Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




دانيال 8:1 - Muslim Sindhi Bible

1 بادشاهہ بيلشضر جي شهنشاهيءَ جي ٽئين سال مون دانيال هڪڙي ٻي رويا ڏٺي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 بادشاهہ بيلشضر جي بادشاهت جي ٽئين سال ۾ هڪڙو رويا مون کي، يعني مون داني ايل کي ٻيو ڀيرو ڏسڻ ۾ آيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




دانيال 8:1
11 Iomraidhean Croise  

ٽيهين سال جي چوٿين مهيني جي پنجين تاريخ تي آءٌ حزقي‌ايل ڪاهن ولد بُوزي بابل ملڪ جي ڪبار نهر جي ڪناري ٻين يهوداہ وارن سان گڏ جلاوطن هئس. اتي اوچتو مون ڏٺو تہ آسمان کُلي پيو ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي خدا مون کي رويائون ڏيکارڻ شروع ڪيون.


هاڻ خدا انهن چئني نوجوانن کي هر قسم جي علم وَ ادب ۾ مهارت ۽ ڏاهپ عطا ڪئي. هن دانيال کي سڀني رويائن ۽ خوابن جي سمجھہ پڻ عطا ڪئي.


انهن ڏينهن ۾ مون دانيال پورن ٽن هفتن تائين سوڳ پئي ڪيو.


رڳو مون دانيال ئي اها رويا ڏٺي، جڏهن تہ جيڪي ماڻهو مون سان گڏ هئا تن اها رويا نہ ڏٺي. پر انهن کي ايتري تہ سخت ڏڪڻي وٺي ويئي جو پاڻ کي لڪائڻ لاءِ وٺي ڀڳا.


پر جڏهن هو اوج تي پهچندو، تڏهن سندس شهنشاهت جون پاڙون پٽجي وينديون ۽ اها ٽڪرا ٽڪرا ٿي چئن حصن ۾ ورهائجي ويندي. انهيءَ مان ڪوبہ حصو سندس اولاد کي نہ ملندو، بلڪ اهي سڀ حصا ٻين جي حوالي ٿيندا. انهن حصن جي حشمت سندس حڪومت جهڙي نہ رهندي.


بابل جي بادشاهہ بيلشضر جي شهنشاهيءَ جي پهرئين سال آءٌ دانيال هڪ رات پنهنجي بستري تي ستو پيو هئس تہ مون هڪ رويا ڏٺي. پوءِ مون اها رويا لکي ڇڏي، جنهن جو خلاصو هن طرح آهي.


رويا ۾ اهي ڳالهيون ڏسندي آءٌ دانيال پريشان ٿي ويس ۽ مون کي بي‌قراري وٺي ويئي.


اهي ئي ڳالهيون هيون جيڪي مون رويا ۾ ڏٺيون ۽ ٻڌيون، جڏهن تہ انهن کي مون پنهنجيءَ دل ۾ ئي سانڍي رکيو. باقي مون دانيال کي منهنجي خيالن ڏاڍو بي‌قرار ڪري ڇڏيو ۽ خوف وچان منهنجي منهن جو رنگ ڦٽي ويو.


انهيءَ رويا جي آخر ۾ جڏهن آءٌ دانيال انهيءَ جي مطلب سمجھڻ جي فڪر ۾ هئس تہ اوچتو انساني صورت ۾ ڪو منهنجي سامهون اچي بيٺو.


هن رويا ۾ مون پاڻ کي بابل جي عيلام صوبي جي گاديءَ ۽ ڪوٽ واري شهر سوسن جي ڀرسان اُولائي واهہ وٽ بيٺل ڏٺو.


سندس بادشاهيءَ جي پهرئين سال، مون دانيال پاڪ لکتن جو مطالعو ڪندي يرمياہ نبيءَ جي ذريعي مليل خداوند جي ڪلام مان ڄاڻي ورتو تہ ”يروشلم جي ويراني ستر سالن تائين رهندي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan