Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




دانيال 8:5 - Muslim Sindhi Bible

5 اڃا مون انهيءَ تي ويچار ئي پئي ڪيو تہ ڇا ڏسان تہ هڪڙو ٻڪر جنهن جي اکين جي وچ تي هڪڙو ڊگھو سڱ هو، سو اولهہ طرف کان سڄي ڌرتيءَ جي سطح تان ايترو تہ تيزيءَ سان ڌوڪيندو ٿي آيو، جو سندس پيرن زمين کي بہ نہ ٿي ڇهيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ اڃا مون ويچار پي ڪيو، تہ ڏسان تہ هڪڙو ٻڪر اُلهندي کان سڄي زمين جي سطح تان هليو ٿي آيو، ۽ زمين کي نہ ٿي ڇهيائين، ۽ انهي ٻڪر کي سندس اکين جي وچ ۾ هڪڙو حيرت جهڙو سڱ هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




دانيال 8:5
7 Iomraidhean Croise  

پوءِ هڪڙو زبردست شهنشاهہ اُٿي کڙو ٿيندو، جيڪو گھڻين ئي بادشاهتن تي حڪومت ڪندو ۽ جيئن وڻندس تيئن ڪندو.


انهيءَ مورتيءَ جو مٿو نج سون جو هو، انهيءَ جو سينو ۽ ٻانهون چانديءَ جون هيون ۽ انهيءَ جو پيٽ ۽ رانون پتل جون هيون.


توهان کان پوءِ هڪڙي ٻي شهنشاهت چانديءَ مثل ٺهندي، جيڪا توهان جي شهنشاهت کان ڪمتر هوندي. انهيءَ کان پوءِ ٽين شهنشاهت پتل مثل ٿيندي، جيڪا سڄي ڌرتيءَ تي حڪومت ڪندي.


تنهن کان پوءِ مون ٽيون جانور ڏٺو، جيڪو چيتي جهڙو هو. پر انهيءَ جي پٺيءَ تي پکيءَ جي پرن جهڙا چار پر هئا ۽ کيس چار مٿا پڻ هئا. انهيءَ کي حڪمراني ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو.


جڏهن تہ ٻڪر مان مراد يونان جي شهنشاهت آهي ۽ وڏو سڱ جيڪو هن جي ٻنهي اکين جي وچ ۾ آهي، سو شهنشاهت جو پهريون بادشاهہ آهي.


هو پنهنجي طاقت جي جوش مان واهہ جي ڪناري تي بيٺل انهيءَ ٻن سڱن واري گھٽي تي حملي ڪرڻ لاءِ ڌوڪيندو آيو.


پوءِ اهو ٻڪر پنهنجي طاقت جو وڌيڪ اظهار ڪندو رهيو، پر جڏهن هو تمام زورآور ٿي ويو، تڏهن سندس وڏو سڱ ڀڄي پيو ۽ انهيءَ جي جاءِ تي چار ڊگھا سڱ چئني طرفن ڏانهن نڪري آيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan