Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




دانيال 8:3 - Muslim Sindhi Bible

3 اکيون کڻي ڏٺم تہ واهہ وٽ هڪڙو گھٽو بيٺو هو، جنهن کي ٻہ سڱ هئا. هونئن تہ سندس ٻئي سڱ ڊگھا هئا، پر پوءِ نڪتل سڱ ٻئي کان وڌيڪ ڊگھو ٿي ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 تڏهن مون مٿي نهاريو، ۽ ڏسان تہ نديءَ جي اڳيان هڪڙو گهٽو بيٺو آهي جنهن کي ٻہ سڱ آهن: ۽ اُهي ٻہ سڱ وڏا هئا؛ پر هڪڙو ٻئي کان وڏو هو، ۽ جيڪو وڌيڪ وڏو هو سو پڇاڙيءَ ۾ آيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




دانيال 8:3
25 Iomraidhean Croise  

دائود مٿي نهاري ڏٺو تہ خداوند جو ملائڪ زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ اگھاڙي تلوار يروشلم جي مٿان جھليو بيٺو آهي. تڏهن دائود ۽ اڳواڻ، جن کي کٿا ڍڪيل هئا، تن زمين تي سر رکي سجدو ڪيو.


”آءٌ شهنشاهہ خورس چوان ٿو تہ خداوند، عرش عظيم جي خدا دنيا جون سڀ بادشاهتون منهنجي هٿ هيٺ ڪيون آهن. هن مون کي حڪم ڏنو آهي تہ يهوداہ ملڪ واري شهر يروشلم ۾ سندس لاءِ هڪڙو گھر تعمير ڪرايان.


هنن سرڪاري عملدارن کي رشوتون ڏيئي سندن خلاف ڪيو. فارس جي بادشاهہ خورس جي ڏينهن کان وٺي فارس جي بادشاهہ دارا جي ڏينهن تائين هو ائين ڪندا رهيا.


پنهنجي شاهيءَ جي ٽئين سال، هن پنهنجي سڀني اميرن ۽ وزيرن جي دعوت ڪئي. ان دعوت ۾ فارس ۽ مادئي ملڪن جا فوجي سالار، صوبن جا گورنر ۽ امير امراءَ شريڪ ٿيا هئا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ مادئي قوم وارن کي بابلين تي چاڙهي آڻيندس، جن کي نہ چانديءَ ۽ نہ وري سون جي لالچ ئي، ڪو چڙهائي ڪرڻ کان روڪي سگھندي.


هائو، مون کي ڪيڏي نہ هيبتناڪ رويا ڏيکاري ويئي، جنهن ۾ دغاباز دغابازي ٿا ڪن ۽ برباد ڪندڙ بربادي ٿا آڻين. انهيءَ رويا ۾ خداوند فرمايو ٿي تہ ”اي عيلام جا لشڪر! بابل وارن تي ڪاهہ ڪر، اي مادئيءَ جا لشڪر! سندن شهرن جو گھيرو ڪر. آءٌ خداوند بابل وارن جا ظلم ختم ٿو ڪريان، تان‌تہ مظلومن جون آهون ۽ دانهون بند ٿي وڃن.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”مون خورس کي حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي تہ اهو منهنجي پاران دنيا تي حڪمراني ڪندو. هو منهنجي سموري مرضي پوري ڪندي يروشلم شهر کي وري اڏائيندو، ۽ هيڪل جا بنياد رکائيندو.“


خداوند مادئين جي بادشاهن کي اُڀاريو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي بابل کي ناس ڪري ڇڏين. ائين خداوند پنهنجي هيڪل جي برباديءَ جو بدلو وٺندو. سو انهن جا سپهہ‌سالار پنهنجي لشڪر کي حڪم ٿا ڏين تہ ”تير تکا ڪريو، ڍالون کڻي سوگھيون ڪريو.


تڏهن مون اکيون کڻي نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ سنهي وٽيل سڻيءَ جا ڪپڙا پاتل هڪڙي هستي بيٺي آهي، جنهن جي چيلهہ سان نج سون جو ڪمربند ٻڌل هو.


توهان کان پوءِ هڪڙي ٻي شهنشاهت چانديءَ مثل ٺهندي، جيڪا توهان جي شهنشاهت کان ڪمتر هوندي. انهيءَ کان پوءِ ٽين شهنشاهت پتل مثل ٿيندي، جيڪا سڄي ڌرتيءَ تي حڪومت ڪندي.


تڏهن دارا مادئيءَ کي بادشاهت ملي ويئي، جنهن جي عمر ٻاهٺ سال هئي.


اهڙيءَ طرح نہ رڳو دارا جي بادشاهت دوران، بلڪ خورس فارسيءَ جي بادشاهت دوران پڻ ڪاميابي دانيال جا قدم چمندي رهي.


ٻيو جانور ڏٺم تہ رڇ جهڙو هو، جيڪو پوين پيرن ڀر جھڪي ڪر کنيو بيٺو هو. سندس وات ۾ ٽي پاسريون هيون. کيس چيو ويو تہ ”اُٿ ۽ خوب گوشت کاءُ.“


هن رويا ۾ مون پاڻ کي بابل جي عيلام صوبي جي گاديءَ ۽ ڪوٽ واري شهر سوسن جي ڀرسان اُولائي واهہ وٽ بيٺل ڏٺو.


رويا ۾ ڏٺل گھيٽي جي ٻن سڱن مان مراد مادئي ۽ فارس ملڪن جا ٻہ بادشاهہ آهن.


هڪڙي ٻي رويا ۾ مون پنهنجي اڳيان چار سڱ ڏٺا.


مون وري هڪڙي ٻي رويا ڏٺي، جنهن ۾ مون هڪڙي شخص کي پنهنجي اڳيان لنگھندي ڏٺو. سندس هٿ ۾ ماپ واري ڏوري هئي.


مون وري رويا ڏٺي، جنهن ۾ چمڙي جو هڪڙو ويڙهوٽو اڏامندي ڏٺم.


تڏهن رويا سمجھائڻ واري انهيءَ ملائڪ اڳتي وڌي اچي مون کي چيو تہ ”نهاري ڏس تہ هي جيڪا شيءِ اچي رهي آهي سا ڇا آهي.“


وري جو نهاريان تہ ڇا ڏسان تہ ٻہ عورتون آهن، جن کي لقلق پکيءَ جهڙا پر آهن. اهي هوا ۾ اڏامنديون اچي رهيون هيون. پوءِ مون ڏٺو تہ اهي انهيءَ گُندڙي کي کڻي هوا ۾ اڏامي هليون ويون.


مون وري رويا ڏٺي، جنهن ۾ پتل جي ٻن جبلن منجھان چار جنگي گھوڙي گاڏيون نڪرندي ڏٺم.


هن ڏٺو تہ بني اسرائيل پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب رهيل هئا. تڏهن اتي خدا جو روح مٿس نازل ٿيو


يشوع جڏهن يريحو شهر جي ويجھو اچي پهتو تہ اوچتو ڏٺائين تہ هڪڙو ماڻهو سندس سامهون پنهنجي هٿ ۾ اگھاڙي تلوار ڪڍيو بيٺو آهي. يشوع وٽس ويو ۽ کانئس پڇيائين تہ ”تون اسان جي طرف آهين يا اسان جي دشمنن جي طرف؟“


پوءِ مون هڪڙي ٻئي حيوان کي زمين مان نڪرندي ڏٺو، جنهن کي گھيٽڙي وانگر ٻہ سڱ هئا، پر هن ازدها وانگر ٿي ڳالهايو.


پوءِ مون چئن ساهوارن ۽ انهن بزرگن جي وچ ۾ رکيل انهيءَ تخت وٽ هڪڙو گھيٽڙو بيٺل ڏٺو. ائين ٿي لڳو تہ هن کي ڪُٺو ويو هجي. انهيءَ کي ست سڱ ۽ ست اکيون هيون. اهي اکيون خدا جا ست روح آهن جيڪي سڄي ڌرتيءَ تي موڪليا ويا آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan