واعظ 1:13 - Muslim Sindhi Bible13 منهنجي دل ۾ شوق جاڳيو تہ هن ڌرتيءَ تي جيڪي ڪجھہ ٿي رهيو آهي، تنهن بابت پنهنجي ڏاهپ جي وسيلي جاچجوچ ڪريان ۽ سمجھان. مون کي اهو سمجھہ ۾ آيو تہ خدا بني آدم لاءِ سدائين ڏکن ڀريل زندگي لکي ڇڏي آهي. Faic an caibideilSindhi Bible13 ۽ منهنجي دل ۾ شوق جاڳيو تہ آسمان هيٺ جيڪي ڪيو ويو آهي، تنهن سڀ جي نسبت ۾ ڏاهپ جي وسيلي ڳولا ۽ جاچ ڪريان: اها هڪڙي سخت تڪليف آهي جا خدا انسان کي ڏني آهي تہ انهي ڳالهہ جو خيال ڪن. Faic an caibideil |
هائو، خدا جنهن ماڻهوءَ مان راضي ٿو رهي، تنهن کي ئي هو ڏاهپ، علم ۽ خوشي عطا ڪري ٿو. پر جيڪو ماڻهو گنهگار آهي، تنهن کان هو سخت محنت ۽ مشقت ٿو ڪرائي. پوءِ اهو ماڻهو جيڪي بہ ميڙي گڏ ڪري ٿو سو سڀ خدا انهيءَ جي حوالي ڪري ٿو جنهن تي هو راضي ٿئي ٿو. بس، انهيءَ ۾ بہ زندگيءَ جو راز آهي ۽ انهيءَ کي سمجھڻ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.