Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




واعظ 3:11 - Muslim Sindhi Bible

11 خدا دنيا کي ائين پيدا ڪيو آهي جو هر شيءِ پنهنجي مناسب وقت تي پوري ٿئي ٿي. انهيءَ سان گڏوگڏ هن اسان انسانن جي دلين ۾ اصل مقصد جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي خواهش پڻ پيدا ڪئي آهي. پر ان جي باوجود اسين سندس ڪمن جي جاچ شروع کان آخر تائين ڪري نہ ٿا سگھون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 هن سڀڪا شيءِ پنهنجي پنهنجي وقت تي سهڻي ڪئي آهي: ۽ هن ابديت انهن جي دل ۾ رکي آهي؛ پر اهڙيءَ طرح جو جيڪو ڪم خدا شروع کان پڇاڙيءَ تائين ڪيو آهي سو انسان سمجهي نٿو سگهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




واعظ 3:11
19 Iomraidhean Croise  

جيڪي ڪجھہ خدا ٺاهيو هو تنهن تي نظر ڪيائين ۽ ڏٺائين تہ اهو تمام چڱو آهي. سو سانجھي ٿي ۽ صبح ٿيو. اهو ڇهون ڏينهن هو.


ڇا تون خدا جي ڳجھين ڳالهين کي سمجھي ٿو سگھين؟ ڇا تون قادرِمطلق جي راز کي معلوم ڪري ٿو سگھين؟


بيشڪ قادرِمطلق جي عظمت اسان جي سوچ کان بہ مٿاهين آهي، هن جي قدرت ۽ عدالت ايتري تہ عظيم آهي، جو هو انصاف کي ڪڏهن بہ نہ ٿو بگاڙي.


بيشڪ خدا اهڙا تہ وڏا وڏا ڪم ڪري ٿو، جيڪي سمجھہ کان ٻاهر آهن، هائو، سندس عجيب ڪمن کي شمار ئي نہ ٿو ڪري سگھجي.


اي خداوند! تو پنهنجي ڏاهپ سان جيڪي شيون پيدا ڪيون آهن، سي ايتريون تہ گھڻيون آهن، جو سڄي ڌرتي تنهنجي مخلوق سان ڀرجي ويئي آهي.


خداوند هر شيءِ ڪنهن نہ ڪنهن مقصد لاءِ بڻائي آهي، بلڪ بدڪار ماڻهوءَ جي قسمت ۾ هن بربادي لکي ڇڏي آهي.


منهنجي دل ۾ شوق جاڳيو تہ هن ڌرتيءَ تي جيڪي ڪجھہ ٿي رهيو آهي، تنهن بابت پنهنجي ڏاهپ جي وسيلي جاچ‌جوچ ڪريان ۽ سمجھان. مون کي اهو سمجھہ ۾ آيو تہ خدا بني آدم لاءِ سدائين ڏکن ڀريل زندگي لکي ڇڏي آهي.


جڏهن تہ ڪو ماڻهو اهو نہ ٿو ٻڌائي سگھي تہ ڄمڻ کان اڳ ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ ڪيئن ٿو ساهہ کڻي، تڏهن هر شيءِ جي خلقيندڙ خدا جي ڪمن کي ڪو ڪيئن ٿو سمجھي سگھي!


خدا جي ڪمن تي غور ويچار ڪريو. جنهن شيءِ کي هن ڏنگو بڻايو آهي، تنهن کي ڪير سڌو ڪري ٿو سگھي؟


انهن سڀني ڳالهين کي مون ڏاهپ سان پرکيو. منهنجو ارادو هو تہ آءٌ هنن ڳالهين بابت وڌيڪ ڄاڻ رکان، پر انهن کي پرکڻ منهنجي وس کان مٿاهون هو.


تيئن ڏسو، مون رڳو اهو ئي معلوم ڪري ورتو آهي تہ خدا انسان کي معصوم ۽ ايماندار ڪري پيدا ڪيو، پر انسانن پنهنجي لاءِ تمام گھڻا مونجھارا پيدا ڪري ڇڏيا.


هائو، مون خدا جي سڀني ڪمن کي پرکيو. پوءِ مون مڃيو تہ انسان ڪيڏي بہ ڪوشش ڪري پر هو اصل حقيقت معلوم ڪري نہ ٿو سگھي تہ هن دنيا ۾ ائين ڇو ٿي رهيو آهي. ايتري قدر جو ڏاها ماڻهو بہ جيڪي سمجھڻ جي دعويٰ ڪن ٿا پر اهي بہ نہ ٿا سمجھي سگھن.


شڪر ڪرڻ کان پوءِ هن چيو تہ ”منهنجي پيءُ مون کي سڀ شيون سونپي ڇڏيون آهن. پيءُ کان سواءِ ڪوبہ پٽ کي نہ ٿو سڃاڻي، نڪي پٽ کان سواءِ پيءُ کي ڪو سڃاڻي ٿو، يا رڳو اهو جنهن تي پٽ کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.


ڪانڊيرن واري اها زمين جنهن ۾ داڻا ڪريا تنهن مثل اهي آهن جيڪي پيغام تہ ٻڌن ٿا پر هن دنيا جو فڪر ۽ دولت جو فريب پيغام کي گھُٽي ڇڏين ٿو ۽ انهن ۾ ڦر نہ ٿو جھلي.


سو جن بہ پئي ٻڌو، تن کي ڏاڍو عجب پئي لڳو ۽ چوڻ لڳا تہ ”ڪهڙي نہ سهڻي نموني سان هو هر هڪ ڪم ڪري ٿو، بلڪ هو تہ ٻوڙن کي ٻڌڻ جي ۽ گونگن کي ڳالهائڻ جي بہ طاقت ٿو ڏئي.“


جهڙيءَ طرح هنن خدا کي مڃڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح خدا بہ کين گندي سوچ ۾ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي وڃي نالائقيءَ وارا ڪم ڪن.


واہ! خدا جو رحم ڪيڏو نہ وڏو آهي! سندس ڏاهپ ۽ ڄاڻ ڪيڏي نہ اونهي آهي! سندس فيصلا سمجھہ کان بلڪل ٻاهر آهن ۽ سندس منصوبن جو پتو ئي پئجي نہ ٿو سگھي!


اهو ئي اسان جو محافظ آهي، سندس هر ڪم بلڪل ڪامل آهي، هن جون سموريون راهون انصاف تي اڏيل آهن، هو ئي سچو خدا آهي ۽ هر برائيءَ کان بلڪل پاڪ آهي، اهو ئي عادل آهي ۽ اهو ئي سچار آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan