4 هڪڙي پيڙهي وڃي ٿي ۽ ٻي پيڙهي اچي ٿي، پر دنيا هميشہ ساڳيءَ ئي طرح قائم رهندي پيئي اچي.
4 هڪڙي پيڙهي وڃي ٿي، ۽ ٻي پيڙهي اچي ٿي؛ ۽ زمين هميشہ قائم هلي ٿي اچي.
يعقوب فرعون کي جواب ڏنو تہ ”منهنجي زندگيءَ جي سفر جا ڏينهن هڪ سؤ ٽيهہ سال آهن. منهنجي زندگيءَ جا ڏينهن ٿورا ۽ ڏکيا گذريا آهن. جيترا ڏينهن منهنجي ابن ڏاڏن زندگيءَ جي سفر ۾ گذاريا اوترا اڃا منهنجا ڪين ٿيا آهن.“
تو ڌرتيءَ کي سندس بنيادن تي قائم ڪيو آهي، تانتہ انهيءَ کي ڪڏهن بہ ڪو لوڏو نہ اچي.
جن جو خداوند تي ڀروسو آهي سي صيئون جبل جيان آهن، جنهن کي ڪو لوڏو نہ ٿو اچي ۽ جيڪو هميشہ لاءِ قائم آهي.
بيشڪ زندگيءَ جي معنيٰ سمجھہ کان مٿاهين آهي، اها پاڇي وانگر جلدي وهامي وڃي ٿي. ڪير ٿو ڄاڻي تہ سندس لاءِ ڪهڙي ڳالهہ چڱي آهي يا ڪهڙي خراب؟ ڪنهن کي خبر آهي تہ مستقبل ۾ ڇا ٿيندو؟
اوهان جا ابا ڏاڏا ۽ اهي نبي ڇا هاڻي تائين جيئرا آهن؟
زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“
سڀ کان پڇاڙيءَ ۾ اها عورت بہ مري ويئي.