Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




واعظ 10:11 - Muslim Sindhi Bible

11 جيڪڏهن نانگ مدو مقرر ڪرڻ کان اڳ ۾ جوڳيءَ کي ڏنگي ٿو وجھي، تہ پوءِ انهيءَ جوڳيءَ کي مدو مقرر ڪرڻ مان ڪوبہ فائدو نہ پهچندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 جيڪڏهن منڊ لڳڻ کان اڳي نانگ ڏنگيندو تہ پوءِ مانڊيءَ مان ڪوبہ فائدو نہ پهچندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




واعظ 10:11
9 Iomraidhean Croise  

تنهنجي زبان بڇڙائيءَ جا منصوبا پيئي جوڙي. اها پاڪيءَ جيان تکي آهي ۽ دغابازيءَ سان پيئي هلي.


اي خدا! تون انهن وحشي بگھڙن جي وات منجھہ ئي انهن جا ڏند ڀڃي ڇڏ. هائو، اي خداوند! تون انهن جون ڏاٺون ڀڃي ڀورا ڀورا ڪر.


اهي پنهنجيون زبانون تلوار جهڙيون تکيون ٿا ڪن، بلڪ سخت لفظن جا تير هڻڻ لاءِ پنهنجا تيرڪمان ڇڪين ٿا،


حياتي ۽ موت انسان جي زبان جي وس ۾ آهن، سو انسان جيڪي ڪجھہ ڳالهائي ٿو، تنهن جا نتيجا کيس ئي ڀوڳڻا پون ٿا.


جيڪڏهن ڪهاڙو مڏو آهي، ۽ انهيءَ کي لائي تکو نہ ٿو ڪيو وڃي، تہ انهيءَ سان محنت وڌيڪ ڪرڻي پوي ٿي. پر جيڪڏهن ڪو ڏاهو ماڻهو آهي، تہ اهو ڄاڻي ٿو تہ کيس ڇا ڪرڻ گھرجي.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”خبردار ٿجو، آءٌ اوهان منجھہ اهڙا زهريلا نانگ موڪليندس، جن تي ڪو منتر اثر نہ ڪندو، ۽ اُهي اوهان کي ڏنگي وجھندا.“


زبان بہ هڪ چڻنگ وانگر آهي. اها زبان اسان جي عضون منجھہ ائين بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي جيئن دنيا بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي. اها ئي زبان اسان جي سڄي بدن کي خراب ٿي ڪري ۽ اسان جي زندگيءَ جي سڄي چرخي کي باهہ ٿي لڳائي. اها باهہ ان کي دوزخ جي باهہ مان ملي ٿي.


پر زبان کي ڪنهن بہ ماڻهوءَ وس ۾ نہ آندو آهي. اها هڪ اهڙي بلا آهي جيڪا روڪڻ جي ئي ڪونهي. اها موتمار زهر سان ڀريل آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan