4 روئڻ جو وقت هجي توڙي کِلڻ جو، روڄ راڙي جو وقت هجي توڙي خوشيءَ مان نچڻ ٽپڻ جو،
4 روئڻ جي لاءِ وقت، ۽ کلڻ جي لاءِ وقت، ماتم ڪرڻ جي لاءِ وقت، ۽ نچڻ ٽپڻ لاءِ وقت؛
سارہ چيو تہ ”خدا منهنجي لاءِ کل ۽ خوشي آندي آهي. جيڪو بہ انهيءَ باري ۾ ٻڌندو سو مون سان گڏ کلندو.“
جيئن ئي خداوند جي عهد واري صندوق دائود جي شهر يروشلم ۾ آئي، تيئن ئي سائول جي ڌيءَ ميڪل دريءَ مان ٻاهر نهاريو ۽ جڏهن هن دائود بادشاهہ کي خداوند جي حضور ۾ نچندو ٽپندو ڏٺو تڏهن سندس دل ۾ هن لاءِ حقارت ٿيڻ لڳي.
هاڻ تو ئي تہ منهنجي ماتم کي خوشيءَ جي ناچ ۾ تبديل ڪيو آهي. تو ئي تہ مون تان غم جو کٿو لاهي مون کي خوشيءَ جو سندرو ٻڌايو آهي،
سندس غصو رڳو هڪ پل جو آهي، پر سندس ڪرم عمر ڀر جو آهي. رات جو شايد روئڻو پوي، پر صبح جو خوشي ملي ٿي وڃي.
تڏهن هارون جي ڀيڻ مريم جيڪا نبياڻي هئي، تنهن پنهنجي هٿ ۾ دڦ کنيو ۽ سڀ عورتون دڦ کڻي نچنديون سندس پٺيان هليون.
پٿر گڏ ڪرڻ جو وقت هجي توڙي کنڊيرڻ جو، ڀاڪر پائڻ جو وقت هجي توڙي ڌار رهڻ جو،
سک جي ڏينهن ۾ خوشيون ملهايو ۽ ڏک جي ڏينهن ۾ غور ڪري نصيحت حاصل ڪريو. خدا دنيا ۾ ڏک ۽ سک ٻئي مقرر ڪري ڇڏيا آهن، تنهنڪري ماڻهو معلوم ڪري نہ ٿا سگھن تہ مستقبل ۾ ڇا ٿيندو.
اسان جو خدا فرمائي ٿو تہ ”تسلي ڏيو، منهنجي قوم کي تسلي ڏيو.
يروشلم جي رهاڪن کي دلاسو ڏيو. هنن منجھہ اعلان ڪريو تہ سندن غلاميءَ واري مصيبت جا ڏينهن ختم ٿي ويا. هائو، مون خداوند سندن بدڪاري معاف ڪري ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سندن سڀني گناهن جي کين ٻيڻي سزا ڏيئي چڪو آهيان.“
’اسان اوهان لاءِ شرنايون وڄايون، پر اوهين نچيا ئي ڪين. اسان اوهان لاءِ پار ڪڍيا، پر اوهين رنا ئي ڪين.‘
تنهن تي عيسيٰ وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان گڏ آهي تيستائين هو ڪي غمگين رهندا ڇا؟ پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ انهن کان جدا ڪيو ويندو تہ ان وقت هو بہ روزا رکندا.
هن جي پاڙيسرين ۽ مائٽن جڏهن اهو ٻڌو تہ خداوند اليشبع تي وڏي مهرباني ڪئي آهي تہ اهي بہ ساڻس گڏجي خوشيون ڪرڻ لڳا.
خوشي ڪرڻ وارن سان گڏجي خوشي ڪريو ۽ جيڪي روئن تن سان گڏجي روئو.
حقيقت ۾ اهڙو غم جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب آهي، سو توبهہ پيدا ٿو ڪري جنهن جو نتيجو ڇوٽڪارو آهي. انهيءَ توبهہ تي ڪنهن کي پڇتائڻو نہ ٿو پوي. انهيءَ جي ابتڙ دنياوي غم موت پيدا ٿو ڪري.
افسوس ڪريو، ماتم ڪريو ۽ روئو. اوهين پنهنجو کِلڻ روئڻ پٽڻ ۾ بدلايو ۽ خوشي اداسيءَ ۾.