Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




واعظ 2:9 - Muslim Sindhi Bible

9-10 جيڪي ماڻهو انهيءَ وقت يا انهيءَ کان اڳ يروشلم ۾ رهندا هئا، تن سڀني کان آءٌ عظمت ۽ دولت ۾ وڌي ويس. مون جيڪي چاهيو سو حاصل ڪيو ۽ اهو ئي ڪجھہ پئي ڪيم جنهن سان منهنجي دل کي خوشي حاصل پئي ٿي. منهنجي دل منهنجي انهيءَ سڄي محنت جي ڪري بيحد خوش هئي ۽ اها خوشي منهنجو انعام هو. تنهن هوندي بہ انهيءَ وقت دوران مون ڏاهپ واري جاچ کي ڇڏي ڪونہ ڏنو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 انهي طرح آءٌ وڏو هوس، ۽ يروشلم ۾ مون کان اڳي جيڪي ٿي گذريا هئا تن سڀني کان آءٌ وڌي ويس: ۽ منهنجي ڏاهپ بہ مون ۾ قائم رهندي آئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




واعظ 2:9
8 Iomraidhean Croise  

بادشاهہ سليمان دنيا جي سڀني بادشاهن کان وڌيڪ دولتمند ۽ داناءُ هو.


پر جيستائين آءٌ پاڻ نہ آيس ۽ سڀ ڪجھہ پنهنجين اکين سان نہ ڏٺم تيستائين انهن ڳالهين تي اعتبار نہ ٿي آيم. مون کي تہ اڌ بہ نہ ٻڌايو ويو هو. تنهنجي سياڻپ ۽ اقبالمندي انهيءَ ناموس کان وڌيڪ آهي جيڪا مون ٻڌي هئي.


تنهنڪري ڏس، جيئن تو چيو آهي تيئن ئي آءٌ ڪريان ٿو. آءٌ تو کي عقل ۽ سمجھہ واري اهڙي دل ڏيان ٿو جيڪا ڪنهن ٻئي کي نہ تو کان اڳ ۾ ملي هئي ۽ نہ وري تو کان پوءِ ڪنهن کي ملندي.


خداوند سڄي بني اسرائيل جي نگاهہ ۾ سليمان جو مان مٿاهون ڪيو ۽ کيس اهڙي شاهاڻي حشمت بخشيائين، جهڙي کانئس اڳي بني اسرائيل ۾ ڪنهن بہ بادشاهہ کي نصيب نہ ٿي هئي.


سليمان ولد دائود جا هٿ بادشاهت تي مضبوط ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ خداوند سندس خدا ساڻس گڏ هو، جنهن سندس مان مٿاهون ڪيو.


مون پنهنجيءَ دل ۾ سوچيو تہ ”ڏس، يروشلم ۾ جيڪي مون کان اڳ حڪمران ٿي گذريا آهن، تن سڀني کان وڌيڪ ڏاهپ مون حاصل ڪئي آهي. هائو، عقل ۽ ڄاڻ جو مون وڏو مطالعو ڪيو آهي.“


جڏهن ڪنهن وٽ مال جي گھڻائي ٿئي ٿي، تڏهن انهيءَ کي کائڻ وارا بہ گھڻا ئي ٿي وڃن ٿا. پوءِ انهيءَ ملڪيت جي مالڪ کي سواءِ اکين جي ڍءَ جي ٻيو ڪهڙو فائدو حاصل ٿئي ٿو؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan