Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




دانيال 8:12 - Muslim Sindhi Bible

12 ان سڱ اهو آسماني لشڪر پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ۽ روزانو وارين قربانين جي جاءِ تي پليتي رکيائين. شريعت واري راهہ کي هن ڊاهي ڦٽو ڪيو. کيس جيئن ٿي وڻيو تيئن ٿي ڪيائين ۽ ڪامياب پئي رهيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 ۽ لشڪر، انهي مدامي سوختني قربانيءَ سميت، گناهہ جي سبب، انهي جي حوالي ڪيو ويو؛ ۽ انهي سچائيءَ کي هيٺ زمين تي ڪيرائي وڌو، ۽ جيئن وڻيس تيئن ٿي ڪيائين، ۽ ڪامياب پئي ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




دانيال 8:12
14 Iomraidhean Croise  

جڏهن تہ جيڪي ڦورو آهن، سي پنهنجي گھرن ۾ آرام سان ٿا رهن، ۽ جيڪي خدا کي ڪاوڙائين ٿا سي صحيح سلامت آهن، خدا وري تن کي ئي پنهنجي هٿن جي ڇانوَ ۾ ٿو رکي.


تنهنجي سچائي ابدي سچائي آهي، تنهنجي شريعت بلڪل سچي آهي.


تنهنجي قاعدن قانونن تي ئي منهنجي اميد آهي، سو حق جي انهن ڳالهين کي منهنجي واتان جدا ٿيڻ نہ ڏجانءِ.


جيئن تہ اي خداوند! اهي تنهنجي ڪمن ۽ دستڪاريءَ کي حقير ٿا ڄاڻن. تنهنڪري تون کين ڊاهي ڪيراءِ، ۽ وري کڙو نہ ڪرين.


سو انصاف اسان کان پري هليو ويو آهي، ۽ اسان جو بچاءُ اسان کي ڏسڻ ۾ ئي نہ ٿو اچي. انهيءَ سبب جو سچائي ۽ ايمانداري اسان ۾ رهي ئي ڪانهي. اهي ڄڻ ڪنهن چونڪ تي ٿاٻو کائي ڪري پيون آهن.


اي خداوند! جيڪڏهن آءٌ تو سان بحث ڪريان تہ تون ئي سچو ثابت ٿيندين. تنهن هوندي بہ آءٌ تو سان تنهنجي انصاف بابت ڳالهائڻ ٿو گھران تہ بڇڙائي ڪندڙ ڇو خوشحال رهن ٿا؟ سمورا دغابازي ڪندڙ ڇو آرام ۾ ٿا گذارين؟


تنهن بعد شام جو بادشاهہ گھڻو ئي مالِ‌غنيمت کڻي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽندو. پر جيئن تہ هن جي دل انهيءَ عهد جي خلاف هوندي جيڪو خدا ۽ سندس قوم جي وچ ۾ ٿيل آهي، سو بني اسرائيل جي ملڪ وٽان گذرندي جيئن وڻندس تيئن کين نقصان پهچائيندو ويندو.


مون ڏٺو هو تہ انهيءَ سڱ چونڊيل بندن سان جنگ ٿي ڪئي ۽ انهن تي غالب ٿي آيو.


مون ڏٺو تہ گھٽو اولهہ، اتر ۽ ڏکڻ طرف ٽڪر هڻي رهيو هو. سندس آڏو ڪوبہ جانور بيهي نہ ٿي سگھيو، نڪي وري ڪو کانئس ڇڏائي ٿي سگھيو. هن کي جيئن ٿي وڻيو تيئن ٿي ڪيائين، ايتري قدر جو هو پنهنجي طاقت جو وڌيڪ اظهار ڪندو رهيو.


انهيءَ کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن سان جنگ ڪري کين شڪست ڏئي. هن کي سڀني قومن، قبيلن، ٻولين وارن ۽ ذاتين تي حڪمرانيءَ جو اختيار ڏنو ويو.


دائود کي جڏهن اها خبر پيئي تہ سائول کيس نقصان پهچائڻ جا منصوبا پيو جوڙي، تڏهن هن ابي‌ياتر ڪاهن کي چيو تہ ”مذهبي وڳو کڻي اچ.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan