Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




واعظ 1:8 - Muslim Sindhi Bible

8 سڀ شيون لڳاتار ساڳيو ئي ڪم ڪنديون رهنديون آهن. انسان ڳالهائڻ سان انهن بابت سمجھاڻي نہ ٿو ڏيئي سگھي، ۽ ڏسڻ سان هو انهن جو مطلب نہ ٿو سمجھي سگھي، نڪي ٻڌڻ سان مطمئن ٿي ٿو سگھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 سڀ شيون ماندائيءَ سان ڀريل آهن؛ ماڻهو اهو ظاهر ڪري نٿو سگهي: اک ڏسڻ سان ڍاول نہ آهي، ۽ ڪن ٻُڌڻ سان ڍاول نہ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




واعظ 1:8
16 Iomraidhean Croise  

آءٌ مُرڪندڙ چپن سان تنهنجي واکاڻ پيو ڪندس، ائين آءٌ ڄڻ سڻڀا سڻڀا طعام کائي ڍءُ ڪندس.


جيئن قبر ۽ پاتال ڪڏهن بہ ڍاپجڻ جا ناهن، تيئن ئي ماڻهو پنهنجي خواهشين مان ڪڏهن بہ نہ ٿو ڍاپجي.


سڀيئي نديون سمنڊ ۾ وهنديون رهن ٿيون، انهيءَ هوندي بہ سمنڊ ڀرجي ئي نہ ٿو، ڇاڪاڻ تہ اهو پاڻي موٽي وري ندين جي شروعات واري جاءِ تي پهچي ٿو، جتان اهو ٻيهر وهي ٿو هلي.


پوءِ پنهنجي هٿن جي پورهئي سميت مون پنهنجي ڪيل سڀني ڪمن تي غور ويچار ڪيو. تڏهن ڇا ڏٺم تہ ائين ڪرڻ سان بہ زندگيءَ جي راز کي نہ ٿو سمجھي سگھجي. اهو ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ. هائو، هن دنيا ۾ ڪنهن بہ ڪم يا تجربي ڪرڻ سان زندگيءَ جو اصل مقصد حاصل ٿي نہ ٿو سگھي.


هائو، خدا جنهن ماڻهوءَ مان راضي ٿو رهي، تنهن کي ئي هو ڏاهپ، علم ۽ خوشي عطا ڪري ٿو. پر جيڪو ماڻهو گنهگار آهي، تنهن کان هو سخت محنت ۽ مشقت ٿو ڪرائي. پوءِ اهو ماڻهو جيڪي بہ ميڙي گڏ ڪري ٿو سو سڀ خدا انهيءَ جي حوالي ڪري ٿو جنهن تي هو راضي ٿئي ٿو. بس، انهيءَ ۾ بہ زندگيءَ جو راز آهي ۽ انهيءَ کي سمجھڻ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.


مثال طور ڪنهن ماڻهوءَ کي نہ اولاد آهي ۽ نہ وري ڪو ڀاءُڀيڻ اٿس، بلڪل اڪيلو ئي آهي. تنهن هوندي بہ اهو هميشہ سخت پورهيو ڪندو ٿو رهي پر دولت مان ڍاپجي نہ ٿو. ڀلا اهو ڪنهن جي لاءِ هيتري ساري محنت ٿو ڪري ۽ پنهنجي جيءَ کي جنجال ۾ ٿو وجھي؟ اهڙي تڪليف واري زندگي گذارڻ بہ سمجھہ کان مٿاهين آهي.


جيتوڻيڪ انسان سڄي محنت پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ ٿو ڪري، تنهن هوندي بہ انهيءَ جو پيٽ نہ ٿو ڀرجي.


اوهان پنهنجي محنت جي ڪمائيءَ مان گھڻو ڪجھہ حاصل ڪرڻ جي اميد رکي پر اوهان کي مليو ٿورو. اوهان اها ڪمائي پنهنجي گھر تہ آندي، پر مون ڦوڪ ڏيئي اها سڀ اڏائي ڇڏي. مون خداوند ائين ڇو ڪيو؟ مون ائين انهيءَ لاءِ ڪيو جو منهنجي هيڪل ويران لڳي پيئي آهي، جڏهن تہ اوهان مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي گھر جي ڪم ۾ مصروف آهي ۽ منهنجي گھر ڏانهن ڌيان نہ ٿا ڏيو.


اي اوهين سڀ جيڪي ڳرا بار کڻي ٿڪجي پيا آهيو! مون وٽ اچو، آءٌ اوهان کي آرام ڏيندس.


سڀاڳا آهن اهي جيڪي سچائيءَ جا بکايل ۽ اڃايل آهن، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي چڱيءَ طرح ڍءُ ڪرائيندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan