڪليو آهي ۽ پڇيو اٿس تہ ’آءٌ هن بيماريءَ کان ڇٽندس يا نہ؟‘“
تڏهن ملاح ڊڄي ويا ۽ پنهنجي پنهنجي معبود کي پڪارڻ لڳا. ان سان گڏ هو جهاز ۾ رکيل سامان کڻي سمنڊ ۾ اڇلائڻ لڳا تہ جيئن جهاز هلڪو ٿئي. پر يونس ان کان اڳ ئي جهاز جي هيٺئين ڀاڱي ۾ لهي ويو هو، جتي هو گھاٽيءَ ننڊ ۾ ستو پيو هو.