6 جو بيعقلن کي اعليٰ رتبو عطا ڪيو ٿو وڃي، جڏهن تہ وڏن وڏن اميرن کي خوار خراب ڪيو ٿو وڃي.
6 بي عقلي وڏي درجي ۾ رکي ٿي وڃي، ۽ دولتمند هيٺائين جاءِ تي ويهن ٿا.
ڪجھہ وقت کان پوءِ شهنشاهہ اخسويرس هامان اجاجي ولد همداتا کي ترقي ڏيئي کيس سرفراز ڪيو ۽ پنهنجي سڀني اميرن کان مٿاهون درجو ڏنائينس.
جڏهن هامان ڏٺو تہ مردڪئي سندس اڳيان جھڪي سندس تعظيم نہ ٿو ڪري تڏهن هو اچي ڏاڍو ڪاوڙيو.
جيڪڏهن بيوقوف کي سکي زندگي گذارڻ نہ ٿي سونهين، تہ ڇا ڪنهن غلام کي بادشاهہ جي جاءِ تي حڪمراني ڪرڻ سونهين ٿي؟
جڏهن ايماندار ماڻهو فتحياب ٿين ٿا، تڏهن قوم جي شان وَ شوڪت وڌي ٿي. مگر جڏهن بدڪار ماڻهو حڪمران ٿين ٿا، تڏهن ماڻهو پاڻ کي لڪائيندا ٿا وتن.
جڏهن بدڪار ماڻهو حڪمران ٿين ٿا، تڏهن ماڻهو پاڻ کي لڪائيندا ٿا وتن. مگر جڏهن بدڪارن کان سچار حڪمراني کسي ٿا وٺن، تڏهن سچار ماڻهن ۾ واڌارو اچيو وڃي.
جڏهن سچار قوم تي حڪمراني ٿا ڪن، تڏهن هر ڪو خوشيون ٿو ملهائي. مگر جڏهن ڪو بدڪار ماڻهو حاڪم ٿو ٿئي، تڏهن هر ڪو آهون ٿو ڀري.
هن دنيا ۾ هڪڙي ٻي ناانصافي مون ڏٺي، ۽ اها اهڙي غلطي آهي جيڪا حڪمرانن کان ٿئي ٿي،