Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




واعظ 12:1 - Muslim Sindhi Bible

1 انهيءَ کان اڳ جو اوهان تي ڏکيو وقت اچي پوي ۽ موت جا ڏينهن ويجھا اچي وڃن، اوهين جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ئي پنهنجي خالق کي ياد ڪندا رهو. پوءِ اوهين ائين نہ چوندا تہ ”هاڻي اسان لاءِ ڪابہ خوشي نہ رهي آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 پنهنجي جواني جي ڏينهن ۾ پنهنجي خالق کي ياد ڪر، نہ تہ جڏهن خراب ڏينهن ايندا، ۽ ورهيہ ويجها اچي پوندا، تڏهن تون چوندين تہ انهن مان مون کي ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




واعظ 12:1
40 Iomraidhean Croise  

سو هو پنهنجي مصري مالڪ جي گھر ۾ رهڻ لڳو. جيئن تہ خداوند يوسف سان هو تنهنڪري هو خوشحال ٿيندو ويو.


جيڪو ڪم هن جي هٿ هيٺ هو تنهن تي جيلر نظرداري ڪونہ ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ خداوند يوسف سان هو ۽ يوسف کي هر ڪنهن ڪم ۾ ڪاميابي عطا ٿي ڪيائين.


اڄ آءٌ اسي سالن جو آهيان. ڇا آءٌ چڱي ۽ بڇڙي جي وچ ۾ تميز ڪري سگھان ٿو؟ ڇا اوهان جي هن ٻانهي کي کائڻ يا پيئڻ مان ڪو مزو اچي سگھي ٿو؟ ڇا آءٌ ڪو هاڻي ڳائيندڙ مردن ۽ عورتن جو آواز ٻڌي سگھان ٿو؟ تہ پوءِ ڇو اوهان جو ٻانهو پنهنجي آقا بادشاهہ تي بار ٿي پوي؟


اوهان جو ٻانهو بادشاهہ سان گڏ اردن درياءُ پار ڪري رڳو ٿوري پنڌ تائين هلندو، پوءِ انهيءَ جي عيوض ۾ بادشاهہ مون کي ڇو اهڙو انعام عطا ڪري؟


اسرائيل جا سڀ ماڻهو انهيءَ لاءِ روئندا ۽ سوڳ ڪندا ۽ کيس دفن ڪندا. يربعام جي گھراڻي مان اهو ئي هڪڙو قبر ۾ پوريو ويندو، ڇاڪاڻ تہ يربعام جي گھراڻي منجھان خداوند، بني اسرائيل جي خدا، انهيءَ ۾ ئي ڪا چڱي ڳالهہ ڏٺي آهي.


هاڻ جڏهن آءٌ اوهان وٽان هليو ويندس تڏهن خبر ناهي تہ خداوند جو روح اوهان کي ڪيڏانهن کڻي وڃي. جيڪڏهن آءٌ اخي‌اب کي وڃي ٻڌايان ۽ هو اوهان کي لهي نہ سگھي تہ پوءِ هو مون کي مارائي ڇڏيندو. پر آءٌ اوهان جو خادم ننڍي هوندي کان خداپرست رهيو آهيان.


مون نظرداري ڪندي ڏٺو تہ ماڻهو پريشان آهن. سو مون اميرن، اڳواڻن ۽ باقي ٻي خلق کي چيو تہ ”دشمنن کان نہ ڊڄو. ڌڻيءَ کي ياد ڪريو جيڪو عظيم ۽ هيبت وارو آهي ۽ پنهنجن ڀائرن، پنهنجن پٽن، پنهنجين ڌيئرن، پنهنجين زالن ۽ پنهنجن گھرن لاءِ وڙهو.“


اهڙن ماڻهن مان مون کي ڪهڙو فائدو ٿي رسي سگھيو؟ جڏهن تہ اهي ٿڪي ٽٽي ڪمزور ٿي ويا هئا.


اي خداوند! رات جي اونداهين ۾ بہ آءٌ تو کي ئي ياد ڪريان ٿو، بلڪ تنهنجي شريعت تي هر دم عمل ڪندو رهان ٿو.


اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ويجھو اچي منهنجي ڳالهہ ٻڌو، اچو تہ آءٌ اوهان کي خداوند جو خوف رکڻ سيکاريان.


آءٌ جڏهن بہ هنڌ تي سمهندس، تو کي ياد ڪندس. رات جي هر ڪنهن پهر ۾ تون ئي منهنجي سوچن ۾ هوندين،


اسان جي عمر وڌ ۾ وڌ ستر سال ٿئي ٿي، يا وري جيڪڏهن ڪو تندرست آهي تہ پوءِ اسي سال، جڏهن تہ اها بہ گھڻو ڪري مشڪلاتن ۽ ڏکن ۾ گذري وڃي ٿي. پوءِ اها حياتي بہ جلد گذريو وڃي ۽ اسين ختم ٿيو وڃون.


ننڍپڻ کان ئي سڌي رستي تي هلڻ سيکاريو وڃي، تہ اهي پوڙهائپ ۾ بہ انهيءَ رستي کان نہ ڦرندا.


جيڪي مون سان محبت ٿا رکن، تن سان آءٌ بہ محبت رکان ٿي. جيڪي دل سان منهنجي ڳولا ٿا ڪن، سي ئي مون کي حاصل ڪن ٿا.


نوجوانيءَ توڙي ڦوهہ جوانيءَ ۾ ڏک ۽ پريشانيون اچي سگھن ٿيون. تن جي ڪري اوهين منجھي نہ پئو، ڇاڪاڻ تہ زندگيءَ جو راز سمجھہ کان مٿاهون آهي.


پر جيڪڏهن اوهين پنهنجي دولت جي حفاظت لاءِ ان کي ڪيترن ئي هنڌن تي لڪائي ڇڏيو، تہ بہ اوهين نٿا ڄاڻو تہ ملڪ تي ڪهڙي وقت اچي ڪا آفت ڪڙڪندي ۽ سڀ ڪجھہ برباد ڪري ڇڏيندي.


سو جيترن سالن تائين اوهين جيئرا رهو تہ خوشيون ملهائيندا رهو. پر ياد ڪجو تہ ڪڏهن نہ ڪڏهن موت جي اونداهي بہ اچڻي آهي جيڪا هن دنيا ۾ رهڻ جي مقابلي ۾ ڊگھي عرصي تائين هلندي. اهو سڀ ڪجھہ جيڪو مستقبل ۾ آهي سو بہ هڪ راز آهي.


اي خداوند! اسين بہ تنهنجي ئي فيصلن مطابق هلون ٿا، ۽ تو ۾ ئي اميد رکون ٿا. تنهنجو نالو ۽ تنهنجي ياد ئي اسان جي تمنا آهي.


بلڪ انسان لاءِ اها ڳالهہ بهتر آهي، جو هو پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ئي صبر ڪرڻ سکي.


هاڻ خدا انهن چئني نوجوانن کي هر قسم جي علم وَ ادب ۾ مهارت ۽ ڏاهپ عطا ڪئي. هن دانيال کي سڀني رويائن ۽ خوابن جي سمجھہ پڻ عطا ڪئي.


هنن کي ڪو ڌيان ڪونهي، جو سندن دولت ڌاريا ڦٻائي ويا آهن، هو سندن مٿي ۾ اڇا وار هئڻ مثل، ڪمزور ٿيندا پيا وڃن، پر کين اها خبر ئي ڪانهي.


خداوند جي حضور ۾ هو عظيم هوندو. هو نہ مئي پيئندو ۽ نڪو شراب واپرائيندو. هو ماءُ جي پيٽان ئي پاڪ روح سان ڀريل هوندو.


تنهن تي عيسيٰ شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”ٻارن کي نہ جھليو. انهن کي مون وٽ اچڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي اهڙن جي ئي آهي.


اي پيئرؤ! اوهين پنهنجن ٻارن کي چڙ ڏياري ڪاوڙايو نہ، بلڪ کين اهڙي تربيت ۽ نصيحت ڏيئي سندن پالنا ڪريو جيڪا خداوند عيسيٰ کي پسند هجي.


پر ياد رکو، تہ اهو خداوند اوهان جو خدا ئي آهي، جيڪو اوهان کي دولت حاصل ڪرڻ جي طاقت عطا ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح هو پنهنجي انهيءَ عهد کي پورو ڪري ٿو، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


۽ ننڍپڻ کان وٺي خدا جي انهن پاڪ لکتن کان بہ واقف آهين، جيڪي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ تو کي دانائي بخشي سگھن ٿيون.


تنهنڪري آءٌ هن کي خداوند جي لاءِ وقف ٿي ڪريان. هن کي سندس سڄي حياتيءَ لاءِ خداوند کي ٿي ڏيان.“ پوءِ هوءَ سموئيل کي اتي خداوند جي حضور ۾ ڇڏي هلي ويئي.


پر خداوند سموئيل کي چيو تہ ”هن جي چهري يا قد جي اوچائيءَ تي نظر نہ ڪر. آءٌ هن کي لائق نہ ٿو سمجھان، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند انسان وانگر نہ ڏسندو آهيان. انسان ظاهري صورت کي ٿو ڏسي پر آءٌ خداوند دل تي نظر ٿو ڪريان.“


انهن ڏينهن ۾ سموئيل جيڪو اڃا ٻار هو، سو سڻيءَ جي ڪپڙي جو مذهبي وڳو پهري خداوند جي خدمت ڪندو هو.


هوڏانهن سموئيل ڇوڪرو وڌندو رهيو. خداوند توڙي انسان ٻئي کيس پسند ڪندا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan