Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




واعظ 10:16 - Muslim Sindhi Bible

16 اها قوم ڪيڏي نہ مصيبت ۾ آهي، جنهن جو حڪمران غلاميءَ مان بادشاهہ بڻيو هجي! ۽ جنهن جا اڳواڻ سڄو ڏينهن پيا کائيندا پيئندا وتن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 اي ملڪ افسوس آهي تنهنجي حال تي، جڏهن تنهنجو بادشاهہ هڪڙو ٻار آهي، ۽ تنهنجا امير صبح جو کائين ٿا!

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




واعظ 10:16
16 Iomraidhean Croise  

سو منهنجي پيءُ اوهان تي جيڪا ڳري پاڃاري رکي هئي، آءٌ انهيءَ کي اڃا بہ وڌيڪ ڳرو ڪندس. منهنجو پيءُ اوهان کي چهبڪن سان سزا ڏيندو هو، پر آءٌ اوهان کي ڪوڙن سان سزا ڏيندس.‘“


ڪي لُچا لُفنگا ماڻهو هن جي چوڌاري اچي گڏ ٿيا آهن ۽ رحبعام ولد سليمان جي مخالفت شروع ڪئي اٿائون، جڏهن تہ هو اڃا ننڍو ۽ فيصلي ڪرڻ ۾ پختو ڪين هو ۽ نہ وري انهن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ايتري سگھہ هئس.


صدقياہ کي جڏهن بادشاهہ بڻايو ويو، تڏهن سندس عمر ايڪيهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل يارهن سال بادشاهي ڪئي.


يهوآخز جڏهن بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر ٽيويهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي ٽي مهينا بادشاهي ڪئي.


جڏهن يهويقيم کي يهوداہ جو بادشاهہ بڻايو ويو، تڏهن سندس عمر پنجويهہ سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي اٽڪل يارهن سال بادشاهي ڪئي. هن اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند سندس خدا جي نظر ۾ برا هئا.


يهوياڪين جڏهن بادشاهہ بڻيو تڏهن سندس عمر ارڙهن سال هئي. هن يروشلم ۾ رهي ٽي مهينا ڏهہ ڏينهن بادشاهي ڪئي. هن اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا.


بي‌عقل حڪمران ناجائزي ڪري وڏو ظلم ٿو ڪري. مگر جيڪو ناجائز ڪمائيءَ کان نفرت ٿو ڪري، سو ڊگھي ڄمار ماڻي ٿو.


بي‌عقل ماڻهو اجائي محنت ڪندي ڪندي ٿڪجي ٿا پون، ايتري تائين جو هو پنهنجي گھر جو رستو بہ ڀلجي ٿا وڃن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! تنهنجا رهبر ئي تو کي گمراهہ ٿا ڪن، ۽ تنهنجيون راهون بگاڙيو ٿا ڇڏين. اهي بي‌سمجھہ ٻارن جيان تو تي ظلم ڪن ٿا، ۽ نادان عورتن جيان تو تي حڪمراني ٿا ڪن.“


”اي دائود جا گھراڻا! مون خداوند جو حڪم آهي تہ هر روز انصاف ڪريو. جنهن تي ظلم ٿئي تنهن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو، نہ تہ منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر ڀڙڪي اٿندي ۽ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري اهڙي ٻرڻ لڳندي جو ڪوبہ انهيءَ کي وسائي نہ سگھندو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan